Surah 78: An-Naba — النبأ

عَمَّ يَتَسَآءَلُونَ
ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.
عَنِ ٱلنَّبَإِ ٱلْعَظِيمِ
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.
ٱلَّذِى هُمْ فِيهِ مُخْتَلِفُونَ
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.
كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
ثُمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
أَلَمْ نَجْعَلِ ٱلْأَرْضَ مِهَٰدًۭا
زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟
وَٱلْجِبَالَ أَوْتَادًۭا
۽ جبلن کي ميخون؟
وَخَلَقْنَٰكُمْ أَزْوَٰجًۭا
۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.
وَجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًۭا
۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.
وَجَعَلْنَا ٱلَّيْلَ لِبَاسًۭا
۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.
وَجَعَلْنَا ٱلنَّهَارَ مَعَاشًۭا
۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.
وَبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًۭا شِدَادًۭا
۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.
وَجَعَلْنَا سِرَاجًۭا وَهَّاجًۭا
۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.
وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلْمُعْصِرَٰتِ مَآءًۭ ثَجَّاجًۭا
۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.
لِّنُخْرِجَ بِهِۦ حَبًّۭا وَنَبَاتًۭا
ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.
وَجَنَّٰتٍ أَلْفَافًا
۽ گھاٽاباغ (به).
إِنَّ يَوْمَ ٱلْفَصْلِ كَانَ مِيقَٰتًۭا
بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.
يَوْمَ يُنفَخُ فِى ٱلصُّورِ فَتَأْتُونَ أَفْوَاجًۭا
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
وَفُتِحَتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتْ أَبْوَٰبًۭا
۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.
وَسُيِّرَتِ ٱلْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا
۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.
إِنَّ جَهَنَّمَ كَانَتْ مِرْصَادًۭا
بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.
لِّلطَّٰغِينَ مَـَٔابًۭا
جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.
لَّٰبِثِينَ فِيهَآ أَحْقَابًۭا
منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.
لَّا يَذُوقُونَ فِيهَا بَرْدًۭا وَلَا شَرَابًا
اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.
إِلَّا حَمِيمًۭا وَغَسَّاقًۭا
تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.
جَزَآءًۭ وِفَاقًا
(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.
إِنَّهُمْ كَانُوا۟ لَا يَرْجُونَ حِسَابًۭا
ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.
وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا كِذَّابًۭا
۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.
وَكُلَّ شَىْءٍ أَحْصَيْنَٰهُ كِتَٰبًۭا
۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.
فَذُوقُوا۟ فَلَن نَّزِيدَكُمْ إِلَّا عَذَابًا
پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.
إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ مَفَازًا
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.
حَدَآئِقَ وَأَعْنَٰبًۭا
جو باغ ۽ ڊاکون.
وَكَوَاعِبَ أَتْرَابًۭا
۽ ھم عمر نوجوان زالون.
وَكَأْسًۭا دِهَاقًۭا
۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).
لَّا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًۭا وَلَا كِذَّٰبًۭا
اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.
جَزَآءًۭ مِّن رَّبِّكَ عَطَآءً حِسَابًۭا
(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.
رَّبِّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ٱلرَّحْمَٰنِ ۖ لَا يَمْلِكُونَ مِنْهُ خِطَابًۭا
جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.
يَوْمَ يَقُومُ ٱلرُّوحُ وَٱلْمَلَٰٓئِكَةُ صَفًّۭا ۖ لَّا يَتَكَلَّمُونَ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ ٱلرَّحْمَٰنُ وَقَالَ صَوَابًۭا
جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.
ذَٰلِكَ ٱلْيَوْمُ ٱلْحَقُّ ۖ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ مَـَٔابًا
اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.
إِنَّآ أَنذَرْنَٰكُمْ عَذَابًۭا قَرِيبًۭا يَوْمَ يَنظُرُ ٱلْمَرْءُ مَا قَدَّمَتْ يَدَاهُ وَيَقُولُ ٱلْكَافِرُ يَٰلَيْتَنِى كُنتُ تُرَٰبًۢا
بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.

Surah 79: An-Naziat — النازعات

وَٱلنَّٰزِعَٰتِ غَرْقًۭا
اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.
وَٱلنَّٰشِطَٰتِ نَشْطًۭا
۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.
وَٱلسَّٰبِحَٰتِ سَبْحًۭا
۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.
فَٱلسَّٰبِقَٰتِ سَبْقًۭا
پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.
فَٱلْمُدَبِّرَٰتِ أَمْرًۭا
پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.
يَوْمَ تَرْجُفُ ٱلرَّاجِفَةُ
ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.
تَتْبَعُهَا ٱلرَّادِفَةُ
ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.
قُلُوبٌۭ يَوْمَئِذٍۢ وَاجِفَةٌ
تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.
أَبْصَٰرُهَا خَٰشِعَةٌۭ
انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.
يَقُولُونَ أَءِنَّا لَمَرْدُودُونَ فِى ٱلْحَافِرَةِ
چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟
أَءِذَا كُنَّا عِظَٰمًۭا نَّخِرَةًۭ
ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟
قَالُوا۟ تِلْكَ إِذًۭا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌۭ
چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.
فَإِنَّمَا هِىَ زَجْرَةٌۭ وَٰحِدَةٌۭ
پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.
فَإِذَا هُم بِٱلسَّاهِرَةِ
پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.
هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ مُوسَىٰٓ
(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟
إِذْ نَادَىٰهُ رَبُّهُۥ بِٱلْوَادِ ٱلْمُقَدَّسِ طُوًى
جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.
ٱذْهَبْ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ إِنَّهُۥ طَغَىٰ
ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.
فَقُلْ هَل لَّكَ إِلَىٰٓ أَن تَزَكَّىٰ
پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟
وَأَهْدِيَكَ إِلَىٰ رَبِّكَ فَتَخْشَىٰ
۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.
فَأَرَىٰهُ ٱلْءَايَةَ ٱلْكُبْرَىٰ
پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.
فَكَذَّبَ وَعَصَىٰ
پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.
ثُمَّ أَدْبَرَ يَسْعَىٰ
وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.
فَحَشَرَ فَنَادَىٰ
پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.
فَقَالَ أَنَا۠ رَبُّكُمُ ٱلْأَعْلَىٰ
پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.
فَأَخَذَهُ ٱللَّهُ نَكَالَ ٱلْءَاخِرَةِ وَٱلْأُولَىٰٓ
پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.
إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَعِبْرَةًۭ لِّمَن يَخْشَىٰٓ
بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.
ءَأَنتُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَمِ ٱلسَّمَآءُ ۚ بَنَىٰهَا
ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟
رَفَعَ سَمْكَهَا فَسَوَّىٰهَا
اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.
وَأَغْطَشَ لَيْلَهَا وَأَخْرَجَ ضُحَىٰهَا
۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.
وَٱلْأَرْضَ بَعْدَ ذَٰلِكَ دَحَىٰهَآ
۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.
أَخْرَجَ مِنْهَا مَآءَهَا وَمَرْعَىٰهَا
اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.
وَٱلْجِبَالَ أَرْسَىٰهَا
۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.
مَتَٰعًۭا لَّكُمْ وَلِأَنْعَٰمِكُمْ
اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.
فَإِذَا جَآءَتِ ٱلطَّآمَّةُ ٱلْكُبْرَىٰ
پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.
يَوْمَ يَتَذَكَّرُ ٱلْإِنسَٰنُ مَا سَعَىٰ
اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.
وَبُرِّزَتِ ٱلْجَحِيمُ لِمَن يَرَىٰ
۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.
فَأَمَّا مَن طَغَىٰ
پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.
وَءَاثَرَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا
۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.
فَإِنَّ ٱلْجَحِيمَ هِىَ ٱلْمَأْوَىٰ
تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.
وَأَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِۦ وَنَهَى ٱلنَّفْسَ عَنِ ٱلْهَوَىٰ
۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.
فَإِنَّ ٱلْجَنَّةَ هِىَ ٱلْمَأْوَىٰ
پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.
يَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلسَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَىٰهَا
(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟
فِيمَ أَنتَ مِن ذِكْرَىٰهَآ
(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟
إِلَىٰ رَبِّكَ مُنتَهَىٰهَآ
اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.
إِنَّمَآ أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخْشَىٰهَا
جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.
كَأَنَّهُمْ يَوْمَ يَرَوْنَهَا لَمْ يَلْبَثُوٓا۟ إِلَّا عَشِيَّةً أَوْ ضُحَىٰهَا
جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.

Surah 80: Abasa — عبس

عَبَسَ وَتَوَلَّىٰٓ
مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين.
أَن جَآءَهُ ٱلْأَعْمَىٰ
ھن ڪري جو وٽس نابين آيو.
وَمَا يُدْرِيكَ لَعَلَّهُۥ يَزَّكَّىٰٓ
۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا.
أَوْ يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ ٱلذِّكْرَىٰٓ
يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا.
أَمَّا مَنِ ٱسْتَغْنَىٰ
پر جنھن بي پرواھي ڪئي.
فَأَنتَ لَهُۥ تَصَدَّىٰ
پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين.
وَمَا عَلَيْكَ أَلَّا يَزَّكَّىٰ
ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي.
وَأَمَّا مَن جَآءَكَ يَسْعَىٰ
۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو.
وَهُوَ يَخْشَىٰ
۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو.
فَأَنتَ عَنْهُ تَلَهَّىٰ
پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو.
كَلَّآ إِنَّهَا تَذْكِرَةٌۭ
ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي.
فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ
پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي.
فِى صُحُفٍۢ مُّكَرَّمَةٍۢ
(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن.
مَّرْفُوعَةٍۢ مُّطَهَّرَةٍۭ
جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن.
بِأَيْدِى سَفَرَةٍۢ
لکندڙن جي ھٿن ۾.
كِرَامٍۭ بَرَرَةٍۢ
جي سڳورا ڀلارا آھن.
قُتِلَ ٱلْإِنسَٰنُ مَآ أَكْفَرَهُۥ
ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي.
مِنْ أَىِّ شَىْءٍ خَلَقَهُۥ
(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.
مِن نُّطْفَةٍ خَلَقَهُۥ فَقَدَّرَهُۥ
مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس.
ثُمَّ ٱلسَّبِيلَ يَسَّرَهُۥ
وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس.
ثُمَّ أَمَاتَهُۥ فَأَقْبَرَهُۥ
وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس.
ثُمَّ إِذَا شَآءَ أَنشَرَهُۥ
وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو.
كَلَّا لَمَّا يَقْضِ مَآ أَمَرَهُۥ
ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين.
فَلْيَنظُرِ ٱلْإِنسَٰنُ إِلَىٰ طَعَامِهِۦٓ
پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي.
أَنَّا صَبَبْنَا ٱلْمَآءَ صَبًّۭا
ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو.
ثُمَّ شَقَقْنَا ٱلْأَرْضَ شَقًّۭا
وري زمين کي پوري طرح چيريوسون.
فَأَنۢبَتْنَا فِيهَا حَبًّۭا
پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون.
وَعِنَبًۭا وَقَضْبًۭا
۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون.
وَزَيْتُونًۭا وَنَخْلًۭا
۽ زيتون ۽ کجيون.
وَحَدَآئِقَ غُلْبًۭا
۽ گھاٽا باغ.
وَفَٰكِهَةًۭ وَأَبًّۭا
۽ ميوو ۽ گاھ (به).
مَّتَٰعًۭا لَّكُمْ وَلِأَنْعَٰمِكُمْ
اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ.
فَإِذَا جَآءَتِ ٱلصَّآخَّةُ
پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي.
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ
انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.
وَأُمِّهِۦ وَأَبِيهِ
۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان.
وَصَٰحِبَتِهِۦ وَبَنِيهِ
۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو.
لِكُلِّ ٱمْرِئٍۢ مِّنْهُمْ يَوْمَئِذٍۢ شَأْنٌۭ يُغْنِيهِ
انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي.
وُجُوهٌۭ يَوْمَئِذٍۢ مُّسْفِرَةٌۭ
ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا.
ضَاحِكَةٌۭ مُّسْتَبْشِرَةٌۭ
کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا.
وَوُجُوهٌۭ يَوْمَئِذٍ عَلَيْهَا غَبَرَةٌۭ
۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي.
تَرْهَقُهَا قَتَرَةٌ
جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي.
أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْكَفَرَةُ ٱلْفَجَرَةُ
اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن.

Surah 81: At-Takwir — التكوير

إِذَا ٱلشَّمْسُ كُوِّرَتْ
جڏھن سج ويڙھبو.
وَإِذَا ٱلنُّجُومُ ٱنكَدَرَتْ
۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا.
وَإِذَا ٱلْجِبَالُ سُيِّرَتْ
۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا.
وَإِذَا ٱلْعِشَارُ عُطِّلَتْ
۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون.
وَإِذَا ٱلْوُحُوشُ حُشِرَتْ
۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا.
وَإِذَا ٱلْبِحَارُ سُجِّرَتْ
۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا.
وَإِذَا ٱلنُّفُوسُ زُوِّجَتْ
۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا.
وَإِذَا ٱلْمَوْءُۥدَةُ سُئِلَتْ
۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته.
بِأَىِّ ذَنۢبٍۢ قُتِلَتْ
ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي.
وَإِذَا ٱلصُّحُفُ نُشِرَتْ
۽ جڏھن اعمالناما کولبا.
وَإِذَا ٱلسَّمَآءُ كُشِطَتْ
۽ جڏھن آسمان ڇلبو.
وَإِذَا ٱلْجَحِيمُ سُعِّرَتْ
۽ جڏھن دوزخ ٻاربو.
وَإِذَا ٱلْجَنَّةُ أُزْلِفَتْ
۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو.
عَلِمَتْ نَفْسٌۭ مَّآ أَحْضَرَتْ
(تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو.
فَلَآ أُقْسِمُ بِٱلْخُنَّسِ
پوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو.
ٱلْجَوَارِ ٱلْكُنَّسِ
جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن.
وَٱلَّيْلِ إِذَا عَسْعَسَ
۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي.
وَٱلصُّبْحِ إِذَا تَنَفَّسَ
۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي.
إِنَّهُۥ لَقَوْلُ رَسُولٍۢ كَرِيمٍۢ
ته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي.
ذِى قُوَّةٍ عِندَ ذِى ٱلْعَرْشِ مَكِينٍۢ
جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي.
مُّطَاعٍۢ ثَمَّ أَمِينٍۢ
جو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي.
وَمَا صَاحِبُكُم بِمَجْنُونٍۢ
۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي.
وَلَقَدْ رَءَاهُ بِٱلْأُفُقِ ٱلْمُبِينِ
۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي.
وَمَا هُوَ عَلَى ٱلْغَيْبِ بِضَنِينٍۢ
۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي.
وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَيْطَٰنٍۢ رَّجِيمٍۢ
۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي.
فَأَيْنَ تَذْهَبُونَ
پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟
إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌۭ لِّلْعَٰلَمِينَ
ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي.
لِمَن شَآءَ مِنكُمْ أَن يَسْتَقِيمَ
اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي.
وَمَا تَشَآءُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ رَبُّ ٱلْعَٰلَمِينَ
۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ.

Surah 82: Al-Infitar — الإنفطار

إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنفَطَرَتْ
جڏھن آسمان ڦاٽندو.
وَإِذَا ٱلْكَوَاكِبُ ٱنتَثَرَتْ
۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.
وَإِذَا ٱلْبِحَارُ فُجِّرَتْ
۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.
وَإِذَا ٱلْقُبُورُ بُعْثِرَتْ
۽ جڏھن قبرون پٽبيون.
عَلِمَتْ نَفْسٌۭ مَّا قَدَّمَتْ وَأَخَّرَتْ
(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلْإِنسَٰنُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ ٱلْكَرِيمِ
اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟
ٱلَّذِى خَلَقَكَ فَسَوَّىٰكَ فَعَدَلَكَ
جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.
فِىٓ أَىِّ صُورَةٍۢ مَّا شَآءَ رَكَّبَكَ
جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.
كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُونَ بِٱلدِّينِ
ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.
وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَٰفِظِينَ
۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.
كِرَامًۭا كَٰتِبِينَ
سڳورا لکڻ وارا.
يَعْلَمُونَ مَا تَفْعَلُونَ
جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.
إِنَّ ٱلْأَبْرَارَ لَفِى نَعِيمٍۢ
بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.
وَإِنَّ ٱلْفُجَّارَ لَفِى جَحِيمٍۢ
۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.
يَصْلَوْنَهَا يَوْمَ ٱلدِّينِ
عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.
وَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَآئِبِينَ
۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلدِّينِ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
ثُمَّ مَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلدِّينِ
وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
يَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌۭ لِّنَفْسٍۢ شَيْـًۭٔا ۖ وَٱلْأَمْرُ يَوْمَئِذٍۢ لِّلَّهِ
اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.

Surah 83: Al-Mutaffifin — المطففين

وَيْلٌۭ لِّلْمُطَفِّفِينَ
(تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي.
ٱلَّذِينَ إِذَا ٱكْتَالُوا۟ عَلَى ٱلنَّاسِ يَسْتَوْفُونَ
جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن.
وَإِذَا كَالُوهُمْ أَو وَّزَنُوهُمْ يُخْسِرُونَ
۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن.
أَلَا يَظُنُّ أُو۟لَٰٓئِكَ أَنَّهُم مَّبْعُوثُونَ
اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو.
لِيَوْمٍ عَظِيمٍۢ
اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ.
يَوْمَ يَقُومُ ٱلنَّاسُ لِرَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا.
كَلَّآ إِنَّ كِتَٰبَ ٱلْفُجَّارِ لَفِى سِجِّينٍۢ
سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا سِجِّينٌۭ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟
كِتَٰبٌۭ مَّرْقُومٌۭ
ھڪ لکيل دفتر آھي.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي.
ٱلَّذِينَ يُكَذِّبُونَ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ
جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
وَمَا يُكَذِّبُ بِهِۦٓ إِلَّا كُلُّ مُعْتَدٍ أَثِيمٍ
۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو.
إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ءَايَٰتُنَا قَالَ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ
جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن.
كَلَّا ۖ بَلْ ۜ رَانَ عَلَىٰ قُلُوبِهِم مَّا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي.
كَلَّآ إِنَّهُمْ عَن رَّبِّهِمْ يَوْمَئِذٍۢ لَّمَحْجُوبُونَ
ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا.
ثُمَّ إِنَّهُمْ لَصَالُوا۟ ٱلْجَحِيمِ
وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا.
ثُمَّ يُقَالُ هَٰذَا ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ.
كَلَّآ إِنَّ كِتَٰبَ ٱلْأَبْرَارِ لَفِى عِلِّيِّينَ
سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا عِلِّيُّونَ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟
كِتَٰبٌۭ مَّرْقُومٌۭ
ھڪ لکيل دفتر آھي.
يَشْهَدُهُ ٱلْمُقَرَّبُونَ
اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن.
إِنَّ ٱلْأَبْرَارَ لَفِى نَعِيمٍ
بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا.
عَلَى ٱلْأَرَآئِكِ يَنظُرُونَ
تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا.
تَعْرِفُ فِى وُجُوهِهِمْ نَضْرَةَ ٱلنَّعِيمِ
(سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين.
يُسْقَوْنَ مِن رَّحِيقٍۢ مَّخْتُومٍ
مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن.
خِتَٰمُهُۥ مِسْكٌۭ ۚ وَفِى ذَٰلِكَ فَلْيَتَنَافَسِ ٱلْمُتَنَٰفِسُونَ
جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن.
وَمِزَاجُهُۥ مِن تَسْنِيمٍ
اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي.
عَيْنًۭا يَشْرَبُ بِهَا ٱلْمُقَرَّبُونَ
جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا.
إِنَّ ٱلَّذِينَ أَجْرَمُوا۟ كَانُوا۟ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ يَضْحَكُونَ
بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا.
وَإِذَا مَرُّوا۟ بِهِمْ يَتَغَامَزُونَ
۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا.
وَإِذَا ٱنقَلَبُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَهْلِهِمُ ٱنقَلَبُوا۟ فَكِهِينَ
۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا.
وَإِذَا رَأَوْهُمْ قَالُوٓا۟ إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ لَضَآلُّونَ
۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن.
وَمَآ أُرْسِلُوا۟ عَلَيْهِمْ حَٰفِظِينَ
۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا.
فَٱلْيَوْمَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنَ ٱلْكُفَّارِ يَضْحَكُونَ
تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا.
عَلَى ٱلْأَرَآئِكِ يَنظُرُونَ
تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا.
هَلْ ثُوِّبَ ٱلْكُفَّارُ مَا كَانُوا۟ يَفْعَلُونَ
(۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا.

Surah 84: Al-Inshiqaq — الإنشقاق

إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنشَقَّتْ
جڏھن آسمان ڦاٽندو.
وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
وَإِذَا ٱلْأَرْضُ مُدَّتْ
۽ جڏھن زمين پکيڙبي.
وَأَلْقَتْ مَا فِيهَا وَتَخَلَّتْ
۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي.
وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلْإِنسَٰنُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَىٰ رَبِّكَ كَدْحًۭا فَمُلَٰقِيهِ
اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين.
فَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ
پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو.
فَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًۭا يَسِيرًۭا
تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو.
وَيَنقَلِبُ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ مَسْرُورًۭا
۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو.
وَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَٰبَهُۥ وَرَآءَ ظَهْرِهِۦ
۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو.
فَسَوْفَ يَدْعُوا۟ ثُبُورًۭا
سو سگھوئي موت کي سڏيندو.
وَيَصْلَىٰ سَعِيرًا
۽ دوزخ ۾ گھڙندو.
إِنَّهُۥ كَانَ فِىٓ أَهْلِهِۦ مَسْرُورًا
ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو.
إِنَّهُۥ ظَنَّ أَن لَّن يَحُورَ
بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو.
بَلَىٰٓ إِنَّ رَبَّهُۥ كَانَ بِهِۦ بَصِيرًۭا
ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي.
فَلَآ أُقْسِمُ بِٱلشَّفَقِ
پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو.
وَٱلَّيْلِ وَمَا وَسَقَ
۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس.
وَٱلْقَمَرِ إِذَا ٱتَّسَقَ
۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي.
لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍۢ
ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ.
فَمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن.
وَإِذَا قُرِئَ عَلَيْهِمُ ٱلْقُرْءَانُ لَا يَسْجُدُونَ ۩
۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن.
بَلِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ يُكَذِّبُونَ
بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُوعُونَ
۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍۭ
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.

Surah 85: Al-Buruj — البروج

وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلْبُرُوجِ
بُرجن واري آسمان جو قسم آھي.
وَٱلْيَوْمِ ٱلْمَوْعُودِ
۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي.
وَشَاهِدٍۢ وَمَشْهُودٍۢ
۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي.
قُتِلَ أَصْحَٰبُ ٱلْأُخْدُودِ
ته کاھين وارا ماريا وڃن.
ٱلنَّارِ ذَاتِ ٱلْوَقُودِ
جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي.
إِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُودٌۭ
جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا.
وَهُمْ عَلَىٰ مَا يَفْعَلُونَ بِٱلْمُؤْمِنِينَ شُهُودٌۭ
۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا.
وَمَا نَقَمُوا۟ مِنْهُمْ إِلَّآ أَن يُؤْمِنُوا۟ بِٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَمِيدِ
۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو.
ٱلَّذِى لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ شَهِيدٌ
جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُوا۟ ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَٰتِ ثُمَّ لَمْ يَتُوبُوا۟ فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ ٱلْحَرِيقِ
بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُمْ جَنَّٰتٌۭ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ ۚ ذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْكَبِيرُ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
إِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيدٌ
بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي.
إِنَّهُۥ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيدُ
بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو.
وَهُوَ ٱلْغَفُورُ ٱلْوَدُودُ
۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي.
ذُو ٱلْعَرْشِ ٱلْمَجِيدُ
(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي.
فَعَّالٌۭ لِّمَا يُرِيدُ
جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي.
هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ٱلْجُنُودِ
تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟
فِرْعَوْنَ وَثَمُودَ
(يعني) فرعون ۽ ثمود جي.
بَلِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فِى تَكْذِيبٍۢ
بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن.
وَٱللَّهُ مِن وَرَآئِهِم مُّحِيطٌۢ
۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي.
بَلْ هُوَ قُرْءَانٌۭ مَّجِيدٌۭ
بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي.
فِى لَوْحٍۢ مَّحْفُوظٍۭ
حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي.

Surah 86: At-Tariq — الطارق

وَٱلسَّمَآءِ وَٱلطَّارِقِ
آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا ٱلطَّارِقُ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟
ٱلنَّجْمُ ٱلثَّاقِبُ
(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.
إِن كُلُّ نَفْسٍۢ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌۭ
ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.
فَلْيَنظُرِ ٱلْإِنسَٰنُ مِمَّ خُلِقَ
تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.
خُلِقَ مِن مَّآءٍۢ دَافِقٍۢ
ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.
يَخْرُجُ مِنۢ بَيْنِ ٱلصُّلْبِ وَٱلتَّرَآئِبِ
جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.
إِنَّهُۥ عَلَىٰ رَجْعِهِۦ لَقَادِرٌۭ
بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.
يَوْمَ تُبْلَى ٱلسَّرَآئِرُ
جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.
فَمَا لَهُۥ مِن قُوَّةٍۢ وَلَا نَاصِرٍۢ
پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).
وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلرَّجْعِ
۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.
وَٱلْأَرْضِ ذَاتِ ٱلصَّدْعِ
۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.
إِنَّهُۥ لَقَوْلٌۭ فَصْلٌۭ
ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.
وَمَا هُوَ بِٱلْهَزْلِ
۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.
إِنَّهُمْ يَكِيدُونَ كَيْدًۭا
بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.
وَأَكِيدُ كَيْدًۭا
۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.
فَمَهِّلِ ٱلْكَٰفِرِينَ أَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًۢا
پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.

Surah 87: Al-Ala — الأعلى

سَبِّحِ ٱسْمَ رَبِّكَ ٱلْأَعْلَى
(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.
ٱلَّذِى خَلَقَ فَسَوَّىٰ
جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.
وَٱلَّذِى قَدَّرَ فَهَدَىٰ
۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.
وَٱلَّذِىٓ أَخْرَجَ ٱلْمَرْعَىٰ
۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو.
فَجَعَلَهُۥ غُثَآءً أَحْوَىٰ
پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.
سَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنسَىٰٓ
اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.
إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُ ۚ إِنَّهُۥ يَعْلَمُ ٱلْجَهْرَ وَمَا يَخْفَىٰ
مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).
وَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرَىٰ
۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.
فَذَكِّرْ إِن نَّفَعَتِ ٱلذِّكْرَىٰ
پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.
سَيَذَّكَّرُ مَن يَخْشَىٰ
جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.
وَيَتَجَنَّبُهَا ٱلْأَشْقَى
۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.
ٱلَّذِى يَصْلَى ٱلنَّارَ ٱلْكُبْرَىٰ
جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو.
ثُمَّ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيَىٰ
وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.
قَدْ أَفْلَحَ مَن تَزَكَّىٰ
بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.
وَذَكَرَ ٱسْمَ رَبِّهِۦ فَصَلَّىٰ
۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.
بَلْ تُؤْثِرُونَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا
بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.
وَٱلْءَاخِرَةُ خَيْرٌۭ وَأَبْقَىٰٓ
۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.
إِنَّ هَٰذَا لَفِى ٱلصُّحُفِ ٱلْأُولَىٰ
بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.
صُحُفِ إِبْرَٰهِيمَ وَمُوسَىٰ
جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.

Surah 88: Al-Ghashiyah — الغاشية

هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ٱلْغَٰشِيَةِ
(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟
وُجُوهٌۭ يَوْمَئِذٍ خَٰشِعَةٌ
اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.
عَامِلَةٌۭ نَّاصِبَةٌۭ
ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.
تَصْلَىٰ نَارًا حَامِيَةًۭ
ٻرندڙ باھ ۾ پوندا.
تُسْقَىٰ مِنْ عَيْنٍ ءَانِيَةٍۢ
بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.
لَّيْسَ لَهُمْ طَعَامٌ إِلَّا مِن ضَرِيعٍۢ
ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.
لَّا يُسْمِنُ وَلَا يُغْنِى مِن جُوعٍۢ
(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.
وُجُوهٌۭ يَوْمَئِذٍۢ نَّاعِمَةٌۭ
ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.
لِّسَعْيِهَا رَاضِيَةٌۭ
پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.
فِى جَنَّةٍ عَالِيَةٍۢ
مٿاھين بھشت ۾ ھوندا.
لَّا تَسْمَعُ فِيهَا لَٰغِيَةًۭ
اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.
فِيهَا عَيْنٌۭ جَارِيَةٌۭ
اُتي چشما وھندڙ آھن.
فِيهَا سُرُرٌۭ مَّرْفُوعَةٌۭ
اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل.
وَأَكْوَابٌۭ مَّوْضُوعَةٌۭ
۽ آبخورا رکيل.
وَنَمَارِقُ مَصْفُوفَةٌۭ
۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.
وَزَرَابِىُّ مَبْثُوثَةٌ
۽ غاليچا وڇايل آھن.
أَفَلَا يَنظُرُونَ إِلَى ٱلْإِبِلِ كَيْفَ خُلِقَتْ
(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.
وَإِلَى ٱلسَّمَآءِ كَيْفَ رُفِعَتْ
۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.
وَإِلَى ٱلْجِبَالِ كَيْفَ نُصِبَتْ
۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.
وَإِلَى ٱلْأَرْضِ كَيْفَ سُطِحَتْ
۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.
فَذَكِّرْ إِنَّمَآ أَنتَ مُذَكِّرٌۭ
پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.
لَّسْتَ عَلَيْهِم بِمُصَيْطِرٍ
تون مٿن ڪو داروغو نه آھين.
إِلَّا مَن تَوَلَّىٰ وَكَفَرَ
پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.
فَيُعَذِّبُهُ ٱللَّهُ ٱلْعَذَابَ ٱلْأَكْبَرَ
تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.
إِنَّ إِلَيْنَآ إِيَابَهُمْ
بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.
ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا حِسَابَهُم
وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.

Surah 89: Al-Fajr — الفجر

وَٱلْفَجْرِ
پرھ جو قسم آھي.
وَلَيَالٍ عَشْرٍۢ
۽ ڏھن راتين جو قسم آھي.
وَٱلشَّفْعِ وَٱلْوَتْرِ
۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي.
وَٱلَّيْلِ إِذَا يَسْرِ
۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي.
هَلْ فِى ذَٰلِكَ قَسَمٌۭ لِّذِى حِجْرٍ
ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي.
أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ
نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.
إِرَمَ ذَاتِ ٱلْعِمَادِ
(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا.
ٱلَّتِى لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِى ٱلْبِلَٰدِ
جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي.
وَثَمُودَ ٱلَّذِينَ جَابُوا۟ ٱلصَّخْرَ بِٱلْوَادِ
۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.
وَفِرْعَوْنَ ذِى ٱلْأَوْتَادِ
۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين).
ٱلَّذِينَ طَغَوْا۟ فِى ٱلْبِلَٰدِ
انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي.
فَأَكْثَرُوا۟ فِيهَا ٱلْفَسَادَ
پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون.
فَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ
تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو.
إِنَّ رَبَّكَ لَبِٱلْمِرْصَادِ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي.
فَأَمَّا ٱلْإِنسَٰنُ إِذَا مَا ٱبْتَلَىٰهُ رَبُّهُۥ فَأَكْرَمَهُۥ وَنَعَّمَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّىٓ أَكْرَمَنِ
پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.
وَأَمَّآ إِذَا مَا ٱبْتَلَىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّىٓ أَهَٰنَنِ
۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.
كَلَّا ۖ بَل لَّا تُكْرِمُونَ ٱلْيَتِيمَ
(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.
وَلَا تَحَٰٓضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلْمِسْكِينِ
۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.
وَتَأْكُلُونَ ٱلتُّرَاثَ أَكْلًۭا لَّمًّۭا
۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو.
وَتُحِبُّونَ ٱلْمَالَ حُبًّۭا جَمًّۭا
۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو.
كَلَّآ إِذَا دُكَّتِ ٱلْأَرْضُ دَكًّۭا دَكًّۭا
ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.
وَجَآءَ رَبُّكَ وَٱلْمَلَكُ صَفًّۭا صَفًّۭا
۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا).
وَجِا۟ىٓءَ يَوْمَئِذٍۭ بِجَهَنَّمَ ۚ يَوْمَئِذٍۢ يَتَذَكَّرُ ٱلْإِنسَٰنُ وَأَنَّىٰ لَهُ ٱلذِّكْرَىٰ
۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.
يَقُولُ يَٰلَيْتَنِى قَدَّمْتُ لِحَيَاتِى
چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.
فَيَوْمَئِذٍۢ لَّا يُعَذِّبُ عَذَابَهُۥٓ أَحَدٌۭ
پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.
وَلَا يُوثِقُ وَثَاقَهُۥٓ أَحَدٌۭ
۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو.
يَٰٓأَيَّتُهَا ٱلنَّفْسُ ٱلْمُطْمَئِنَّةُ
(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ.
ٱرْجِعِىٓ إِلَىٰ رَبِّكِ رَاضِيَةًۭ مَّرْضِيَّةًۭ
تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.
فَٱدْخُلِى فِى عِبَٰدِى
تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ.
وَٱدْخُلِى جَنَّتِى
۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ.

Surah 90: Al-Balad — البلد

لَآ أُقْسِمُ بِهَٰذَا ٱلْبَلَدِ
ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.
وَأَنتَ حِلٌّۢ بِهَٰذَا ٱلْبَلَدِ
۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.
وَوَالِدٍۢ وَمَا وَلَدَ
۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.
لَقَدْ خَلَقْنَا ٱلْإِنسَٰنَ فِى كَبَدٍ
ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.
أَيَحْسَبُ أَن لَّن يَقْدِرَ عَلَيْهِ أَحَدٌۭ
(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟
يَقُولُ أَهْلَكْتُ مَالًۭا لُّبَدًا
چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.
أَيَحْسَبُ أَن لَّمْ يَرَهُۥٓ أَحَدٌ
ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟
أَلَمْ نَجْعَل لَّهُۥ عَيْنَيْنِ
کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟
وَلِسَانًۭا وَشَفَتَيْنِ
۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟
وَهَدَيْنَٰهُ ٱلنَّجْدَيْنِ
۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.
فَلَا ٱقْتَحَمَ ٱلْعَقَبَةَ
پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا ٱلْعَقَبَةُ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟
فَكُّ رَقَبَةٍ
ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.
أَوْ إِطْعَٰمٌۭ فِى يَوْمٍۢ ذِى مَسْغَبَةٍۢ
يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.
يَتِيمًۭا ذَا مَقْرَبَةٍ
مائٽي واري ڇوري ٻار کي.
أَوْ مِسْكِينًۭا ذَا مَتْرَبَةٍۢ
يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.
ثُمَّ كَانَ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَتَوَاصَوْا۟ بِٱلصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا۟ بِٱلْمَرْحَمَةِ
ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.
أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلْمَيْمَنَةِ
اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.
وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا هُمْ أَصْحَٰبُ ٱلْمَشْـَٔمَةِ
۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.
عَلَيْهِمْ نَارٌۭ مُّؤْصَدَةٌۢ
مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.

Surah 91: Ash-Shams — الشمس

وَٱلشَّمْسِ وَضُحَىٰهَا
سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.
وَٱلْقَمَرِ إِذَا تَلَىٰهَا
۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.
وَٱلنَّهَارِ إِذَا جَلَّىٰهَا
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.
وَٱلَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰهَا
۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.
وَٱلسَّمَآءِ وَمَا بَنَىٰهَا
۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.
وَٱلْأَرْضِ وَمَا طَحَىٰهَا
۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.
وَنَفْسٍۢ وَمَا سَوَّىٰهَا
۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.
فَأَلْهَمَهَا فُجُورَهَا وَتَقْوَىٰهَا
پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.
قَدْ أَفْلَحَ مَن زَكَّىٰهَا
جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.
وَقَدْ خَابَ مَن دَسَّىٰهَا
۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.
كَذَّبَتْ ثَمُودُ بِطَغْوَىٰهَآ
(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.
إِذِ ٱنۢبَعَثَ أَشْقَىٰهَا
جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.
فَقَالَ لَهُمْ رَسُولُ ٱللَّهِ نَاقَةَ ٱللَّهِ وَسُقْيَٰهَا
پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.
فَكَذَّبُوهُ فَعَقَرُوهَا فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُم بِذَنۢبِهِمْ فَسَوَّىٰهَا
پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.
وَلَا يَخَافُ عُقْبَٰهَا
۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.

Surah 92: Al-Lail — الليل

وَٱلَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰ
رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.
وَٱلنَّهَارِ إِذَا تَجَلَّىٰ
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.
وَمَا خَلَقَ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰٓ
۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.
إِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتَّىٰ
ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.
فَأَمَّا مَنْ أَعْطَىٰ وَٱتَّقَىٰ
پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.
وَصَدَّقَ بِٱلْحُسْنَىٰ
۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.
فَسَنُيَسِّرُهُۥ لِلْيُسْرَىٰ
تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.
وَأَمَّا مَنۢ بَخِلَ وَٱسْتَغْنَىٰ
۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.
وَكَذَّبَ بِٱلْحُسْنَىٰ
۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.
فَسَنُيَسِّرُهُۥ لِلْعُسْرَىٰ
تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.
وَمَا يُغْنِى عَنْهُ مَالُهُۥٓ إِذَا تَرَدَّىٰٓ
۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.
إِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدَىٰ
بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.
وَإِنَّ لَنَا لَلْءَاخِرَةَ وَٱلْأُولَىٰ
۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.
فَأَنذَرْتُكُمْ نَارًۭا تَلَظَّىٰ
پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.
لَا يَصْلَىٰهَآ إِلَّا ٱلْأَشْقَى
(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.
ٱلَّذِى كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ
جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.
وَسَيُجَنَّبُهَا ٱلْأَتْقَى
۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.
ٱلَّذِى يُؤْتِى مَالَهُۥ يَتَزَكَّىٰ
جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.
وَمَا لِأَحَدٍ عِندَهُۥ مِن نِّعْمَةٍۢ تُجْزَىٰٓ
۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.
إِلَّا ٱبْتِغَآءَ وَجْهِ رَبِّهِ ٱلْأَعْلَىٰ
پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).
وَلَسَوْفَ يَرْضَىٰ
۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.

Surah 93: Ad-Duha — الضحى

وَٱلضُّحَىٰ
مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
وَٱلَّيْلِ إِذَا سَجَىٰ
۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَىٰ
ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
وَلَلْءَاخِرَةُ خَيْرٌۭ لَّكَ مِنَ ٱلْأُولَىٰ
۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَىٰٓ
۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
أَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيمًۭا فَـَٔاوَىٰ
توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
وَوَجَدَكَ ضَآلًّۭا فَهَدَىٰ
۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
وَوَجَدَكَ عَآئِلًۭا فَأَغْنَىٰ
۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
فَأَمَّا ٱلْيَتِيمَ فَلَا تَقْهَرْ
تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
وَأَمَّا ٱلسَّآئِلَ فَلَا تَنْهَرْ
۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ
۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.

Surah 94: Ash-Sharh — الشرح

أَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ
(اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟
وَوَضَعْنَا عَنكَ وِزْرَكَ
۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون.
ٱلَّذِىٓ أَنقَضَ ظَهْرَكَ
جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو.
وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ
۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون.
فَإِنَّ مَعَ ٱلْعُسْرِ يُسْرًا
ڇوته بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.
إِنَّ مَعَ ٱلْعُسْرِ يُسْرًۭا
بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.
فَإِذَا فَرَغْتَ فَٱنصَبْ
تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين ته (عبادت لاءِ) محنت ڪر.
وَإِلَىٰ رَبِّكَ فَٱرْغَب
۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ.

Surah 95: At-Tin — التين

وَٱلتِّينِ وَٱلزَّيْتُونِ
انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.
وَطُورِ سِينِينَ
۽ طُور سينا جو.
وَهَٰذَا ٱلْبَلَدِ ٱلْأَمِينِ
۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.
لَقَدْ خَلَقْنَا ٱلْإِنسَٰنَ فِىٓ أَحْسَنِ تَقْوِيمٍۢ
ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.
ثُمَّ رَدَدْنَٰهُ أَسْفَلَ سَٰفِلِينَ
وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.
إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ فَلَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍۢ
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.
فَمَا يُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِٱلدِّينِ
پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟
أَلَيْسَ ٱللَّهُ بِأَحْكَمِ ٱلْحَٰكِمِينَ
حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟

Surah 96: Al-Alaq — العلق

ٱقْرَأْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلَّذِى خَلَقَ
(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.
خَلَقَ ٱلْإِنسَٰنَ مِنْ عَلَقٍ
ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.
ٱقْرَأْ وَرَبُّكَ ٱلْأَكْرَمُ
پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.
ٱلَّذِى عَلَّمَ بِٱلْقَلَمِ
جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.
عَلَّمَ ٱلْإِنسَٰنَ مَا لَمْ يَعْلَمْ
ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.
كَلَّآ إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ لَيَطْغَىٰٓ
سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.
أَن رَّءَاهُ ٱسْتَغْنَىٰٓ
جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.
إِنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلرُّجْعَىٰٓ
بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.
أَرَءَيْتَ ٱلَّذِى يَنْهَىٰ
اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.
عَبْدًا إِذَا صَلَّىٰٓ
(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.
أَرَءَيْتَ إِن كَانَ عَلَى ٱلْهُدَىٰٓ
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.
أَوْ أَمَرَ بِٱلتَّقْوَىٰٓ
يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.
أَرَءَيْتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰٓ
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.
أَلَمْ يَعْلَم بِأَنَّ ٱللَّهَ يَرَىٰ
ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.
كَلَّا لَئِن لَّمْ يَنتَهِ لَنَسْفَعًۢا بِٱلنَّاصِيَةِ
ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.
نَاصِيَةٍۢ كَٰذِبَةٍ خَاطِئَةٍۢ
اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.
فَلْيَدْعُ نَادِيَهُۥ
پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.
سَنَدْعُ ٱلزَّبَانِيَةَ
اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.
كَلَّا لَا تُطِعْهُ وَٱسْجُدْ وَٱقْتَرِب ۩
ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.

Surah 97: Al-Qadr — القدر

إِنَّآ أَنزَلْنَٰهُ فِى لَيْلَةِ ٱلْقَدْرِ
بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا لَيْلَةُ ٱلْقَدْرِ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آھي.
لَيْلَةُ ٱلْقَدْرِ خَيْرٌۭ مِّنْ أَلْفِ شَهْرٍۢ
شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي.
تَنَزَّلُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ وَٱلرُّوحُ فِيهَا بِإِذْنِ رَبِّهِم مِّن كُلِّ أَمْرٍۢ
منجھس ملائڪ ۽ رُوح پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائي) لاءِ لھندا آھن.
سَلَٰمٌ هِىَ حَتَّىٰ مَطْلَعِ ٱلْفَجْرِ
اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي.

Surah 98: Al-Bayinah — البينة

لَمْ يَكُنِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنْ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ وَٱلْمُشْرِكِينَ مُنفَكِّينَ حَتَّىٰ تَأْتِيَهُمُ ٱلْبَيِّنَةُ
ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن انڪار ڪيو سي (ايسين تائين پنھنجي رسم کان) الڳ ٿيڻ وارا نه ھوا جيسين تائين وٽن پڌري حُجّت (نه) اچي.
رَسُولٌۭ مِّنَ ٱللَّهِ يَتْلُوا۟ صُحُفًۭا مُّطَهَّرَةًۭ
(يعني) الله جو پيغمبر جو پاڪ صحيفا پڙھي.
فِيهَا كُتُبٌۭ قَيِّمَةٌۭ
جن ۾ سڌا سنوان لکيل حُڪم آھن.
وَمَا تَفَرَّقَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ إِلَّا مِنۢ بَعْدِ مَا جَآءَتْهُمُ ٱلْبَيِّنَةُ
۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو سي پاڻ وٽ پڌري حُجّت جي اچڻ کانپوءِ مُختلف ٿيا.
وَمَآ أُمِرُوٓا۟ إِلَّا لِيَعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ حُنَفَآءَ وَيُقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَيُؤْتُوا۟ ٱلزَّكَوٰةَ ۚ وَذَٰلِكَ دِينُ ٱلْقَيِّمَةِ
۽ ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو حڪم نه ڪيو وين ته باطل کان مُنھن موڙي الله جي عبادت ڪن ۽ نماز پڙھندا رھن ۽ زڪوٰة ڏيندا رھن ۽ اھو آھي سڌو دين.
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنْ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ وَٱلْمُشْرِكِينَ فِى نَارِ جَهَنَّمَ خَٰلِدِينَ فِيهَآ ۚ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمْ شَرُّ ٱلْبَرِيَّةِ
بيشڪ ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي دوزخ جي باھ ۾ پوندا منجھس سدائين رھندڙ ھوندا، اھي ئي (ساريءَ) خلق کان (تمام) بڇڙا آھن.
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمْ خَيْرُ ٱلْبَرِيَّةِ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اھي ئي (ساريءَ) خَلق کان ڀَلا آھن.
جَزَآؤُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ جَنَّٰتُ عَدْنٍۢ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًۭا ۖ رَّضِىَ ٱللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا۟ عَنْهُ ۚ ذَٰلِكَ لِمَنْ خَشِىَ رَبَّهُۥ
سندن بدلو سندن پالڻھار وٽ ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن انھن ۾ ھميشه سدائين رھندا، الله کائن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اھو (وعدو) انھيءَ لاءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار کان ڊنو.

Surah 99: Az-Zalzalah — الزلزلة

إِذَا زُلْزِلَتِ ٱلْأَرْضُ زِلْزَالَهَا
جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.
وَأَخْرَجَتِ ٱلْأَرْضُ أَثْقَالَهَا
۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.
وَقَالَ ٱلْإِنسَٰنُ مَا لَهَا
۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.
يَوْمَئِذٍۢ تُحَدِّثُ أَخْبَارَهَا
اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.
بِأَنَّ رَبَّكَ أَوْحَىٰ لَهَا
ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.
يَوْمَئِذٍۢ يَصْدُرُ ٱلنَّاسُ أَشْتَاتًۭا لِّيُرَوْا۟ أَعْمَٰلَهُمْ
اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.
فَمَن يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًۭا يَرَهُۥ
پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.
وَمَن يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍۢ شَرًّۭا يَرَهُۥ
۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.

Surah 100: Al-Adiyat — العاديات

وَٱلْعَٰدِيَٰتِ ضَبْحًۭا
ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.
فَٱلْمُورِيَٰتِ قَدْحًۭا
پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.
فَٱلْمُغِيرَٰتِ صُبْحًۭا
پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي
فَأَثَرْنَ بِهِۦ نَقْعًۭا
جو اُن مھل رئي اُٿارين.
فَوَسَطْنَ بِهِۦ جَمْعًا
پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.
إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ لِرَبِّهِۦ لَكَنُودٌۭ
ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.
وَإِنَّهُۥ عَلَىٰ ذَٰلِكَ لَشَهِيدٌۭ
۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.
وَإِنَّهُۥ لِحُبِّ ٱلْخَيْرِ لَشَدِيدٌ
۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.
۞ أَفَلَا يَعْلَمُ إِذَا بُعْثِرَ مَا فِى ٱلْقُبُورِ
(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.
وَحُصِّلَ مَا فِى ٱلصُّدُورِ
۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.
إِنَّ رَبَّهُم بِهِمْ يَوْمَئِذٍۢ لَّخَبِيرٌۢ
بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.

Surah 101: Al-Qariah — القارعة

ٱلْقَارِعَةُ
سخت ٺوڪيندڙ.
مَا ٱلْقَارِعَةُ
(اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا ٱلْقَارِعَةُ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
يَوْمَ يَكُونُ ٱلنَّاسُ كَٱلْفَرَاشِ ٱلْمَبْثُوثِ
جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا.
وَتَكُونُ ٱلْجِبَالُ كَٱلْعِهْنِ ٱلْمَنفُوشِ
۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا.
فَأَمَّا مَن ثَقُلَتْ مَوَٰزِينُهُۥ
پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا.
فَهُوَ فِى عِيشَةٍۢ رَّاضِيَةٍۢ
سو دلپسند گذران ۾ ھوندو.
وَأَمَّا مَنْ خَفَّتْ مَوَٰزِينُهُۥ
۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا.
فَأُمُّهُۥ هَاوِيَةٌۭ
تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا هِيَهْ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟
نَارٌ حَامِيَةٌۢ
ھڪ ٻرندڙ باھ آھي.

Surah 102: Al-Takathur — التكاثر

أَلْهَىٰكُمُ ٱلتَّكَاثُرُ
(اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو.
حَتَّىٰ زُرْتُمُ ٱلْمَقَابِرَ
تان جو قبرن کي ڏٺوَ.
كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُونَ
ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ.
ثُمَّ كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُونَ
وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ.
كَلَّا لَوْ تَعْلَمُونَ عِلْمَ ٱلْيَقِينِ
نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا).
لَتَرَوُنَّ ٱلْجَحِيمَ
قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ.
ثُمَّ لَتَرَوُنَّهَا عَيْنَ ٱلْيَقِينِ
وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ.
ثُمَّ لَتُسْـَٔلُنَّ يَوْمَئِذٍ عَنِ ٱلنَّعِيمِ
وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو.

Surah 103: Al-Asr — العصر

وَٱلْعَصْرِ
پوياڙيءَ جو قسم آھي.
إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ لَفِى خُسْرٍ
ته بيشڪ ماڻھو گھاٽي ۾ آھي.
إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ وَتَوَاصَوْا۟ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْا۟ بِٱلصَّبْرِ
سواءِ انھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ ھڪ ٻئي کي سچ جي وصيّت ڪيائون، ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصّيت ڪيائون.

Surah 104: Al-Humazah — الهمزة

وَيْلٌۭ لِّكُلِّ هُمَزَةٍۢ لُّمَزَةٍ
(انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي.
ٱلَّذِى جَمَعَ مَالًۭا وَعَدَّدَهُۥ
جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين.
يَحْسَبُ أَنَّ مَالَهُۥٓ أَخْلَدَهُۥ
ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو.
كَلَّا ۖ لَيُنۢبَذَنَّ فِى ٱلْحُطَمَةِ
ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا ٱلْحُطَمَةُ
۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟
نَارُ ٱللَّهِ ٱلْمُوقَدَةُ
الله جي ٻاريل باھ آھي.
ٱلَّتِى تَطَّلِعُ عَلَى ٱلْأَفْـِٔدَةِ
جا دلين تي پھچندي.
إِنَّهَا عَلَيْهِم مُّؤْصَدَةٌۭ
بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي.
فِى عَمَدٍۢ مُّمَدَّدَةٍۭ
(جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا).

Surah 105: Al-Fil — الفيل

أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصْحَٰبِ ٱلْفِيلِ
(اي پيغمبر) نه ڏٺئي ڇا؟ ته تنھنجي پالڻھار ھاٿي وارن سان ڪئن ڪيو؟
أَلَمْ يَجْعَلْ كَيْدَهُمْ فِى تَضْلِيلٍۢ
سندن بڇڙي رٿ کي ناس نه ڪيائين ڇا؟
وَأَرْسَلَ عَلَيْهِمْ طَيْرًا أَبَابِيلَ
۽ وَلر وَلر پکي مٿن موڪليائين.
تَرْمِيهِم بِحِجَارَةٍۢ مِّن سِجِّيلٍۢ
جن ڪنڪريٽ جون پھڻيون کين ھنيون ٿي.
فَجَعَلَهُمْ كَعَصْفٍۢ مَّأْكُولٍۭ
پوءِ اولڙ گاھ جان کين ڪيائين.

Surah 106: Quraish — قريش

لِإِيلَٰفِ قُرَيْشٍ
قريشين کي اُلفت ڏيارڻ لاءِ.
إِۦلَٰفِهِمْ رِحْلَةَ ٱلشِّتَآءِ وَٱلصَّيْفِ
جو سياري ۽ اونھاري جي سفر سببان کين اُلفت ڏيارڻ آھي.
فَلْيَعْبُدُوا۟ رَبَّ هَٰذَا ٱلْبَيْتِ
تنھنڪري گُھرجين ته ھِن گھر جي (انھيءَ) پالڻھار جي عبادت ڪن.
ٱلَّذِىٓ أَطْعَمَهُم مِّن جُوعٍۢ وَءَامَنَهُم مِّنْ خَوْفٍۭ
جنھن کين بُک ۾ کاڄ کاريايو، ۽ کين ڀؤ کان امن ڏنو.

Surah 107: Al-Ma'un — الماعون

أَرَءَيْتَ ٱلَّذِى يُكَذِّبُ بِٱلدِّينِ
(اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي.
فَذَٰلِكَ ٱلَّذِى يَدُعُّ ٱلْيَتِيمَ
پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي.
وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلْمِسْكِينِ
۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي.
فَوَيْلٌۭ لِّلْمُصَلِّينَ
پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي.
ٱلَّذِينَ هُمْ عَن صَلَاتِهِمْ سَاهُونَ
جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن.
ٱلَّذِينَ هُمْ يُرَآءُونَ
اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن.
وَيَمْنَعُونَ ٱلْمَاعُونَ
۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن.

Surah 108: Al-Kauthar — الكوثر

إِنَّآ أَعْطَيْنَٰكَ ٱلْكَوْثَرَ
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو.
فَصَلِّ لِرَبِّكَ وَٱنْحَرْ
تنھنڪري پنھنجي پالڻھار جي لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪر.
إِنَّ شَانِئَكَ هُوَ ٱلْأَبْتَرُ
بيشڪ تنھنجو ويري ئي بي نسل آھي.

Surah 109: Al-Kafirun — الكافرون

قُلْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْكَٰفِرُونَ
(اي پيغمبر ڪافرن کي) چؤ ته اي ڪافرؤ.
لَآ أَعْبُدُ مَا تَعْبُدُونَ
نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھين عبادت ڪندا آھيو.
وَلَآ أَنتُمْ عَٰبِدُونَ مَآ أَعْبُدُ
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھن جي آءٌ عبادت ڪندو آھيان.
وَلَآ أَنَا۠ عَابِدٌۭ مَّا عَبَدتُّمْ
۽ نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھان عبادت ڪئي.
وَلَآ أَنتُمْ عَٰبِدُونَ مَآ أَعْبُدُ
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھنجي آءٌ عبادت ڪندو آھيان.
لَكُمْ دِينُكُمْ وَلِىَ دِينِ
اوھان لاءِ اوھان جو دين ۽ مون لاءِ منھنجو دين آھي.

Surah 110: An-Nasr — النصر

إِذَا جَآءَ نَصْرُ ٱللَّهِ وَٱلْفَتْحُ
جڏھن الله جي مدد ۽ سوڀ اچي،
وَرَأَيْتَ ٱلنَّاسَ يَدْخُلُونَ فِى دِينِ ٱللَّهِ أَفْوَاجًۭا
۽ ماڻھن کي الله جي دين ۾ ٽوليون ٽوليون ٿي گھڙندو ڏسين،
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَٱسْتَغْفِرْهُ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ تَوَّابًۢا
تڏھن (تون) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ کانئس بخشش گھر. بيشڪ اُھو ٻاجھ سان موٽندو آھي.

Surah 111: Al-Masad — المسد

تَبَّتْ يَدَآ أَبِى لَهَبٍۢ وَتَبَّ
ابولھب جا ھٿ ڀڳا ۽ (پاڻ به) ھلاڪ ٿيو.
مَآ أَغْنَىٰ عَنْهُ مَالُهُۥ وَمَا كَسَبَ
سندس مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنھن کانئس (الله جو عذاب) نه ٽاريو.
سَيَصْلَىٰ نَارًۭا ذَاتَ لَهَبٍۢ
ڇيئي واري باھ ۾ سگھو پوندو.
وَٱمْرَأَتُهُۥ حَمَّالَةَ ٱلْحَطَبِ
۽ سندس زال به، جا ڪاٺين (جي) لَڏ کڻندڙ آھي.
فِى جِيدِهَا حَبْلٌۭ مِّن مَّسَدٍۭ
جنھن جي ڳچيءَ ۾ کاٻر جو نوڙ پيل آھي.

Surah 112: Al-Ikhlas — الإخلاص

قُلْ هُوَ ٱللَّهُ أَحَدٌ
(اي پيغمبر) چؤ ته الله اڪيلو آھي.
ٱللَّهُ ٱلصَّمَدُ
الله بي احتياج آھي.
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ
نڪي ڄڻيائين، ۽ نڪي ڄڻيو ويو.
وَلَمْ يَكُن لَّهُۥ كُفُوًا أَحَدٌۢ
۽ سندس برابر ڪوبه ڪونھي.

Surah 113: Al-Falaq — الفلق

قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ ٱلْفَلَقِ
(اي پيغمبر) چؤ ته صبح جي پالڻھار جي پناھ گھران ٿو.
مِن شَرِّ مَا خَلَقَ
جيڪي پيدا ڪيو اٿس تنھنجي بڇڙائي کان.
وَمِن شَرِّ غَاسِقٍ إِذَا وَقَبَ
۽ اونداھي ڪندڙ (رات) جي بڇڙائي کان جڏھن اُھا پکڙجي.
وَمِن شَرِّ ٱلنَّفَّٰثَٰتِ فِى ٱلْعُقَدِ
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙين (عورتن) جي بڇڙائي کان.
وَمِن شَرِّ حَاسِدٍ إِذَا حَسَدَ
۽ مَسَھُوء جي بڇڙائيءَ کان جڏھن (اُھو) مَسَھائي ڪري.

Surah 114: An-Nas — الناس

قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ ٱلنَّاسِ
(اي پيغمبر) چؤ ته ماڻھن جي پالڻھار جي پناه گھران ٿو.
مَلِكِ ٱلنَّاسِ
ماڻھن جي بادشاھ جي.
إِلَٰهِ ٱلنَّاسِ
ماڻھن جي (سچي) معبود جي.
مِن شَرِّ ٱلْوَسْوَاسِ ٱلْخَنَّاسِ
پٺ تي ھٽي ويندڙ (شيطان) جي وَسَوَسن جي بڇڙائي کان.
ٱلَّذِى يُوَسْوِسُ فِى صُدُورِ ٱلنَّاسِ
جيڪي ماڻھن جي سينن ۾ وَسَوَسو وجھي ٿو.
مِنَ ٱلْجِنَّةِ وَٱلنَّاسِ
جو جنن (جي جنس) مان ھجي يا ماڻھن (جي جنس) مان.