Surah 67: Al-Mulk — الملك

تَبَٰرَكَ ٱلَّذِى بِيَدِهِ ٱلْمُلْكُ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرٌ
اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي ھٿ ۾ (ساري مُلڪ جي) بادشاھي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلْمَوْتَ وَٱلْحَيَوٰةَ لِيَبْلُوَكُمْ أَيُّكُمْ أَحْسَنُ عَمَلًۭا ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْغَفُورُ
(الله اُھو آھي) جنھن موت ۽ حياتي پيدا ڪئي (انھيءَ لاءِ) ته اوھان کي پرکي ته عمل جي ڪري تمام چڱو اوھان مان ڪير آھي؟ ۽ اُھو غالب بخشڻھار آھي.
ٱلَّذِى خَلَقَ سَبْعَ سَمَٰوَٰتٍۢ طِبَاقًۭا ۖ مَّا تَرَىٰ فِى خَلْقِ ٱلرَّحْمَٰنِ مِن تَفَٰوُتٍۢ ۖ فَٱرْجِعِ ٱلْبَصَرَ هَلْ تَرَىٰ مِن فُطُورٍۢ
(الله اُھو آھي) جنھن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (اي ڏسندڙ تون الله) ٻاجھاري جي بڻاوت ۾ ڪو فرق نه ڏسندين. پوءِ ورائي (نظر ڪري) ڏس ته (ڪٿي) ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟
ثُمَّ ٱرْجِعِ ٱلْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنقَلِبْ إِلَيْكَ ٱلْبَصَرُ خَاسِئًۭا وَهُوَ حَسِيرٌۭ
پوءِ وري به ٻه ڀيرا ڏس ته (ضرور تنھنجي) نظر تو ڏانھن جھڪي ٿي ٿڪجي موٽندي.
وَلَقَدْ زَيَّنَّا ٱلسَّمَآءَ ٱلدُّنْيَا بِمَصَٰبِيحَ وَجَعَلْنَٰهَا رُجُومًۭا لِّلشَّيَٰطِينِ ۖ وَأَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ ٱلسَّعِيرِ
۽ بيشڪ دنيا جي آسمان کي (ستارن جي) ڏيئن سان سينگاريو اٿون ۽ اُنھن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءَ (به) بڻايوسون ۽ شيطانن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار ڪيو اٿون.
وَلِلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ ۖ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ
۽ جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آھي، ۽ اُھا جاءِ بڇڙي آھي.
إِذَآ أُلْقُوا۟ فِيهَا سَمِعُوا۟ لَهَا شَهِيقًۭا وَهِىَ تَفُورُ
جڏھن کين دوزخ ۾ اڇليو ويندو (تڏھن) اُن جون (گڏھ جھڙيون) ھينگون ٻڌندا ۽ اُھو پيو اُڀامندو.
تَكَادُ تَمَيَّزُ مِنَ ٱلْغَيْظِ ۖ كُلَّمَآ أُلْقِىَ فِيهَا فَوْجٌۭ سَأَلَهُمْ خَزَنَتُهَآ أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَذِيرٌۭ
جو ڪاوڙ کان (ڄڻ ته) اجھو ٿو ڦاٽي. جنھن مھل ڪنھن ٽوليءَ کي اُن ۾ پيو وجھبو (تنھن مھل) دوزخ جا داروغا انھن کان پڇندا ته اوھان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه آيو ھو ڇا؟
قَالُوا۟ بَلَىٰ قَدْ جَآءَنَا نَذِيرٌۭ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ ٱللَّهُ مِن شَىْءٍ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا فِى ضَلَٰلٍۢ كَبِيرٍۢ
چوندا ھائو! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو ھو، پر (اُن کي) ڪوڙو ڄاتوسون ۽ چيوسون ته الله ڪا (به) شيءِ نه لاٿي آھي، اوھين ته رڳو وڏيءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) آھيو.
وَقَالُوا۟ لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ أَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِىٓ أَصْحَٰبِ ٱلسَّعِيرِ
۽ چوندا ته جيڪڏھن اسين ٻُڌون ھا يا سمجھون ھا ته دوزخين (جي ٽوليءَ) ۾ (ڪڏھن داخل) نه ٿيون ھا.
فَٱعْتَرَفُوا۟ بِذَنۢبِهِمْ فَسُحْقًۭا لِّأَصْحَٰبِ ٱلسَّعِيرِ
پوءِ پنھنجو ڏوھ (پاڻ) مڃيندا، پوءِ دوزخين تي لعنت ھجي شال.
إِنَّ ٱلَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُم بِٱلْغَيْبِ لَهُم مَّغْفِرَةٌۭ وَأَجْرٌۭ كَبِيرٌۭ
بيشڪ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
وَأَسِرُّوا۟ قَوْلَكُمْ أَوِ ٱجْهَرُوا۟ بِهِۦٓ ۖ إِنَّهُۥ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ
۽ پنھنجي ڳالھ ڳجھي ڳالھايو يا اُھا پڌري چئو، ته بيشڪ الله سينن جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.
أَلَا يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ وَهُوَ ٱللَّطِيفُ ٱلْخَبِيرُ
جنھن پيدا ڪيو سو ڪيئن نه ڄاڻندو؟ ۽ اُھو اونھي نظر وارو خبر رکندڙ آھي.
هُوَ ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلْأَرْضَ ذَلُولًۭا فَٱمْشُوا۟ فِى مَنَاكِبِهَا وَكُلُوا۟ مِن رِّزْقِهِۦ ۖ وَإِلَيْهِ ٱلنُّشُورُ
(الله) اُھو آھي جنھن زمين کي اوھان جي لاءِ تابع ڪيو ته ان جي رستن ۾ گھمو ۽ الله جي رزق مان کائو، ۽ (جيئرو ٿي) ڏانھس کڙو ٿيڻو آھي.
ءَأَمِنتُم مَّن فِى ٱلسَّمَآءِ أَن يَخْسِفَ بِكُمُ ٱلْأَرْضَ فَإِذَا هِىَ تَمُورُ
(اوھين) اُنھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان کي زمين ۾ ڳِھائي ڇڏي پوءِ اُتي جو اُتي زمين ڌڏي؟
أَمْ أَمِنتُم مَّن فِى ٱلسَّمَآءِ أَن يُرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًۭا ۖ فَسَتَعْلَمُونَ كَيْفَ نَذِيرِ
(اوھين) انھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان تي پھڻ وسائيندڙ واءُ موڪلي، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آھي؟
وَلَقَدْ كَذَّبَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ
۽ بيشڪ جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن (به) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي طرح ھئي.
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَى ٱلطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صَٰٓفَّٰتٍۢ وَيَقْبِضْنَ ۚ مَا يُمْسِكُهُنَّ إِلَّا ٱلرَّحْمَٰنُ ۚ إِنَّهُۥ بِكُلِّ شَىْءٍۭ بَصِيرٌ
پنھنجي مٿاھون پکين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا؟ جي کنڀڙاٽيون ٽيڙي ھلندا آھن ۽ (ڪڏھن ڪڏھن) بند ڪندا آھن، انھن کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ٻيو ڪو) به جھلي نه رکندو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڏسندڙ آھي.
أَمَّنْ هَٰذَا ٱلَّذِى هُوَ جُندٌۭ لَّكُمْ يَنصُرُكُم مِّن دُونِ ٱلرَّحْمَٰنِ ۚ إِنِ ٱلْكَٰفِرُونَ إِلَّا فِى غُرُورٍ
اُھو اوھان جو لشڪر ڪھڙو آھي جو اوھان کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ مدد ڏئي؟ ڪافر رڳو ڀولي ۾ (پيل) آھن.
أَمَّنْ هَٰذَا ٱلَّذِى يَرْزُقُكُمْ إِنْ أَمْسَكَ رِزْقَهُۥ ۚ بَل لَّجُّوا۟ فِى عُتُوٍّۢ وَنُفُورٍ
(ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي ته اھو اوھان کي روزي ڏئي؟ بلڪ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن.
أَفَمَن يَمْشِى مُكِبًّا عَلَىٰ وَجْهِهِۦٓ أَهْدَىٰٓ أَمَّن يَمْشِى سَوِيًّا عَلَىٰ صِرَٰطٍۢ مُّسْتَقِيمٍۢ
ڀلا جيڪو پنھنجي مُنھن ڀر اونڌو ڪريل ھلندو ھجي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آھي يا اُھو جيڪو سڌو سنئون سڌي واٽ تي ھلندو ھجي؟
قُلْ هُوَ ٱلَّذِىٓ أَنشَأَكُمْ وَجَعَلَ لَكُمُ ٱلسَّمْعَ وَٱلْأَبْصَٰرَ وَٱلْأَفْـِٔدَةَ ۖ قَلِيلًۭا مَّا تَشْكُرُونَ
چئو ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو.
قُلْ هُوَ ٱلَّذِى ذَرَأَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ وَإِلَيْهِ تُحْشَرُونَ
چئونَ ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ (اوھين) ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ.
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا ٱلْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
۽ (ڪافر) چوندا آھن ته اھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو جيڪڏھن سچا آھيو؟
قُلْ إِنَّمَا ٱلْعِلْمُ عِندَ ٱللَّهِ وَإِنَّمَآ أَنَا۠ نَذِيرٌۭ مُّبِينٌۭ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته (اھا) خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
فَلَمَّا رَأَوْهُ زُلْفَةًۭ سِيٓـَٔتْ وُجُوهُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَقِيلَ هَٰذَا ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تَدَّعُونَ
۽ جنھن مھل ان (انجام) کي ويجھو ٿيل ڏسندا ته ڪافرن جا مُنھن ڪاراٽجي ويندا، ۽ چئبن ته جنھن کي طلبيندا ھئو سو ھيءُ آھي.
قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِنْ أَهْلَكَنِىَ ٱللَّهُ وَمَن مَّعِىَ أَوْ رَحِمَنَا فَمَن يُجِيرُ ٱلْكَٰفِرِينَ مِنْ عَذَابٍ أَلِيمٍۢ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿوَ ڇا ته جيڪڏھن مون کي ۽ جيڪي مون ساڻ آھن تن کي الله ھلاڪ ڪري يا الله اسان تي ٻاجھ ڪري ته (هر صورت ۾) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟
قُلْ هُوَ ٱلرَّحْمَٰنُ ءَامَنَّا بِهِۦ وَعَلَيْهِ تَوَكَّلْنَا ۖ فَسَتَعْلَمُونَ مَنْ هُوَ فِى ضَلَٰلٍۢ مُّبِينٍۢ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ٻاجھارو آھي اُن تي ايمان آندوسون ۽ مٿس ڀروسو ڪيوسون، پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ ته پڌريءَ گمراھي ۾ ڪير آھي.
قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِنْ أَصْبَحَ مَآؤُكُمْ غَوْرًۭا فَمَن يَأْتِيكُم بِمَآءٍۢ مَّعِينٍۭ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪڏھن اوھان جو پاڻي ھيٺ پيھي وڃي ته اوھان وٽ وھندڙ پاڻي ڪير آڻيندو؟

Surah 68: Al-Qalam — القلم

نٓ ۚ وَٱلْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُونَ
نٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن.
مَآ أَنتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُونٍۢ
ته تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نه آھين.
وَإِنَّ لَكَ لَأَجْرًا غَيْرَ مَمْنُونٍۢ
۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي.
وَإِنَّكَ لَعَلَىٰ خُلُقٍ عَظِيمٍۢ
۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين.
فَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُونَ
پوءِ سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (به) ڏسندا.
بِأَييِّكُمُ ٱلْمَفْتُونُ
ته اوھان مان ڪير چريو آھي.
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُهْتَدِينَ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي انھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو، ۽ اھو سنئين واٽ ويندڙن کي به تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
فَلَا تُطِعِ ٱلْمُكَذِّبِينَ
تنھنڪري ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نه مڃ.
وَدُّوا۟ لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُونَ
اُھي گھرندا آھن ته جيڪڏھن نرمي ڪرين ته اُھي به نرمي ڪن.
وَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍۢ مَّهِينٍ
۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار جو چيو نه مڃ.
هَمَّازٍۢ مَّشَّآءٍۭ بِنَمِيمٍۢ
(جو) گھڻو عيب لائيندڙ چغلي ھڻندڙ گھمندڙ.
مَّنَّاعٍۢ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ أَثِيمٍ
خير کان جھليندڙ حد کان لنگھيل گنھگار.
عُتُلٍّۭ بَعْدَ ذَٰلِكَ زَنِيمٍ
بدعادتو اِن سڀنيءَ کانپوءِ (حرامي (به) ھجي.
أَن كَانَ ذَا مَالٍۢ وَبَنِينَ
انھي ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي.
إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ءَايَٰتُنَا قَالَ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ
جڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي ته اڳين جون آکاڻيون آھن.
سَنَسِمُهُۥ عَلَى ٱلْخُرْطُومِ
سگھوئي کيس سونڍ تي داغ ڏينداسون.
إِنَّا بَلَوْنَٰهُمْ كَمَا بَلَوْنَآ أَصْحَٰبَ ٱلْجَنَّةِ إِذْ أَقْسَمُوا۟ لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِينَ
بيشڪ اسان ھنن کي (اھڙي طرح) آزمايو جھڙي طرح باغ وارن کي آزمايو ھوسون، جڏھن قسم کنيائون ته سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين).
وَلَا يَسْتَثْنُونَ
۽ اِنشاءَالله نه چيائون.
فَطَافَ عَلَيْهَا طَآئِفٌۭ مِّن رَّبِّكَ وَهُمْ نَآئِمُونَ
پوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ) تي ھڪ (اھڙي) بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھوا.
فَأَصْبَحَتْ كَٱلصَّرِيمِ
جو (اُھو) ناڙ وانگر ٿي پيو.
فَتَنَادَوْا۟ مُصْبِحِينَ
پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا.
أَنِ ٱغْدُوا۟ عَلَىٰ حَرْثِكُمْ إِن كُنتُمْ صَٰرِمِينَ
جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو.
فَٱنطَلَقُوا۟ وَهُمْ يَتَخَٰفَتُونَ
پوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪ ٻئي کي ھوريان چوڻ لڳا.
أَن لَّا يَدْخُلَنَّهَا ٱلْيَوْمَ عَلَيْكُم مِّسْكِينٌۭ
ته (جئن) ھن (پوک) ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي.
وَغَدَوْا۟ عَلَىٰ حَرْدٍۢ قَٰدِرِينَ
۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا.
فَلَمَّا رَأَوْهَا قَالُوٓا۟ إِنَّا لَضَآلُّونَ
پوءِ جنھن مھل اُن (پوک) کي ڏٺائون (ته) چيائون ته بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون.
بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ
(نه نه!) بلڪ اسين بي نصيب (ٿيل) آھيون.
قَالَ أَوْسَطُهُمْ أَلَمْ أَقُل لَّكُمْ لَوْلَا تُسَبِّحُونَ
سندن چڱي (مڙس) چيو ته اوھان کي نه چيو ھومِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪريو؟
قَالُوا۟ سُبْحَٰنَ رَبِّنَآ إِنَّا كُنَّا ظَٰلِمِينَ
چيائون ته (اسين) پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ (انھي نيت ڪري) ظالم ھواسون.
فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍۢ يَتَلَٰوَمُونَ
پوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي.
قَالُوا۟ يَٰوَيْلَنَآ إِنَّا كُنَّا طَٰغِينَ
چوڻ لڳا ته ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھواسون.
عَسَىٰ رَبُّنَآ أَن يُبْدِلَنَا خَيْرًۭا مِّنْهَآ إِنَّآ إِلَىٰ رَبِّنَا رَٰغِبُونَ
مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون.
كَذَٰلِكَ ٱلْعَذَابُ ۖ وَلَعَذَابُ ٱلْءَاخِرَةِ أَكْبَرُ ۚ لَوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ
ائين ئي آفت (پوڻي) آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا.
إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ عِندَ رَبِّهِمْ جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن.
أَفَنَجْعَلُ ٱلْمُسْلِمِينَ كَٱلْمُجْرِمِينَ
مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟
مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ
اوھان کي ڇا ٿيو آھي؟ ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟
أَمْ لَكُمْ كِتَٰبٌۭ فِيهِ تَدْرُسُونَ
اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو.
إِنَّ لَكُمْ فِيهِ لَمَا تَخَيَّرُونَ
ته بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو.
أَمْ لَكُمْ أَيْمَٰنٌ عَلَيْنَا بَٰلِغَةٌ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَٰمَةِ ۙ إِنَّ لَكُمْ لَمَا تَحْكُمُونَ
اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا جو اُنھن جو قيامت تائين حُڪم ھلندو ته بيشڪ جيڪو ٺھراءُ ڪريو ٿا سو اوھان لاءِ آھي.
سَلْهُمْ أَيُّهُم بِذَٰلِكَ زَعِيمٌ
(اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ ته انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذمي وار آھي.
أَمْ لَهُمْ شُرَكَآءُ فَلْيَأْتُوا۟ بِشُرَكَآئِهِمْ إِن كَانُوا۟ صَٰدِقِينَ
انھن (مشرڪن) کي (ھن ڳالھ ۾) ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن ته جڳائين ته پنھنجي شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين.
يَوْمَ يُكْشَفُ عَن سَاقٍۢ وَيُدْعَوْنَ إِلَى ٱلسُّجُودِ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ
جنھن ڏينھن پنّي جي تجلّي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ نه ڪري سگھندا.
خَٰشِعَةً أَبْصَٰرُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌۭ ۖ وَقَدْ كَانُوا۟ يُدْعَوْنَ إِلَى ٱلسُّجُودِ وَهُمْ سَٰلِمُونَ
انھن جون اکيون جھڪيون ھونديون. (۽) کين خواري وٺي ويندي، ۽ بيشڪ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو ھو حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (به) ھوا.
فَذَرْنِى وَمَن يُكَذِّبُ بِهَٰذَا ٱلْحَدِيثِ ۖ سَنَسْتَدْرِجُهُم مِّنْ حَيْثُ لَا يَعْلَمُونَ
پوءِ (اي پيغمبر) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون جتان اُھي نه ڄاڻندا.
وَأُمْلِى لَهُمْ ۚ إِنَّ كَيْدِى مَتِينٌ
انھن کي مُھلت ڏيان ٿو، بيشڪ منھنجي رِٿ پڪي آھي.
أَمْ تَسْـَٔلُهُمْ أَجْرًۭا فَهُم مِّن مَّغْرَمٍۢ مُّثْقَلُونَ
انھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا جنھنڪري (ان) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن.
أَمْ عِندَهُمُ ٱلْغَيْبُ فَهُمْ يَكْتُبُونَ
(يا) انھن وٽ ڪو ڳجھ (جو علم) آھي ڇا جو اھي لکندا آھن.
فَٱصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلَا تَكُن كَصَاحِبِ ٱلْحُوتِ إِذْ نَادَىٰ وَهُوَ مَكْظُومٌۭ
پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نه ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو.
لَّوْلَآ أَن تَدَٰرَكَهُۥ نِعْمَةٌۭ مِّن رَّبِّهِۦ لَنُبِذَ بِٱلْعَرَآءِ وَهُوَ مَذْمُومٌۭ
جيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نه پھچي ھا ته ضرور سُڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا.
فَٱجْتَبَٰهُ رَبُّهُۥ فَجَعَلَهُۥ مِنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
پوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس.
وَإِن يَكَادُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَيُزْلِقُونَكَ بِأَبْصَٰرِهِمْ لَمَّا سَمِعُوا۟ ٱلذِّكْرَ وَيَقُولُونَ إِنَّهُۥ لَمَجْنُونٌۭ
۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) توکي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي آھن ۽ چوندا آھن ته بيشڪ ھي (پيغمبر) چريو آھي.
وَمَا هُوَ إِلَّا ذِكْرٌۭ لِّلْعَٰلَمِينَ
۽ (حقيقت ۾) ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي.

Surah 69: Al-Haqqah — الحاقة

ٱلْحَآقَّةُ
قيامت.
مَا ٱلْحَآقَّةُ
ڇا آھي (اھا) قيامت.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا ٱلْحَآقَّةُ
۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟
كَذَّبَتْ ثَمُودُ وَعَادٌۢ بِٱلْقَارِعَةِ
ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.
فَأَمَّا ثَمُودُ فَأُهْلِكُوا۟ بِٱلطَّاغِيَةِ
پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.
وَأَمَّا عَادٌۭ فَأُهْلِكُوا۟ بِرِيحٍۢ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍۢ
۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.
سَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍۢ وَثَمَٰنِيَةَ أَيَّامٍ حُسُومًۭا فَتَرَى ٱلْقَوْمَ فِيهَا صَرْعَىٰ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍۢ
(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.
فَهَلْ تَرَىٰ لَهُم مِّنۢ بَاقِيَةٍۢ
پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟
وَجَآءَ فِرْعَوْنُ وَمَن قَبْلَهُۥ وَٱلْمُؤْتَفِكَٰتُ بِٱلْخَاطِئَةِ
۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.
فَعَصَوْا۟ رَسُولَ رَبِّهِمْ فَأَخَذَهُمْ أَخْذَةًۭ رَّابِيَةً
۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.
إِنَّا لَمَّا طَغَا ٱلْمَآءُ حَمَلْنَٰكُمْ فِى ٱلْجَارِيَةِ
بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.
لِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةًۭ وَتَعِيَهَآ أُذُنٌۭ وَٰعِيَةٌۭ
ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.
فَإِذَا نُفِخَ فِى ٱلصُّورِ نَفْخَةٌۭ وَٰحِدَةٌۭ
پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.
وَحُمِلَتِ ٱلْأَرْضُ وَٱلْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةًۭ وَٰحِدَةًۭ
۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.
فَيَوْمَئِذٍۢ وَقَعَتِ ٱلْوَاقِعَةُ
پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.
وَٱنشَقَّتِ ٱلسَّمَآءُ فَهِىَ يَوْمَئِذٍۢ وَاهِيَةٌۭ
۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.
وَٱلْمَلَكُ عَلَىٰٓ أَرْجَآئِهَا ۚ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَئِذٍۢ ثَمَٰنِيَةٌۭ
۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.
يَوْمَئِذٍۢ تُعْرَضُونَ لَا تَخْفَىٰ مِنكُمْ خَافِيَةٌۭ
اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.
فَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ فَيَقُولُ هَآؤُمُ ٱقْرَءُوا۟ كِتَٰبِيَهْ
پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.
إِنِّى ظَنَنتُ أَنِّى مُلَٰقٍ حِسَابِيَهْ
بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.
فَهُوَ فِى عِيشَةٍۢ رَّاضِيَةٍۢ
اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.
فِى جَنَّةٍ عَالِيَةٍۢ
مٿاھين بھشت ۾.
قُطُوفُهَا دَانِيَةٌۭ
جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.
كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَآ أَسْلَفْتُمْ فِى ٱلْأَيَّامِ ٱلْخَالِيَةِ
(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.
وَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَٰبَهُۥ بِشِمَالِهِۦ فَيَقُولُ يَٰلَيْتَنِى لَمْ أُوتَ كِتَٰبِيَهْ
۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.
وَلَمْ أَدْرِ مَا حِسَابِيَهْ
نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟
يَٰلَيْتَهَا كَانَتِ ٱلْقَاضِيَةَ
ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.
مَآ أَغْنَىٰ عَنِّى مَالِيَهْ ۜ
منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.
هَلَكَ عَنِّى سُلْطَٰنِيَهْ
مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.
خُذُوهُ فَغُلُّوهُ
(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.
ثُمَّ ٱلْجَحِيمَ صَلُّوهُ
وري دوزخ ۾ وجھوس.
ثُمَّ فِى سِلْسِلَةٍۢ ذَرْعُهَا سَبْعُونَ ذِرَاعًۭا فَٱسْلُكُوهُ
وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.
إِنَّهُۥ كَانَ لَا يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ ٱلْعَظِيمِ
ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.
وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلْمِسْكِينِ
۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.
فَلَيْسَ لَهُ ٱلْيَوْمَ هَٰهُنَا حَمِيمٌۭ
تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.
وَلَا طَعَامٌ إِلَّا مِنْ غِسْلِينٍۢ
۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.
لَّا يَأْكُلُهُۥٓ إِلَّا ٱلْخَٰطِـُٔونَ
(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.
فَلَآ أُقْسِمُ بِمَا تُبْصِرُونَ
پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.
وَمَا لَا تُبْصِرُونَ
۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).
إِنَّهُۥ لَقَوْلُ رَسُولٍۢ كَرِيمٍۢ
ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.
وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَاعِرٍۢ ۚ قَلِيلًۭا مَّا تُؤْمِنُونَ
۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.
وَلَا بِقَوْلِ كَاهِنٍۢ ۚ قَلِيلًۭا مَّا تَذَكَّرُونَ
۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.
تَنزِيلٌۭ مِّن رَّبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.
وَلَوْ تَقَوَّلَ عَلَيْنَا بَعْضَ ٱلْأَقَاوِيلِ
۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.
لَأَخَذْنَا مِنْهُ بِٱلْيَمِينِ
ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.
ثُمَّ لَقَطَعْنَا مِنْهُ ٱلْوَتِينَ
وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.
فَمَا مِنكُم مِّنْ أَحَدٍ عَنْهُ حَٰجِزِينَ
پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.
وَإِنَّهُۥ لَتَذْكِرَةٌۭ لِّلْمُتَّقِينَ
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.
وَإِنَّا لَنَعْلَمُ أَنَّ مِنكُم مُّكَذِّبِينَ
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.
وَإِنَّهُۥ لَحَسْرَةٌ عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ
۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.
وَإِنَّهُۥ لَحَقُّ ٱلْيَقِينِ
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.
فَسَبِّحْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلْعَظِيمِ
تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.

Surah 70: Al-Ma'arij — المعارج

سَأَلَ سَآئِلٌۢ بِعَذَابٍۢ وَاقِعٍۢ
ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.
لِّلْكَٰفِرِينَ لَيْسَ لَهُۥ دَافِعٌۭ
جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.
مِّنَ ٱللَّهِ ذِى ٱلْمَعَارِجِ
جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.
تَعْرُجُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ وَٱلرُّوحُ إِلَيْهِ فِى يَوْمٍۢ كَانَ مِقْدَارُهُۥ خَمْسِينَ أَلْفَ سَنَةٍۢ
جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.
فَٱصْبِرْ صَبْرًۭا جَمِيلًا
تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.
إِنَّهُمْ يَرَوْنَهُۥ بَعِيدًۭا
ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.
وَنَرَىٰهُ قَرِيبًۭا
۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.
يَوْمَ تَكُونُ ٱلسَّمَآءُ كَٱلْمُهْلِ
جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.
وَتَكُونُ ٱلْجِبَالُ كَٱلْعِهْنِ
۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.
وَلَا يَسْـَٔلُ حَمِيمٌ حَمِيمًۭا
۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.
يُبَصَّرُونَهُمْ ۚ يَوَدُّ ٱلْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِى مِنْ عَذَابِ يَوْمِئِذٍۭ بِبَنِيهِ
(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.
وَصَٰحِبَتِهِۦ وَأَخِيهِ
۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).
وَفَصِيلَتِهِ ٱلَّتِى تُـْٔوِيهِ
۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.
وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًۭا ثُمَّ يُنجِيهِ
۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.
كَلَّآ ۖ إِنَّهَا لَظَىٰ
ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.
نَزَّاعَةًۭ لِّلشَّوَىٰ
مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.
تَدْعُوا۟ مَنْ أَدْبَرَ وَتَوَلَّىٰ
جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.
وَجَمَعَ فَأَوْعَىٰٓ
۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.
۞ إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ خُلِقَ هَلُوعًا
بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.
إِذَا مَسَّهُ ٱلشَّرُّ جَزُوعًۭا
جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.
وَإِذَا مَسَّهُ ٱلْخَيْرُ مَنُوعًا
۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.
إِلَّا ٱلْمُصَلِّينَ
پر (اُھي) نمازي (نه).
ٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ دَآئِمُونَ
جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.
وَٱلَّذِينَ فِىٓ أَمْوَٰلِهِمْ حَقٌّۭ مَّعْلُومٌۭ
۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.
لِّلسَّآئِلِ وَٱلْمَحْرُومِ
سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.
وَٱلَّذِينَ يُصَدِّقُونَ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ
۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.
وَٱلَّذِينَ هُم مِّنْ عَذَابِ رَبِّهِم مُّشْفِقُونَ
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.
إِنَّ عَذَابَ رَبِّهِمْ غَيْرُ مَأْمُونٍۢ
بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.
وَٱلَّذِينَ هُمْ لِفُرُوجِهِمْ حَٰفِظُونَ
۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.
إِلَّا عَلَىٰٓ أَزْوَٰجِهِمْ أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُهُمْ فَإِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُومِينَ
پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.
فَمَنِ ٱبْتَغَىٰ وَرَآءَ ذَٰلِكَ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْعَادُونَ
پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.
وَٱلَّذِينَ هُمْ لِأَمَٰنَٰتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رَٰعُونَ
۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.
وَٱلَّذِينَ هُم بِشَهَٰدَٰتِهِمْ قَآئِمُونَ
۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.
وَٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ يُحَافِظُونَ
۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.
أُو۟لَٰٓئِكَ فِى جَنَّٰتٍۢ مُّكْرَمُونَ
اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.
فَمَالِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ قِبَلَكَ مُهْطِعِينَ
پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.
عَنِ ٱلْيَمِينِ وَعَنِ ٱلشِّمَالِ عِزِينَ
سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.
أَيَطْمَعُ كُلُّ ٱمْرِئٍۢ مِّنْهُمْ أَن يُدْخَلَ جَنَّةَ نَعِيمٍۢ
منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟
كَلَّآ ۖ إِنَّا خَلَقْنَٰهُم مِّمَّا يَعْلَمُونَ
ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.
فَلَآ أُقْسِمُ بِرَبِّ ٱلْمَشَٰرِقِ وَٱلْمَغَٰرِبِ إِنَّا لَقَٰدِرُونَ
پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.
عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ خَيْرًۭا مِّنْهُمْ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ
ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.
فَذَرْهُمْ يَخُوضُوا۟ وَيَلْعَبُوا۟ حَتَّىٰ يُلَٰقُوا۟ يَوْمَهُمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ
پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.
يَوْمَ يَخْرُجُونَ مِنَ ٱلْأَجْدَاثِ سِرَاعًۭا كَأَنَّهُمْ إِلَىٰ نُصُبٍۢ يُوفِضُونَ
جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.
خَٰشِعَةً أَبْصَٰرُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌۭ ۚ ذَٰلِكَ ٱلْيَوْمُ ٱلَّذِى كَانُوا۟ يُوعَدُونَ
ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.

Surah 71: Nuh — نوح

إِنَّآ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِۦٓ أَنْ أَنذِرْ قَوْمَكَ مِن قَبْلِ أَن يَأْتِيَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌۭ
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار.
قَالَ يَٰقَوْمِ إِنِّى لَكُمْ نَذِيرٌۭ مُّبِينٌ
چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
أَنِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ وَٱتَّقُوهُ وَأَطِيعُونِ
ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.
يَغْفِرْ لَكُم مِّن ذُنُوبِكُمْ وَيُؤَخِّرْكُمْ إِلَىٰٓ أَجَلٍۢ مُّسَمًّى ۚ إِنَّ أَجَلَ ٱللَّهِ إِذَا جَآءَ لَا يُؤَخَّرُ ۖ لَوْ كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.
قَالَ رَبِّ إِنِّى دَعَوْتُ قَوْمِى لَيْلًۭا وَنَهَارًۭا
(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس.
فَلَمْ يَزِدْهُمْ دُعَآءِىٓ إِلَّا فِرَارًۭا
پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
وَإِنِّى كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوٓا۟ أَصَٰبِعَهُمْ فِىٓ ءَاذَانِهِمْ وَٱسْتَغْشَوْا۟ ثِيَابَهُمْ وَأَصَرُّوا۟ وَٱسْتَكْبَرُوا۟ ٱسْتِكْبَارًۭا
۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون.
ثُمَّ إِنِّى دَعَوْتُهُمْ جِهَارًۭا
وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو.
ثُمَّ إِنِّىٓ أَعْلَنتُ لَهُمْ وَأَسْرَرْتُ لَهُمْ إِسْرَارًۭا
وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم.
فَقُلْتُ ٱسْتَغْفِرُوا۟ رَبَّكُمْ إِنَّهُۥ كَانَ غَفَّارًۭا
پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي.
يُرْسِلِ ٱلسَّمَآءَ عَلَيْكُم مِّدْرَارًۭا
ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي.
وَيُمْدِدْكُم بِأَمْوَٰلٍۢ وَبَنِينَ وَيَجْعَل لَّكُمْ جَنَّٰتٍۢ وَيَجْعَل لَّكُمْ أَنْهَٰرًۭا
۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي.
مَّا لَكُمْ لَا تَرْجُونَ لِلَّهِ وَقَارًۭا
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو.
وَقَدْ خَلَقَكُمْ أَطْوَارًا
حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين.
أَلَمْ تَرَوْا۟ كَيْفَ خَلَقَ ٱللَّهُ سَبْعَ سَمَٰوَٰتٍۢ طِبَاقًۭا
نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.
وَجَعَلَ ٱلْقَمَرَ فِيهِنَّ نُورًۭا وَجَعَلَ ٱلشَّمْسَ سِرَاجًۭا
۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين.
وَٱللَّهُ أَنۢبَتَكُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ نَبَاتًۭا
۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو.
ثُمَّ يُعِيدُكُمْ فِيهَا وَيُخْرِجُكُمْ إِخْرَاجًۭا
وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.
وَٱللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ ٱلْأَرْضَ بِسَاطًۭا
۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو.
لِّتَسْلُكُوا۟ مِنْهَا سُبُلًۭا فِجَاجًۭا
ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو.
قَالَ نُوحٌۭ رَّبِّ إِنَّهُمْ عَصَوْنِى وَٱتَّبَعُوا۟ مَن لَّمْ يَزِدْهُ مَالُهُۥ وَوَلَدُهُۥٓ إِلَّا خَسَارًۭا
نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
وَمَكَرُوا۟ مَكْرًۭا كُبَّارًۭا
۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو.
وَقَالُوا۟ لَا تَذَرُنَّ ءَالِهَتَكُمْ وَلَا تَذَرُنَّ وَدًّۭا وَلَا سُوَاعًۭا وَلَا يَغُوثَ وَيَعُوقَ وَنَسْرًۭا
۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو.
وَقَدْ أَضَلُّوا۟ كَثِيرًۭا ۖ وَلَا تَزِدِ ٱلظَّٰلِمِينَ إِلَّا ضَلَٰلًۭا
۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.
مِّمَّا خَطِيٓـَٰٔتِهِمْ أُغْرِقُوا۟ فَأُدْخِلُوا۟ نَارًۭا فَلَمْ يَجِدُوا۟ لَهُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ أَنصَارًۭا
انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون.
وَقَالَ نُوحٌۭ رَّبِّ لَا تَذَرْ عَلَى ٱلْأَرْضِ مِنَ ٱلْكَٰفِرِينَ دَيَّارًا
۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ.
إِنَّكَ إِن تَذَرْهُمْ يُضِلُّوا۟ عِبَادَكَ وَلَا يَلِدُوٓا۟ إِلَّا فَاجِرًۭا كَفَّارًۭا
بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا.
رَّبِّ ٱغْفِرْ لِى وَلِوَٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيْتِىَ مُؤْمِنًۭا وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَٰتِ وَلَا تَزِدِ ٱلظَّٰلِمِينَ إِلَّا تَبَارًۢا
اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.

Surah 72: Al-Jinn — الجن

قُلْ أُوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ ٱسْتَمَعَ نَفَرٌۭ مِّنَ ٱلْجِنِّ فَقَالُوٓا۟ إِنَّا سَمِعْنَا قُرْءَانًا عَجَبًۭا
(اي پيغمبر) چؤ ته مون ڏانھن (ھن ڳالھ جو) وحي موڪليو ويو ته جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ (قرآن) ٻڌو پوءِ چيائون ته بيشڪ اسان ھڪ عجيب قرآن ٻڌو.
يَهْدِىٓ إِلَى ٱلرُّشْدِ فَـَٔامَنَّا بِهِۦ ۖ وَلَن نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ أَحَدًۭا
جو سڌي رستي ڏانھن ڏس ڏئي ٿو تنھنڪري ان تي ايمان آندوسون، ۽ پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ ھرگز نه ڪنداسون.
وَأَنَّهُۥ تَعَٰلَىٰ جَدُّ رَبِّنَا مَا ٱتَّخَذَ صَٰحِبَةًۭ وَلَا وَلَدًۭا
۽ (بيان ڪرڻ لڳا) ته اسان جي پالڻھار جو شان تمام وڏو آھي نڪي ڪو زال ۽ اولاد رکيو اٿس.
وَأَنَّهُۥ كَانَ يَقُولُ سَفِيهُنَا عَلَى ٱللَّهِ شَطَطًۭا
۽ ھي ته الله جي نسبت ۾ اسان مان بيوقوف ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو ٿي.
وَأَنَّا ظَنَنَّآ أَن لَّن تَقُولَ ٱلْإِنسُ وَٱلْجِنُّ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًۭا
۽ ھي ته اسان ڀانيو ھو ته اسان ۽ جنّ ڪڏھن الله تي ڪوڙ نه چوندا.
وَأَنَّهُۥ كَانَ رِجَالٌۭ مِّنَ ٱلْإِنسِ يَعُوذُونَ بِرِجَالٍۢ مِّنَ ٱلْجِنِّ فَزَادُوهُمْ رَهَقًۭا
۽ ھي ته ماڻھن مان ڪيترا مڙس جنّن جي مڙسن جي سام پوندا ھوا پوءِ ماڻھن جنّن (جي حق) ۾ (ھٿئون) وڏائي وڌائي.
وَأَنَّهُمْ ظَنُّوا۟ كَمَا ظَنَنتُمْ أَن لَّن يَبْعَثَ ٱللَّهُ أَحَدًۭا
۽ ھي ته (اي جنّو) ماڻھن اھڙو گمان ڪيو ھو جھڙو اوھان گمان ڪيو ھو ته الله ھرگز ڪنھن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو.
وَأَنَّا لَمَسْنَا ٱلسَّمَآءَ فَوَجَدْنَٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًۭا شَدِيدًۭا وَشُهُبًۭا
۽ ھي ته اسان آسمان کي جاچيو پوءِ ڏٺوسونس ته سخت چوڪيدارن ۽ اُلانبن سان ڀرجي ويو آھي.
وَأَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَٰعِدَ لِلسَّمْعِ ۖ فَمَن يَسْتَمِعِ ٱلْءَانَ يَجِدْ لَهُۥ شِهَابًۭا رَّصَدًۭا
۽ ھي ته اسان (اڳي) آسمان جي (گھڻن) رستن تي (ملائڪن جي گفتگو) ٻڌڻ لاءِ وھندا ھواسين، پوءِ جيڪو ھاڻي ڪن ڏيندو آھي سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل اُلانبي وارو تارو ڏسندو آھي.
وَأَنَّا لَا نَدْرِىٓ أَشَرٌّ أُرِيدَ بِمَن فِى ٱلْأَرْضِ أَمْ أَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًۭا
۽ ھي ته اسين نه ٿا ڄاڻون ته جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ ڪنھن مدائي جو ارادو ڪيو ويو آھي يا انھن لاءِ سندن پالڻھار ڪو چڱائي جو ارادو ڪيو آھي.
وَأَنَّا مِنَّا ٱلصَّٰلِحُونَ وَمِنَّا دُونَ ذَٰلِكَ ۖ كُنَّا طَرَآئِقَ قِدَدًۭا
۽ ھي ته ڪي اسان مان سڌريل آھن ۽ اسان مان ڪي اُن کانسواءِ (به) آھن، (اسين) مختلف ٽوليون ٽوليون ھواسون.
وَأَنَّا ظَنَنَّآ أَن لَّن نُّعْجِزَ ٱللَّهَ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَن نُّعْجِزَهُۥ هَرَبًۭا
۽ ھي ته اسان ڄاتو ته زمين ۾ الله کي ڪڏھن به ٿَڪائي نه سگھنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏھن ٿَڪائي سگھنداسونس.
وَأَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا ٱلْهُدَىٰٓ ءَامَنَّا بِهِۦ ۖ فَمَن يُؤْمِنۢ بِرَبِّهِۦ فَلَا يَخَافُ بَخْسًۭا وَلَا رَهَقًۭا
۽ ھي ته جڏھن اسان ھدايت (جي ڳالھ) ٻڌي (تڏھن) اُن تي ايمان آندوسون، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيندو سو نڪي ڪنھن نقصان کان ۽ نڪي ڪنھن ظلم کان ڊڄندو.
وَأَنَّا مِنَّا ٱلْمُسْلِمُونَ وَمِنَّا ٱلْقَٰسِطُونَ ۖ فَمَنْ أَسْلَمَ فَأُو۟لَٰٓئِكَ تَحَرَّوْا۟ رَشَدًۭا
۽ ھي ته اسان مان ڪي مسلمان آھن ۽ اسان مان ڪي گنھگار آھن، پوءِ جيڪي مُسلمان ٿيا تن سِڌي واٽ جي نيت ڪئي.
وَأَمَّا ٱلْقَٰسِطُونَ فَكَانُوا۟ لِجَهَنَّمَ حَطَبًۭا
۽ گنھگار سي دوزخ جي ڪاٺيون ھوندا.
وَأَلَّوِ ٱسْتَقَٰمُوا۟ عَلَى ٱلطَّرِيقَةِ لَأَسْقَيْنَٰهُم مَّآءً غَدَقًۭا
۽ (اي پيغمبر) ھيءَ (به چؤ ته مون ڏانھن موڪليو ويو آھي) ته جيڪڏھن ماڻھو سڌيءَ واٽ تي بيھڪ وٺن ھا ته ضرور انھن (جي پوکن) کي گھڻو پاڻي پياريون ھا.
لِّنَفْتِنَهُمْ فِيهِ ۚ وَمَن يُعْرِضْ عَن ذِكْرِ رَبِّهِۦ يَسْلُكْهُ عَذَابًۭا صَعَدًۭا
ته اُن ۾ کين پرکيون ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان مُنھن موڙيندو تنھن کي (الله) سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو.
وَأَنَّ ٱلْمَسَٰجِدَ لِلَّهِ فَلَا تَدْعُوا۟ مَعَ ٱللَّهِ أَحَدًۭا
۽ ھي ته سڀ مسجدون (خاص) الله جون آھن تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو.
وَأَنَّهُۥ لَمَّا قَامَ عَبْدُ ٱللَّهِ يَدْعُوهُ كَادُوا۟ يَكُونُونَ عَلَيْهِ لِبَدًۭا
۽ ھي ته جنھن مھل الله جو ٻانھو (ﷴ ﷺ) بيٺو ته سندس عبادت ڪري تنھن مھل جنّ مٿس ڳاھٽ ڪرڻ تي ھوا.
قُلْ إِنَّمَآ أَدْعُوا۟ رَبِّى وَلَآ أُشْرِكُ بِهِۦٓ أَحَدًۭا
چؤ ته آءٌ رڳو پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ڪنھن ھڪڙي کي ساڻس شريڪ نه ٿو ڪريان.
قُلْ إِنِّى لَآ أَمْلِكُ لَكُمْ ضَرًّۭا وَلَا رَشَدًۭا
چؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏک پھچائڻ ۽ سنئي رستي تي آڻڻ جو وس نٿو رکان.
قُلْ إِنِّى لَن يُجِيرَنِى مِنَ ٱللَّهِ أَحَدٌۭ وَلَنْ أَجِدَ مِن دُونِهِۦ مُلْتَحَدًا
چؤ ته بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو، ۽ اُن کانسواءِ ڪا پناھ ڪڏھن نه لھندس.
إِلَّا بَلَٰغًۭا مِّنَ ٱللَّهِ وَرِسَٰلَٰتِهِۦ ۚ وَمَن يَعْصِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ فَإِنَّ لَهُۥ نَارَ جَهَنَّمَ خَٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا
مگر الله جي پار کان خبر پھچائڻي آھي ۽ سندس پيغام پھچائڻا آھن ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھي جنھن ۾ سدائين رھندا.
حَتَّىٰٓ إِذَا رَأَوْا۟ مَا يُوعَدُونَ فَسَيَعْلَمُونَ مَنْ أَضْعَفُ نَاصِرًۭا وَأَقَلُّ عَدَدًۭا
(ايستائين غفلت ۾ رھندا) جيسين ڪه جيڪو اُنھن کي انجام ڏجي ٿو سو ڏسن پوءِ ڄاڻندا ته مددگار جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ۽ ڳاڻيٽي جي ڪري تمام ٿورو ڪير آھي.
قُلْ إِنْ أَدْرِىٓ أَقَرِيبٌۭ مَّا تُوعَدُونَ أَمْ يَجْعَلُ لَهُۥ رَبِّىٓ أَمَدًا
(کين) چؤ ته آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (الائي) ويجھو آھي يا منھنجو پالڻھار اُن جي ڪا (ٻي) مُدت مُقرر ڪندو.
عَٰلِمُ ٱلْغَيْبِ فَلَا يُظْهِرُ عَلَىٰ غَيْبِهِۦٓ أَحَدًا
(اُھو) ڳُجھ جو ڄاڻندڙ آھي پوءِ پنھنجي ڳجھ تي ڪنھن ھڪڙي کي واقف نه ڪندو آھي.
إِلَّا مَنِ ٱرْتَضَىٰ مِن رَّسُولٍۢ فَإِنَّهُۥ يَسْلُكُ مِنۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهِۦ رَصَدًۭا
سواءِ انھيءَ جي جو جنھن پيغمبر کي پسند ڪيائين بيشڪ الله سندس اڳتان ۽ سندس پوئتان نگھبان (ملائڪ) موڪليندو آھي.
لِّيَعْلَمَ أَن قَدْ أَبْلَغُوا۟ رِسَٰلَٰتِ رَبِّهِمْ وَأَحَاطَ بِمَا لَدَيْهِمْ وَأَحْصَىٰ كُلَّ شَىْءٍ عَدَدًۢا
(ھن لاءِ) ته ڄاڻي ته پنھنجي پالڻھار جا حُڪم سچ پچ پھچايا اٿن ۽ جيڪي وٽن آھي تنھنکي الله ھر طرح پنھنجي وس رکيو آھي ۽ سڀڪنھن شيءَ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس.

Surah 73: Al-Muzzammil — المزمل

يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمُزَّمِّلُ
اي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ ورا مڙس.
قُمِ ٱلَّيْلَ إِلَّا قَلِيلًۭا
رات جو کڙو ٿيءُ پر ٿورو.
نِّصْفَهُۥٓ أَوِ ٱنقُصْ مِنْهُ قَلِيلًا
رات جو اڌ يا اڌ رات کان ٿورو گھٽاءِ.
أَوْ زِدْ عَلَيْهِ وَرَتِّلِ ٱلْقُرْءَانَ تَرْتِيلًا
يا اڌ رات تي وڌاءِ ۽ قرآن ٺاھي ٺاھي پڙھ.
إِنَّا سَنُلْقِى عَلَيْكَ قَوْلًۭا ثَقِيلًا
بيشڪ اسين توتي ھڪ ڳرو حُڪم نازل ڪنداسين.
إِنَّ نَاشِئَةَ ٱلَّيْلِ هِىَ أَشَدُّ وَطْـًۭٔا وَأَقْوَمُ قِيلًا
بيشڪ رات جو اُٿڻ (نفس جي) جھڪي ڪرڻ ۾ تمام سخت آھي ۽ لفظن (چوڻ) ۾ تمام پڪو آھي.
إِنَّ لَكَ فِى ٱلنَّهَارِ سَبْحًۭا طَوِيلًۭا
بيشڪ توکي ڏينھن ۾ گھڻو ڌنڌو آھي.
وَٱذْكُرِ ٱسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ إِلَيْهِ تَبْتِيلًۭا
۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني پاسن کان ھڪ طرفو ٿي چڱي طرح ڏانھس متوجه ٿيءُ.
رَّبُّ ٱلْمَشْرِقِ وَٱلْمَغْرِبِ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ فَٱتَّخِذْهُ وَكِيلًۭا
جو اوڀر ۽ اولھ جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري تون کيس ڀرجھلو ڪري وٺ.
وَٱصْبِرْ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَٱهْجُرْهُمْ هَجْرًۭا جَمِيلًۭا
۽ (ڪافر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ چڱي طرح انھن کي ڇڏي ڏي.
وَذَرْنِى وَٱلْمُكَذِّبِينَ أُو۟لِى ٱلنَّعْمَةِ وَمَهِّلْهُمْ قَلِيلًا
۽ مون کي ۽ جيڪي ڪوڙ ڀائيندڙ آسودا آھن تن کي ڇڏي ڏي ۽ اُنھن کي ٿوري مُھلت ڏي.
إِنَّ لَدَيْنَآ أَنكَالًۭا وَجَحِيمًۭا
بيشڪ اسان وٽ (ڳرا) نيل ۽ ٻاريل باھ آھي.
وَطَعَامًۭا ذَا غُصَّةٍۢ وَعَذَابًا أَلِيمًۭا
۽ نڙي گھٽيندڙ طعام ۽ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
يَوْمَ تَرْجُفُ ٱلْأَرْضُ وَٱلْجِبَالُ وَكَانَتِ ٱلْجِبَالُ كَثِيبًۭا مَّهِيلًا
جنھن ڏينھن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل واريءَ جا ڍڳ ھاريل ٿيندا.
إِنَّآ أَرْسَلْنَآ إِلَيْكُمْ رَسُولًۭا شَٰهِدًا عَلَيْكُمْ كَمَآ أَرْسَلْنَآ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ رَسُولًۭا
(اي ماڻھو) بيشڪ اسان اوھان ڏانھن ھڪ پيغمبر اوھان تي شاھدي ڏيندڙ موڪليو جھڙي طرح فرعون ڏانھن (موسى) پيغمبر (ڪري) موڪليوسون.
فَعَصَىٰ فِرْعَوْنُ ٱلرَّسُولَ فَأَخَذْنَٰهُ أَخْذًۭا وَبِيلًۭا
پوءِ فرعون اُن پيغمبر جي نافرماني ڪئي تنھنڪري اُن کي سخت پڪڙ ۾ پڪڙيوسون.
فَكَيْفَ تَتَّقُونَ إِن كَفَرْتُمْ يَوْمًۭا يَجْعَلُ ٱلْوِلْدَٰنَ شِيبًا
پوءِ جيڪڏھن (اوھين) ڪافر رھندؤ ته اھڙي ڏينھن کان ڪيئن بچندو جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪندو.
ٱلسَّمَآءُ مُنفَطِرٌۢ بِهِۦ ۚ كَانَ وَعْدُهُۥ مَفْعُولًا
اُن ڏينھن ۾ آسمان ڦاٽندو، الله جو انجام (ضرور پورو) ٿيڻو آھي.
إِنَّ هَٰذِهِۦ تَذْكِرَةٌۭ ۖ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ سَبِيلًا
بيشڪ ھيءَ نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي.
۞ إِنَّ رَبَّكَ يَعْلَمُ أَنَّكَ تَقُومُ أَدْنَىٰ مِن ثُلُثَىِ ٱلَّيْلِ وَنِصْفَهُۥ وَثُلُثَهُۥ وَطَآئِفَةٌۭ مِّنَ ٱلَّذِينَ مَعَكَ ۚ وَٱللَّهُ يُقَدِّرُ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ ۚ عَلِمَ أَن لَّن تُحْصُوهُ فَتَابَ عَلَيْكُمْ ۖ فَٱقْرَءُوا۟ مَا تَيَسَّرَ مِنَ ٱلْقُرْءَانِ ۚ عَلِمَ أَن سَيَكُونُ مِنكُم مَّرْضَىٰ ۙ وَءَاخَرُونَ يَضْرِبُونَ فِى ٱلْأَرْضِ يَبْتَغُونَ مِن فَضْلِ ٱللَّهِ ۙ وَءَاخَرُونَ يُقَٰتِلُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ۖ فَٱقْرَءُوا۟ مَا تَيَسَّرَ مِنْهُ ۚ وَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتُوا۟ ٱلزَّكَوٰةَ وَأَقْرِضُوا۟ ٱللَّهَ قَرْضًا حَسَنًۭا ۚ وَمَا تُقَدِّمُوا۟ لِأَنفُسِكُم مِّنْ خَيْرٍۢ تَجِدُوهُ عِندَ ٱللَّهِ هُوَ خَيْرًۭا وَأَعْظَمَ أَجْرًۭا ۚ وَٱسْتَغْفِرُوا۟ ٱللَّهَ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌۭ رَّحِيمٌۢ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته تون ٻن ٽھائن رات جي ويجھو اُٿندڙ آھين ۽ اڌ رات جو ۽ ٽھائي رات جي ۽ جيڪي تو ساڻ آھن تن مان به ھڪ ٽولي (اٿندي آھي)، ۽ الله رات ۽ ڏينھن جو اندازو ڪندو آھي، الله ڄاتو ته اوھين رات جو اُٿڻ پورو ڪري نه ٿا سگھو تنھنڪري اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو پوءِ جيترو آسان ٿي سگھي سو قرآن مان پڙھو، الله ڄاڻي چڪو ته اوھان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا جي زمين ۾ مسافري ڪن ٿا الله جي فضل مان (روزيءَ جي) طلب ڪن ٿا ۽ ٻيا الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) وڙھن ٿا، تنھنڪري جيترو قرآن مان آسان ٿي سگھي سو پڙھو ۽ نماز کي قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيو، ۽ جيڪي پاڻ لاءِ چڱائي مان اڳي موڪليندؤ تنھن کي الله وٽ وڌيڪ چڱو ۽ اجر ڪري تمام وڏو لھندؤ، ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

Surah 74: Al-Muddaththir — المدثر

يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمُدَّثِّرُ
اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.
قُمْ فَأَنذِرْ
کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.
وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ
۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
وَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ
۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
وَٱلرُّجْزَ فَٱهْجُرْ
۽ پليتي کان پري رھ.
وَلَا تَمْنُن تَسْتَكْثِرُ
۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.
وَلِرَبِّكَ فَٱصْبِرْ
۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.
فَإِذَا نُقِرَ فِى ٱلنَّاقُورِ
پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.
فَذَٰلِكَ يَوْمَئِذٍۢ يَوْمٌ عَسِيرٌ
تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.
عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ غَيْرُ يَسِيرٍۢ
ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.
ذَرْنِى وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيدًۭا
مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.
وَجَعَلْتُ لَهُۥ مَالًۭا مَّمْدُودًۭا
۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.
وَبَنِينَ شُهُودًۭا
۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).
وَمَهَّدتُّ لَهُۥ تَمْهِيدًۭا
۽ ان کي پوري طرح وڌايم.
ثُمَّ يَطْمَعُ أَنْ أَزِيدَ
وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.
كَلَّآ ۖ إِنَّهُۥ كَانَ لِءَايَٰتِنَا عَنِيدًۭا
ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.
سَأُرْهِقُهُۥ صَعُودًا
جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.
إِنَّهُۥ فَكَّرَ وَقَدَّرَ
بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.
فَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ
پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.
ثُمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ
وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.
ثُمَّ نَظَرَ
وري (غور ڪري) ڏٺائين.
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ
وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.
ثُمَّ أَدْبَرَ وَٱسْتَكْبَرَ
وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.
فَقَالَ إِنْ هَٰذَآ إِلَّا سِحْرٌۭ يُؤْثَرُ
پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.
إِنْ هَٰذَآ إِلَّا قَوْلُ ٱلْبَشَرِ
ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.
سَأُصْلِيهِ سَقَرَ
جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا سَقَرُ
۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.
لَا تُبْقِى وَلَا تَذَرُ
اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.
لَوَّاحَةٌۭ لِّلْبَشَرِ
ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.
عَلَيْهَا تِسْعَةَ عَشَرَ
اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.
وَمَا جَعَلْنَآ أَصْحَٰبَ ٱلنَّارِ إِلَّا مَلَٰٓئِكَةًۭ ۙ وَمَا جَعَلْنَا عِدَّتَهُمْ إِلَّا فِتْنَةًۭ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِيَسْتَيْقِنَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ وَيَزْدَادَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِيمَٰنًۭا ۙ وَلَا يَرْتَابَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْمُؤْمِنُونَ ۙ وَلِيَقُولَ ٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌۭ وَٱلْكَٰفِرُونَ مَاذَآ أَرَادَ ٱللَّهُ بِهَٰذَا مَثَلًۭا ۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ ٱللَّهُ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِى مَن يَشَآءُ ۚ وَمَا يَعْلَمُ جُنُودَ رَبِّكَ إِلَّا هُوَ ۚ وَمَا هِىَ إِلَّا ذِكْرَىٰ لِلْبَشَرِ
۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.
كَلَّا وَٱلْقَمَرِ
سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.
وَٱلَّيْلِ إِذْ أَدْبَرَ
۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.
وَٱلصُّبْحِ إِذَآ أَسْفَرَ
۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.
إِنَّهَا لَإِحْدَى ٱلْكُبَرِ
ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.
نَذِيرًۭا لِّلْبَشَرِ
(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.
لِمَن شَآءَ مِنكُمْ أَن يَتَقَدَّمَ أَوْ يَتَأَخَّرَ
اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.
كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ رَهِينَةٌ
سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.
إِلَّآ أَصْحَٰبَ ٱلْيَمِينِ
پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).
فِى جَنَّٰتٍۢ يَتَسَآءَلُونَ
(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.
عَنِ ٱلْمُجْرِمِينَ
ڏوھارين کان.
مَا سَلَكَكُمْ فِى سَقَرَ
ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.
قَالُوا۟ لَمْ نَكُ مِنَ ٱلْمُصَلِّينَ
چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.
وَلَمْ نَكُ نُطْعِمُ ٱلْمِسْكِينَ
۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.
وَكُنَّا نَخُوضُ مَعَ ٱلْخَآئِضِينَ
۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.
وَكُنَّا نُكَذِّبُ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ
۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.
حَتَّىٰٓ أَتَىٰنَا ٱلْيَقِينُ
تان جو اسان کي موت پھتو.
فَمَا تَنفَعُهُمْ شَفَٰعَةُ ٱلشَّٰفِعِينَ
پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.
فَمَا لَهُمْ عَنِ ٱلتَّذْكِرَةِ مُعْرِضِينَ
پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.
كَأَنَّهُمْ حُمُرٌۭ مُّسْتَنفِرَةٌۭ
ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.
فَرَّتْ مِن قَسْوَرَةٍۭ
جي شينھن کان ڀڳا ھجن.
بَلْ يُرِيدُ كُلُّ ٱمْرِئٍۢ مِّنْهُمْ أَن يُؤْتَىٰ صُحُفًۭا مُّنَشَّرَةًۭ
بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.
كَلَّا ۖ بَل لَّا يَخَافُونَ ٱلْءَاخِرَةَ
ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.
كَلَّآ إِنَّهُۥ تَذْكِرَةٌۭ
سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.
فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ
پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.
وَمَا يَذْكُرُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ ۚ هُوَ أَهْلُ ٱلتَّقْوَىٰ وَأَهْلُ ٱلْمَغْفِرَةِ
۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.

Surah 75: Al-Qiyamah — القيامة

لَآ أُقْسِمُ بِيَوْمِ ٱلْقِيَٰمَةِ
قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.
وَلَآ أُقْسِمُ بِٱلنَّفْسِ ٱللَّوَّامَةِ
۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا).
أَيَحْسَبُ ٱلْإِنسَٰنُ أَلَّن نَّجْمَعَ عِظَامَهُۥ
ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون.
بَلَىٰ قَٰدِرِينَ عَلَىٰٓ أَن نُّسَوِّىَ بَنَانَهُۥ
ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون.
بَلْ يُرِيدُ ٱلْإِنسَٰنُ لِيَفْجُرَ أَمَامَهُۥ
بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري.
يَسْـَٔلُ أَيَّانَ يَوْمُ ٱلْقِيَٰمَةِ
پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
فَإِذَا بَرِقَ ٱلْبَصَرُ
پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون.
وَخَسَفَ ٱلْقَمَرُ
۽ چنڊ گرھبو.
وَجُمِعَ ٱلشَّمْسُ وَٱلْقَمَرُ
۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا.
يَقُولُ ٱلْإِنسَٰنُ يَوْمَئِذٍ أَيْنَ ٱلْمَفَرُّ
(تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟
كَلَّا لَا وَزَرَ
نه نه! ڪا واھ ڪانھي.
إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ ٱلْمُسْتَقَرُّ
تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي.
يُنَبَّؤُا۟ ٱلْإِنسَٰنُ يَوْمَئِذٍۭ بِمَا قَدَّمَ وَأَخَّرَ
اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين.
بَلِ ٱلْإِنسَٰنُ عَلَىٰ نَفْسِهِۦ بَصِيرَةٌۭ
بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي.
وَلَوْ أَلْقَىٰ مَعَاذِيرَهُۥ
توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري.
لَا تُحَرِّكْ بِهِۦ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهِۦٓ
(اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين.
إِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهُۥ وَقُرْءَانَهُۥ
ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي.
فَإِذَا قَرَأْنَٰهُ فَٱتَّبِعْ قُرْءَانَهُۥ
پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ.
ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهُۥ
وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.
كَلَّا بَلْ تُحِبُّونَ ٱلْعَاجِلَةَ
نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو.
وَتَذَرُونَ ٱلْءَاخِرَةَ
۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو.
وُجُوهٌۭ يَوْمَئِذٍۢ نَّاضِرَةٌ
ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا.
إِلَىٰ رَبِّهَا نَاظِرَةٌۭ
پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.
وَوُجُوهٌۭ يَوْمَئِذٍۭ بَاسِرَةٌۭ
۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا.
تَظُنُّ أَن يُفْعَلَ بِهَا فَاقِرَةٌۭ
ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ.
كَلَّآ إِذَا بَلَغَتِ ٱلتَّرَاقِىَ
نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو.
وَقِيلَ مَنْ ۜ رَاقٍۢ
۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي.
وَظَنَّ أَنَّهُ ٱلْفِرَاقُ
۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو.
وَٱلْتَفَّتِ ٱلسَّاقُ بِٱلسَّاقِ
۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي.
إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ ٱلْمَسَاقُ
اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي.
فَلَا صَدَّقَ وَلَا صَلَّىٰ
پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين.
وَلَٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ
پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين.
ثُمَّ ذَهَبَ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ يَتَمَطَّىٰٓ
وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو.
أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰ
توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي.
ثُمَّ أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰٓ
وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي.
أَيَحْسَبُ ٱلْإِنسَٰنُ أَن يُتْرَكَ سُدًى
ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو.
أَلَمْ يَكُ نُطْفَةًۭ مِّن مَّنِىٍّۢ يُمْنَىٰ
(اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو.
ثُمَّ كَانَ عَلَقَةًۭ فَخَلَقَ فَسَوَّىٰ
وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.
فَجَعَلَ مِنْهُ ٱلزَّوْجَيْنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰٓ
پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين.
أَلَيْسَ ذَٰلِكَ بِقَٰدِرٍ عَلَىٰٓ أَن يُحْۦِىَ ٱلْمَوْتَىٰ
اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟

Surah 76: Al-Insan — الإنسان

هَلْ أَتَىٰ عَلَى ٱلْإِنسَٰنِ حِينٌۭ مِّنَ ٱلدَّهْرِ لَمْ يَكُن شَيْـًۭٔا مَّذْكُورًا
ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي جو (ھو اھڙي) ڪا شيءَ نه ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي.
إِنَّا خَلَقْنَا ٱلْإِنسَٰنَ مِن نُّطْفَةٍ أَمْشَاجٍۢ نَّبْتَلِيهِ فَجَعَلْنَٰهُ سَمِيعًۢا بَصِيرًا
بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.
إِنَّا هَدَيْنَٰهُ ٱلسَّبِيلَ إِمَّا شَاكِرًۭا وَإِمَّا كَفُورًا
بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر.
إِنَّآ أَعْتَدْنَا لِلْكَٰفِرِينَ سَلَٰسِلَا۟ وَأَغْلَٰلًۭا وَسَعِيرًا
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير يا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.
إِنَّ ٱلْأَبْرَارَ يَشْرَبُونَ مِن كَأْسٍۢ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُورًا
بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (انھي شراب جي) پيالي مان پيئندا جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻي) جي ھوندي.
عَيْنًۭا يَشْرَبُ بِهَا عِبَادُ ٱللَّهِ يُفَجِّرُونَهَا تَفْجِيرًۭا
اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا جنھن کي چڱي طرح وھائيندا.
يُوفُونَ بِٱلنَّذْرِ وَيَخَافُونَ يَوْمًۭا كَانَ شَرُّهُۥ مُسْتَطِيرًۭا
جي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي.
وَيُطْعِمُونَ ٱلطَّعَامَ عَلَىٰ حُبِّهِۦ مِسْكِينًۭا وَيَتِيمًۭا وَأَسِيرًا
۽ طعام جي احتياج ھوندي مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آھن.
إِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ ٱللَّهِ لَا نُرِيدُ مِنكُمْ جَزَآءًۭ وَلَا شُكُورًا
(۽ چوندا آھن ته) اسين ته اوھان کي الله جي واسطي کارائيندا آھيون اوھان کان نڪو بدلو ۽ نڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون.
إِنَّا نَخَافُ مِن رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوسًۭا قَمْطَرِيرًۭا
بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون جو تمام سخت آھي.
فَوَقَىٰهُمُ ٱللَّهُ شَرَّ ذَٰلِكَ ٱلْيَوْمِ وَلَقَّىٰهُمْ نَضْرَةًۭ وَسُرُورًۭا
پوءِ الله اُن ڏينھن جي مدائي کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي.
وَجَزَىٰهُم بِمَا صَبَرُوا۟ جَنَّةًۭ وَحَرِيرًۭا
۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين.
مُّتَّكِـِٔينَ فِيهَا عَلَى ٱلْأَرَآئِكِ ۖ لَا يَرَوْنَ فِيهَا شَمْسًۭا وَلَا زَمْهَرِيرًۭا
اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندا، اتي نڪي (سج جي) اُتت ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا.
وَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلَٰلُهَا وَذُلِّلَتْ قُطُوفُهَا تَذْلِيلًۭا
۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح ويجھا ڪبا.
وَيُطَافُ عَلَيْهِم بِـَٔانِيَةٍۢ مِّن فِضَّةٍۢ وَأَكْوَابٍۢ كَانَتْ قَوَارِيرَا۠
۽ روپن ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي جي شيشن وانگر ھوندا.
قَوَارِيرَا۟ مِن فِضَّةٍۢ قَدَّرُوهَا تَقْدِيرًۭا
(پر) شيشا (به) چاندي جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري انداز سان ٺھرايو آھي.
وَيُسْقَوْنَ فِيهَا كَأْسًۭا كَانَ مِزَاجُهَا زَنجَبِيلًا
۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا جنھن (جي پاڻي) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي.
عَيْنًۭا فِيهَا تُسَمَّىٰ سَلْسَبِيلًۭا
اُتي اھو ھڪ چشمو آھي جنھن جو نالو سَلۡسَبِيۡل رکيو وڃي ٿو.
۞ وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَٰنٌۭ مُّخَلَّدُونَ إِذَا رَأَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًۭا مَّنثُورًۭا
۽ وٽن ھميشه رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا، (اي ڏسندڙ) جڏھن انھن کي ڏسندين (ته) انھن کي کنڊريل موتي پيو ڀائيندين.
وَإِذَا رَأَيْتَ ثَمَّ رَأَيْتَ نَعِيمًۭا وَمُلْكًۭا كَبِيرًا
۽ جڏھن اُتي نھاريندين (ته) اڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين.
عَٰلِيَهُمْ ثِيَابُ سُندُسٍ خُضْرٌۭ وَإِسْتَبْرَقٌۭ ۖ وَحُلُّوٓا۟ أَسَاوِرَ مِن فِضَّةٍۢ وَسَقَىٰهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًۭا طَهُورًا
مٿانئن سنھي سائي پَٽ ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا، ۽ چاندِيءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا، ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو.
إِنَّ هَٰذَا كَانَ لَكُمْ جَزَآءًۭ وَكَانَ سَعْيُكُم مَّشْكُورًا
بيشڪ اھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جو سعيو قبول ڪيل آھي.
إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ ٱلْقُرْءَانَ تَنزِيلًۭا
بيشڪ اسان توتي قرآن درجي بدرجي لاٿو.
فَٱصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلَا تُطِعْ مِنْهُمْ ءَاثِمًا أَوْ كَفُورًۭا
پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ.
وَٱذْكُرِ ٱسْمَ رَبِّكَ بُكْرَةًۭ وَأَصِيلًۭا
۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر.
وَمِنَ ٱلَّيْلِ فَٱسْجُدْ لَهُۥ وَسَبِّحْهُ لَيْلًۭا طَوِيلًا
۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ گھڻي رات سندس پاڪائي ساراھ.
إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ يُحِبُّونَ ٱلْعَاجِلَةَ وَيَذَرُونَ وَرَآءَهُمْ يَوْمًۭا ثَقِيلًۭا
بيشڪ اُھي (ڪافر) دنيا کي پيارو رکندا آھن ۽ ڳوري ڏينھن کي پنھنجي پٺيان ڦٽو ڪندا آھن.
نَّحْنُ خَلَقْنَٰهُمْ وَشَدَدْنَآ أَسْرَهُمْ ۖ وَإِذَا شِئْنَا بَدَّلْنَآ أَمْثَٰلَهُمْ تَبْدِيلًا
اسان کين پيدا ڪيو ۽ سندن سَنڌ پُختا ڪياسون، ۽ جڏھن گھرون (ته) اھڙا ٻيا عوض ۾ مٽائي آڻيون.
إِنَّ هَٰذِهِۦ تَذْكِرَةٌۭ ۖ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ سَبِيلًۭا
بيشڪ اھا نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي.
وَمَا تَشَآءُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًۭا
۽ اوھين نه گھرندؤ مگر اُھو جيڪي الله گھري، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
يُدْخِلُ مَن يَشَآءُ فِى رَحْمَتِهِۦ ۚ وَٱلظَّٰلِمِينَ أَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًۢا
جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.

Surah 77: Al-Mursalat — المرسلات

وَٱلْمُرْسَلَٰتِ عُرْفًۭا
چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي.
فَٱلْعَٰصِفَٰتِ عَصْفًۭا
پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي.
وَٱلنَّٰشِرَٰتِ نَشْرًۭا
۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي.
فَٱلْفَٰرِقَٰتِ فَرْقًۭا
پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي.
فَٱلْمُلْقِيَٰتِ ذِكْرًا
پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي.
عُذْرًا أَوْ نُذْرًا
(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن.
إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَوَٰقِعٌۭ
ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي.
فَإِذَا ٱلنُّجُومُ طُمِسَتْ
پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا.
وَإِذَا ٱلسَّمَآءُ فُرِجَتْ
۽ جڏھن آسمان چيربو.
وَإِذَا ٱلْجِبَالُ نُسِفَتْ
۽ جڏھن جبل اڏائبا.
وَإِذَا ٱلرُّسُلُ أُقِّتَتْ
۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا.
لِأَىِّ يَوْمٍ أُجِّلَتْ
(تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو.
لِيَوْمِ ٱلْفَصْلِ
فيصلي جي ڏينھن لاءِ.
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلْفَصْلِ
۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
أَلَمْ نُهْلِكِ ٱلْأَوَّلِينَ
پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟
ثُمَّ نُتْبِعُهُمُ ٱلْءَاخِرِينَ
وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون.
كَذَٰلِكَ نَفْعَلُ بِٱلْمُجْرِمِينَ
ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
أَلَمْ نَخْلُقكُّم مِّن مَّآءٍۢ مَّهِينٍۢ
اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟
فَجَعَلْنَٰهُ فِى قَرَارٍۢ مَّكِينٍ
پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون.
إِلَىٰ قَدَرٍۢ مَّعْلُومٍۢ
ھڪ مُقرّر وقت تائين.
فَقَدَرْنَا فَنِعْمَ ٱلْقَٰدِرُونَ
پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
أَلَمْ نَجْعَلِ ٱلْأَرْضَ كِفَاتًا
زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟
أَحْيَآءًۭ وَأَمْوَٰتًۭا
(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي).
وَجَعَلْنَا فِيهَا رَوَٰسِىَ شَٰمِخَٰتٍۢ وَأَسْقَيْنَٰكُم مَّآءًۭ فُرَاتًۭا
۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ٱنطَلِقُوٓا۟ إِلَىٰ مَا كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
(چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو.
ٱنطَلِقُوٓا۟ إِلَىٰ ظِلٍّۢ ذِى ثَلَٰثِ شُعَبٍۢ
(چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو.
لَّا ظَلِيلٍۢ وَلَا يُغْنِى مِنَ ٱللَّهَبِ
نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.
إِنَّهَا تَرْمِى بِشَرَرٍۢ كَٱلْقَصْرِ
بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي.
كَأَنَّهُۥ جِمَٰلَتٌۭ صُفْرٌۭ
ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هَٰذَا يَوْمُ لَا يَنطِقُونَ
اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا.
وَلَا يُؤْذَنُ لَهُمْ فَيَعْتَذِرُونَ
۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هَٰذَا يَوْمُ ٱلْفَصْلِ ۖ جَمَعْنَٰكُمْ وَٱلْأَوَّلِينَ
ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون.
فَإِن كَانَ لَكُمْ كَيْدٌۭ فَكِيدُونِ
پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى ظِلَٰلٍۢ وَعُيُونٍۢ
بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
وَفَوَٰكِهَ مِمَّا يَشْتَهُونَ
۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا.
كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
(چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو.
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
كُلُوا۟ وَتَمَتَّعُوا۟ قَلِيلًا إِنَّكُم مُّجْرِمُونَ
(اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱرْكَعُوا۟ لَا يَرْكَعُونَ
۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن.
وَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
فَبِأَىِّ حَدِيثٍۭ بَعْدَهُۥ يُؤْمِنُونَ
پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا.