Surah 33: Al-Ahzab — الأحزاب
۞ وَمَن يَقْنُتْ مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَتَعْمَلْ صَٰلِحًۭا نُّؤْتِهَآ أَجْرَهَا مَرَّتَيْنِ وَأَعْتَدْنَا لَهَا رِزْقًۭا كَرِيمًۭا
۽ اوھان مان جيڪا الله ۽ سندس پيغمبر جي تابعداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي تنھن کي سندس اجر ٻه ڀيرا ڏينداسين ۽ اُن لاءِ عزت واري روزي تيار ڪنداسين.
يَٰنِسَآءَ ٱلنَّبِىِّ لَسْتُنَّ كَأَحَدٍۢ مِّنَ ٱلنِّسَآءِ ۚ إِنِ ٱتَّقَيْتُنَّ فَلَا تَخْضَعْنَ بِٱلْقَوْلِ فَيَطْمَعَ ٱلَّذِى فِى قَلْبِهِۦ مَرَضٌۭ وَقُلْنَ قَوْلًۭا مَّعْرُوفًۭا
اي پيغمبر جون زالون اوھين ڪن ٻـين زالن جھڙيون نه آھيو جيڪڏھن اوھين (الله کان) ڊڄنديون آھيو ته (ڪنھن ڌارئي ماڻھوءَ سان) ڳالھائڻ ۾ ھيٺاھين نه ڪريو ڇوته جنھن جي دل ۾ بيماري آھي سو (متان) طمع ڪري ۽ چڱو سُخن ڳالھايو.
وَقَرْنَ فِى بُيُوتِكُنَّ وَلَا تَبَرَّجْنَ تَبَرُّجَ ٱلْجَٰهِلِيَّةِ ٱلْأُولَىٰ ۖ وَأَقِمْنَ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتِينَ ٱلزَّكَوٰةَ وَأَطِعْنَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥٓ ۚ إِنَّمَا يُرِيدُ ٱللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنكُمُ ٱلرِّجْسَ أَهْلَ ٱلْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيرًۭا
۽ پنھنجن گھرن ۾ رھو ۽ پھرينءَ جاھليت جي سينگار وانگر سينگار نه ڪريو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، اي پيغمبر جا گھر وارؤ الله رڳو ھي گھرندو آھي ته اوھان کان پليتي دور ڪري ۽ ته اوھان کي چڱي طرح پاڪ ڪري.
وَٱذْكُرْنَ مَا يُتْلَىٰ فِى بُيُوتِكُنَّ مِنْ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ وَٱلْحِكْمَةِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ لَطِيفًا خَبِيرًا
۽ اوھان جي گھرن ۾ جيڪي الله جي آيتن ۽ دانائيءَ جي ڳالھين مان پڙھيو وڃي ٿو سو ياد ڪريو، بيشڪ الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي.
إِنَّ ٱلْمُسْلِمِينَ وَٱلْمُسْلِمَٰتِ وَٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَٰتِ وَٱلْقَٰنِتِينَ وَٱلْقَٰنِتَٰتِ وَٱلصَّٰدِقِينَ وَٱلصَّٰدِقَٰتِ وَٱلصَّٰبِرِينَ وَٱلصَّٰبِرَٰتِ وَٱلْخَٰشِعِينَ وَٱلْخَٰشِعَٰتِ وَٱلْمُتَصَدِّقِينَ وَٱلْمُتَصَدِّقَٰتِ وَٱلصَّٰٓئِمِينَ وَٱلصَّٰٓئِمَٰتِ وَٱلْحَٰفِظِينَ فُرُوجَهُمْ وَٱلْحَٰفِظَٰتِ وَٱلذَّٰكِرِينَ ٱللَّهَ كَثِيرًۭا وَٱلذَّٰكِرَٰتِ أَعَدَّ ٱللَّهُ لَهُم مَّغْفِرَةًۭ وَأَجْرًا عَظِيمًۭا
بيشڪ مُسلمان مرد ۽ مُسلمان زالون ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون ۽ فرمانبردار ۽ فرمانبردارڻيون ۽ سچا ۽ سچيون ۽ صبر وارا ۽ صبر واريون ۽ (خدا کان) ڊڄندڙ ۽ (خدا کان) ڊڄندڙيون ۽ خيرات ڪرڻ وارا ۽ خيرات ڪرڻ واريون ۽ روزي رکڻ وارا ۽ روزي رکڻ واريون ۽ پنھنجي اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا ۽ نگاھ رکڻ واريون ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندڙ ۽ ياد ڪندڙيون انھن (سڀني) لاءِ الله بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آھي.
وَمَا كَانَ لِمُؤْمِنٍۢ وَلَا مُؤْمِنَةٍ إِذَا قَضَى ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥٓ أَمْرًا أَن يَكُونَ لَهُمُ ٱلْخِيَرَةُ مِنْ أَمْرِهِمْ ۗ وَمَن يَعْصِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ فَقَدْ ضَلَّ ضَلَٰلًۭا مُّبِينًۭا
۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڪنھن ڪم بابت حُڪم ڪري (تڏھن) ڪنھن مؤمن ۽ ڪنھن مؤمنياڻيءَ کي انھي پنھنجي ڪم ۾ ڪو اختيار ھجڻ نه جڳائي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو سو بيشڪ پڌريءَ ڀُل ۾ ڀُلو.
وَإِذْ تَقُولُ لِلَّذِىٓ أَنْعَمَ ٱللَّهُ عَلَيْهِ وَأَنْعَمْتَ عَلَيْهِ أَمْسِكْ عَلَيْكَ زَوْجَكَ وَٱتَّقِ ٱللَّهَ وَتُخْفِى فِى نَفْسِكَ مَا ٱللَّهُ مُبْدِيهِ وَتَخْشَى ٱلنَّاسَ وَٱللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخْشَىٰهُ ۖ فَلَمَّا قَضَىٰ زَيْدٌۭ مِّنْهَا وَطَرًۭا زَوَّجْنَٰكَهَا لِكَىْ لَا يَكُونَ عَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ حَرَجٌۭ فِىٓ أَزْوَٰجِ أَدْعِيَآئِهِمْ إِذَا قَضَوْا۟ مِنْهُنَّ وَطَرًۭا ۚ وَكَانَ أَمْرُ ٱللَّهِ مَفْعُولًۭا
۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تو اُنھيءَ شخص کي چيو ٿي جنھن تي الله فضل ڪيو آھي ۽ تو (به) مٿس احسان ڪيو ته پنھنجيءَ زال کي جھل (۽ طلاق نه ڏي) ۽ الله کان ڊڄ ۽ تون پنھنجي دل ۾ اُھا ڳالھ لڪائين ٿو جنھن کي الله پڌرو ڪندو آھي ۽ ماڻھن کان ڊنين ٿي، حالانڪ الله (ھن ڳالھ جو) وڌيڪ حقدار آھي جو اُن کان ڊڄين، پوءِ جنھن مھل زيد اُن (عورت) کان پنھنجي حاجت پوري ڪئي (يعني طلاق ڏنائين تنھن مھل) اُن کي توسان پرڻايوسون (ھن لاءِ) ته مؤمنن تي پنھنجي پٽيلين جي زالن پرڻجڻ ۾ ڪا اوکائي نه رھي جڏھن (اُھي) اُنھن کان پنھنجي حاجت پوري ڪن (يعني طلاق ڏين)، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (آھي سو) ٿيڻو آھي.
مَّا كَانَ عَلَى ٱلنَّبِىِّ مِنْ حَرَجٍۢ فِيمَا فَرَضَ ٱللَّهُ لَهُۥ ۖ سُنَّةَ ٱللَّهِ فِى ٱلَّذِينَ خَلَوْا۟ مِن قَبْلُ ۚ وَكَانَ أَمْرُ ٱللَّهِ قَدَرًۭا مَّقْدُورًا
پيغمبر تي اُنھيءَ ۾ ڪا اوکائي نه آھي جيڪي الله اُن (پيغمبر) لاءِ حلال ڪيو آھي، جيڪي اڳ گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جو حُڪم ٺھرايل (اُنھن لاءِ) مُقرّر آھي.
ٱلَّذِينَ يُبَلِّغُونَ رِسَٰلَٰتِ ٱللَّهِ وَيَخْشَوْنَهُۥ وَلَا يَخْشَوْنَ أَحَدًا إِلَّا ٱللَّهَ ۗ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ حَسِيبًۭا
جيڪي الله جا پيغام پھچائيندا آھن ۽ کانئس ڊڄندا آھن ۽ الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کان نه ڊڄندا آھن، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي.
مَّا كَانَ مُحَمَّدٌ أَبَآ أَحَدٍۢ مِّن رِّجَالِكُمْ وَلَٰكِن رَّسُولَ ٱللَّهِ وَخَاتَمَ ٱلنَّبِيِّۦنَ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمًۭا
ﷴ (ﷺ) اوھان جي مردن مان ڪنھن ھڪ جو پيءُ نه آھي پر الله جو پيغمبر ۽ سڀني پيغمبرن کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو آھي، ۽ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱذْكُرُوا۟ ٱللَّهَ ذِكْرًۭا كَثِيرًۭا
اي ايمان وارؤ الله کي تمام گھڻو ياد ڪريو.
وَسَبِّحُوهُ بُكْرَةًۭ وَأَصِيلًا
۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو کيس پاڪائيءَ سان واکاڻيو.
هُوَ ٱلَّذِى يُصَلِّى عَلَيْكُمْ وَمَلَٰٓئِكَتُهُۥ لِيُخْرِجَكُم مِّنَ ٱلظُّلُمَٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ ۚ وَكَانَ بِٱلْمُؤْمِنِينَ رَحِيمًۭا
ھو اُھو آھي جو اوھان تي رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به اوھان لاءِ رحمت جي دُعا گھرندا آھن ته اوھان کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ الله مؤمنن تي مھربان آھي.
تَحِيَّتُهُمْ يَوْمَ يَلْقَوْنَهُۥ سَلَٰمٌۭ ۚ وَأَعَدَّ لَهُمْ أَجْرًۭا كَرِيمًۭا
جنھن ڏينھن الله کي ملندا (تنھن ڏينھن) سندن کِيڪر سلام آھي، ۽ اُنھن لاءِ عزت وارو اجر تيار ڪيو اٿس.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ إِنَّآ أَرْسَلْنَٰكَ شَٰهِدًۭا وَمُبَشِّرًۭا وَنَذِيرًۭا
اي پيغمبر بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.
وَدَاعِيًا إِلَى ٱللَّهِ بِإِذْنِهِۦ وَسِرَاجًۭا مُّنِيرًۭا
۽ الله ڏانھن سندس حُڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو (ڪري موڪليوسون).
وَبَشِّرِ ٱلْمُؤْمِنِينَ بِأَنَّ لَهُم مِّنَ ٱللَّهِ فَضْلًۭا كَبِيرًۭا
۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ الله جي پار کان وڏو فضل آھي.
وَلَا تُطِعِ ٱلْكَٰفِرِينَ وَٱلْمُنَٰفِقِينَ وَدَعْ أَذَىٰهُمْ وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًۭا
۽ ڪافرن ۽ مُنافقن جو چيو نه مڃ ۽ سندن ايذائڻ (جي خيال) کي ڇڏ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله ڪارساز بس آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا نَكَحْتُمُ ٱلْمُؤْمِنَٰتِ ثُمَّ طَلَّقْتُمُوهُنَّ مِن قَبْلِ أَن تَمَسُّوهُنَّ فَمَا لَكُمْ عَلَيْهِنَّ مِنْ عِدَّةٍۢ تَعْتَدُّونَهَا ۖ فَمَتِّعُوهُنَّ وَسَرِّحُوهُنَّ سَرَاحًۭا جَمِيلًۭا
اي ايمان وارؤ جڏھن مؤمنياڻين کي پرڻجو (۽) وري کين ھٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو تڏھن مٿن ڪا عِدّت اوھان لاءِ ڪانھي جنھن کي (اوھين) ڳڻيو، پوءِ کين (ڇڙو) جورو ڏيو ۽ چڱيءَ طرح سان کين ڇڏيو.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ إِنَّآ أَحْلَلْنَا لَكَ أَزْوَٰجَكَ ٱلَّٰتِىٓ ءَاتَيْتَ أُجُورَهُنَّ وَمَا مَلَكَتْ يَمِينُكَ مِمَّآ أَفَآءَ ٱللَّهُ عَلَيْكَ وَبَنَاتِ عَمِّكَ وَبَنَاتِ عَمَّٰتِكَ وَبَنَاتِ خَالِكَ وَبَنَاتِ خَٰلَٰتِكَ ٱلَّٰتِى هَاجَرْنَ مَعَكَ وَٱمْرَأَةًۭ مُّؤْمِنَةً إِن وَهَبَتْ نَفْسَهَا لِلنَّبِىِّ إِنْ أَرَادَ ٱلنَّبِىُّ أَن يَسْتَنكِحَهَا خَالِصَةًۭ لَّكَ مِن دُونِ ٱلْمُؤْمِنِينَ ۗ قَدْ عَلِمْنَا مَا فَرَضْنَا عَلَيْهِمْ فِىٓ أَزْوَٰجِهِمْ وَمَا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُهُمْ لِكَيْلَا يَكُونَ عَلَيْكَ حَرَجٌۭ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًۭا رَّحِيمًۭا
اي پيغمبر بيشڪ اسان تولاءِ اُھي زالون حلال ڪيون جن کي تو سندن ڪابين ڏنو ۽ جيڪي ٻانھيون الله توتي عنايت ڪيون تن مان جن تي تنھنجو ھٿ مالڪ ٿيو سي ۽ تنھنجي چاچي جون ڌيئر ۽ تنھنجي پڦين جون ڌيئر ۽ ۽ تنھنجي مامي جون ڌيئر ۽ تنھنجي ماسين جون ڌيئر جن توسان ھجرت ڪئي حلال ڪيوسون، ۽ اُھا مؤمنياڻي زال به (حلال ڪئي سون) جيڪا پنھنجي جِند پيغمبر کي (سواءِ مھر وٺڻ جي) بخشي بشرطيڪ پيغمبر کيس پرڻجڻ جو ارادو ڪري، (اھو ڪم) مؤمنن کانسواءِ خلاصو تولاءِ آھي، انھن (مؤمنن) تي سندن زالن ۽ سندن ٻانھين بابت جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن جيڪي (ڪابين ۽ خرچ ڏيڻ) فرض ڪيو اٿون سو بيشڪ ڄاتو اٿون (اھو) ھن ڪري ته توتي ڪا اوکائي نه ھجي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
۞ تُرْجِى مَن تَشَآءُ مِنْهُنَّ وَتُـْٔوِىٓ إِلَيْكَ مَن تَشَآءُ ۖ وَمَنِ ٱبْتَغَيْتَ مِمَّنْ عَزَلْتَ فَلَا جُنَاحَ عَلَيْكَ ۚ ذَٰلِكَ أَدْنَىٰٓ أَن تَقَرَّ أَعْيُنُهُنَّ وَلَا يَحْزَنَّ وَيَرْضَيْنَ بِمَآ ءَاتَيْتَهُنَّ كُلُّهُنَّ ۚ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ مَا فِى قُلُوبِكُمْ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلِيمًا حَلِيمًۭا
منجھانئن جنھن کي گھرين تنھن کي ڇڏي ڏئين ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏئين، ۽ جن کي تو پاسي ڪيو تن مان وري جنھن کي طلب ڪرين ته توتي ڪو گناھ نه آھي، اِھو (اختيار) ھن (ڳالھ) کي تمام ويجھو آھي ته سندن اکيون ٺرن ۽ (اُھي) غمگين نه ٿين ۽ جيڪي تون کين ڏئين تنھن کان اُھي سڀ خوش ٿين، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.
لَّا يَحِلُّ لَكَ ٱلنِّسَآءُ مِنۢ بَعْدُ وَلَآ أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِنْ أَزْوَٰجٍۢ وَلَوْ أَعْجَبَكَ حُسْنُهُنَّ إِلَّا مَا مَلَكَتْ يَمِينُكَ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ رَّقِيبًۭا
(اي پيغمبر) انھن (ٻن قسمن) کانپوءِ توکي ٻيون زالون حلال نه آھن ۽ نڪي انھن جي بدلي (ٻيون) زالون نڪاح ڪرين جيتوڻيڪ سندن سونھن توکي پسند اچي پر تنھنجو ھٿ جنھن جو مالڪ ٿيو آھي (تنھن ۾ توکي اختيار آھي)، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي نگھبان آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَدْخُلُوا۟ بُيُوتَ ٱلنَّبِىِّ إِلَّآ أَن يُؤْذَنَ لَكُمْ إِلَىٰ طَعَامٍ غَيْرَ نَٰظِرِينَ إِنَىٰهُ وَلَٰكِنْ إِذَا دُعِيتُمْ فَٱدْخُلُوا۟ فَإِذَا طَعِمْتُمْ فَٱنتَشِرُوا۟ وَلَا مُسْتَـْٔنِسِينَ لِحَدِيثٍ ۚ إِنَّ ذَٰلِكُمْ كَانَ يُؤْذِى ٱلنَّبِىَّ فَيَسْتَحْىِۦ مِنكُمْ ۖ وَٱللَّهُ لَا يَسْتَحْىِۦ مِنَ ٱلْحَقِّ ۚ وَإِذَا سَأَلْتُمُوهُنَّ مَتَٰعًۭا فَسْـَٔلُوهُنَّ مِن وَرَآءِ حِجَابٍۢ ۚ ذَٰلِكُمْ أَطْهَرُ لِقُلُوبِكُمْ وَقُلُوبِهِنَّ ۚ وَمَا كَانَ لَكُمْ أَن تُؤْذُوا۟ رَسُولَ ٱللَّهِ وَلَآ أَن تَنكِحُوٓا۟ أَزْوَٰجَهُۥ مِنۢ بَعْدِهِۦٓ أَبَدًا ۚ إِنَّ ذَٰلِكُمْ كَانَ عِندَ ٱللَّهِ عَظِيمًا
اي مؤمنو پيغمبر جي گھرن ۾ اُنھيءَ (وقت) کانسواءِ اندر نه وڃو (جنھن وقت) اوھان کي ڪنھن طعام (کائڻ) لاءِ اچڻ جي موڪل ڏني وڃي ۽ (اھڙي وقت وڃو جو) ان جي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪندڙ نه ھجو پر جڏھن اوھان کي سڏيو وڃي تڏھن اندر وڃو پوءِ جڏھن کائي رھو تڏھن نڪري وڃو ۽ ڪنھن ڳالھ ۾ ريجھي ويھي نه رھو، ڇوته انھيءَ (ڪم) پيغمبر کي ايذايو ٿي پوءِ (ھن) اوھان کان لڄ ڪئي ٿي، ۽ الله حق (چوڻ) کان لڄ نه ڪندو آھي، ۽ جڏھن انھن (پيغمبر جي بيبين) کان ڪا شيء گھرو تڏھن پردي جي ٻاھران کانئن گھرو، اھو (ڪم) اوھان جي دلين ۽ انھن جي دلين لاءِ ڏاڍو پاڪ آھي، ۽ اوھان کي نه جڳائيندو آھي ته الله جي پيغمبر کي ايذايو ۽ نڪي (جڳائيندو آھي) ته اُن کانپوءِ سندس زالون اوھين ڪڏھن پرڻجو، ڇوته اُھو (ڪم) الله وٽ وڏو (گناھ) آھي.
إِن تُبْدُوا۟ شَيْـًٔا أَوْ تُخْفُوهُ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمًۭا
جيڪڏھن ڪنھن ڳالھ کي پڌرو ڪريو يا اُن کي لڪايو ته بيشڪ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
لَّا جُنَاحَ عَلَيْهِنَّ فِىٓ ءَابَآئِهِنَّ وَلَآ أَبْنَآئِهِنَّ وَلَآ إِخْوَٰنِهِنَّ وَلَآ أَبْنَآءِ إِخْوَٰنِهِنَّ وَلَآ أَبْنَآءِ أَخَوَٰتِهِنَّ وَلَا نِسَآئِهِنَّ وَلَا مَا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُهُنَّ ۗ وَٱتَّقِينَ ٱللَّهَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ شَهِيدًا
زالن تي نڪي پنھنجن پين ۽ نڪي پنھنجن پٽن ۽ نڪي پنھنجن ڀائرن ۽ نڪي پنھنجن ڀاٽين ۽ نڪي پنھنج ڀاڻيجن ۽ نڪي پاڻ جھڙين زالن ۽ نڪي جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن تن جي اڳيان (پردي نه ڪرڻ ۾) گناھ آھي، ۽ (اي زالون) الله کان ڊڄو ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي حاضر آھي.
إِنَّ ٱللَّهَ وَمَلَٰٓئِكَتَهُۥ يُصَلُّونَ عَلَى ٱلنَّبِىِّ ۚ يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ صَلُّوا۟ عَلَيْهِ وَسَلِّمُوا۟ تَسْلِيمًا
بيشڪ الله ۽ سندس ملائڪ پيغمبر تي رحمت موڪليندا آھن، اي ايمان وارؤ اوھين به مٿس صلوات پڙھو ۽ پوري طرح سلام چئو.
إِنَّ ٱلَّذِينَ يُؤْذُونَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ لَعَنَهُمُ ٱللَّهُ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًۭا مُّهِينًۭا
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آھي ۽ اُنھن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿس.
وَٱلَّذِينَ يُؤْذُونَ ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَٰتِ بِغَيْرِ مَا ٱكْتَسَبُوا۟ فَقَدِ ٱحْتَمَلُوا۟ بُهْتَٰنًۭا وَإِثْمًۭا مُّبِينًۭا
۽ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙي ڪم (جي تھمت) سان ايذائيندا آھن جو اُنھن نه ڪيو ھجي تن بيشڪ ڪوڙي ٺاھ ۽ پڌري گناھ جو بار کنيو.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ قُل لِّأَزْوَٰجِكَ وَبَنَاتِكَ وَنِسَآءِ ٱلْمُؤْمِنِينَ يُدْنِينَ عَلَيْهِنَّ مِن جَلَٰبِيبِهِنَّ ۚ ذَٰلِكَ أَدْنَىٰٓ أَن يُعْرَفْنَ فَلَا يُؤْذَيْنَ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًۭا رَّحِيمًۭا
اي پيغمبر پنھنجين زالن ۽ پنھنجين ڌيئرن ۽ مؤمنن جي زالن کي چؤ ته (جيڪڏھن ٻاھر نڪرن ته) پاڻ تي پنھنجون چادرون وجھن، اِھو (ھِن ڳالھ کي) تمام ويجھو آھي ته اُھي سڃاتيون وڃن پوءِ کين ايذاءُ نه ڏنو وڃي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
۞ لَّئِن لَّمْ يَنتَهِ ٱلْمُنَٰفِقُونَ وَٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌۭ وَٱلْمُرْجِفُونَ فِى ٱلْمَدِينَةِ لَنُغْرِيَنَّكَ بِهِمْ ثُمَّ لَا يُجَاوِرُونَكَ فِيهَآ إِلَّا قَلِيلًۭا
منافق ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي سي ۽ مديني ۾ ڪوڙين ڳالھين پکيڙڻ وارا جيڪڏھن (پنھنجي عادت کان) نه جھلبا ته مٿن توکي بڇينداسون وري ٿورن (ڏينھن) کانسواءِ اُن (يعني مديني) ۾ تنھنجا پاڙيسري نه ٿيندا.
مَّلْعُونِينَ ۖ أَيْنَمَا ثُقِفُوٓا۟ أُخِذُوا۟ وَقُتِّلُوا۟ تَقْتِيلًۭا
لعنت ڪيل آھن، جتي لڀندا تِتي پڪڙبا ۽ چڱي طرح ماربا.
سُنَّةَ ٱللَّهِ فِى ٱلَّذِينَ خَلَوْا۟ مِن قَبْلُ ۖ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ ٱللَّهِ تَبْدِيلًۭا
جيڪي (ھن کان) گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن مت سٽ نه ڏسندين.
يَسْـَٔلُكَ ٱلنَّاسُ عَنِ ٱلسَّاعَةِ ۖ قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِندَ ٱللَّهِ ۚ وَمَا يُدْرِيكَ لَعَلَّ ٱلسَّاعَةَ تَكُونُ قَرِيبًا
ماڻھو توکان قيامت بابت پڇن ٿا، (کين) چؤ ته اُن جي خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ ڪھڙيءَ (ڳالھ) توکي ڄاڻايو متان قيامت ويجھڙو ئي ٿيندي ھجي.
إِنَّ ٱللَّهَ لَعَنَ ٱلْكَٰفِرِينَ وَأَعَدَّ لَهُمْ سَعِيرًا
بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آھي ۽ انھن لاءِ ساڙيندڙ باھ تيار ڪئي اٿس.
خَٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًۭا ۖ لَّا يَجِدُونَ وَلِيًّۭا وَلَا نَصِيرًۭا
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو مددگار لھندا.
يَوْمَ تُقَلَّبُ وُجُوهُهُمْ فِى ٱلنَّارِ يَقُولُونَ يَٰلَيْتَنَآ أَطَعْنَا ٱللَّهَ وَأَطَعْنَا ٱلرَّسُولَا۠
جنھن ڏينھن سندن منھن باھ ۾ اونڌا ڪبا (تنھن ڏينھن) چوندا ته اسان لاءِ ھيءَ ارمان (جيڪر) الله جي فرمانبرداري ڪريون ھا ۽ پيغمبر جي (به) فرمانبرداري ڪريون ھا (ته چڱو ھو).
وَقَالُوا۟ رَبَّنَآ إِنَّآ أَطَعْنَا سَادَتَنَا وَكُبَرَآءَنَا فَأَضَلُّونَا ٱلسَّبِيلَا۠
۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان پنھنجن سردارن ۽ پنھنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي ته انھن اسان کي واٽ کان ڀُلايو.
رَبَّنَآ ءَاتِهِمْ ضِعْفَيْنِ مِنَ ٱلْعَذَابِ وَٱلْعَنْهُمْ لَعْنًۭا كَبِيرًۭا
اي اسانجا پالڻھار کين ٻيڻو عذاب ڪر ۽ مٿن تمام وڏي لعنت ڪر.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَكُونُوا۟ كَٱلَّذِينَ ءَاذَوْا۟ مُوسَىٰ فَبَرَّأَهُ ٱللَّهُ مِمَّا قَالُوا۟ ۚ وَكَانَ عِندَ ٱللَّهِ وَجِيهًۭا
اي ايمان وارؤ (اوھين) اُنھن وانگر نه ٿيو جن مُوسىٰ کي ايذايو پوءِ جيڪي چيائون تنھن کان الله کيس پاڪ ڪيو، ۽ (اھو) الله وٽ مانَ وارن مان ھو.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَقُولُوا۟ قَوْلًۭا سَدِيدًۭا
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سڌي ڳالھ چئو.
يُصْلِحْ لَكُمْ أَعْمَٰلَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ ۗ وَمَن يُطِعِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ فَقَدْ فَازَ فَوْزًا عَظِيمًا
(ته) اوھان جا عمل اوھان لاءِ سُڌاري ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ وڏي مراد ماڻي.
إِنَّا عَرَضْنَا ٱلْأَمَانَةَ عَلَى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَٱلْجِبَالِ فَأَبَيْنَ أَن يَحْمِلْنَهَا وَأَشْفَقْنَ مِنْهَا وَحَمَلَهَا ٱلْإِنسَٰنُ ۖ إِنَّهُۥ كَانَ ظَلُومًۭا جَهُولًۭا
بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن کي امانت آڇي ته اُن جي کڻڻ کان انڪار ڪيائون ۽ کانئس ڊنا ۽ اُن کي انسان کنيو، بيشڪ اُھو تمام ظالم جاھل آھي.
لِّيُعَذِّبَ ٱللَّهُ ٱلْمُنَٰفِقِينَ وَٱلْمُنَٰفِقَٰتِ وَٱلْمُشْرِكِينَ وَٱلْمُشْرِكَٰتِ وَيَتُوبَ ٱللَّهُ عَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَٰتِ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًۭا رَّحِيمًۢا
(ھيءَ آڇ ھن لاءِ آھي) ته الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري ۽ الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
Surah 34: Saba — سبأ
ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى لَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَلَهُ ٱلْحَمْدُ فِى ٱلْءَاخِرَةِ ۚ وَهُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْخَبِيرُ
سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جو جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي ۽ اُن جي ئي ساراھ آخرت ۾ آھي، ۽ اُھو ئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي.
يَعْلَمُ مَا يَلِجُ فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنزِلُ مِنَ ٱلسَّمَآءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيهَا ۚ وَهُوَ ٱلرَّحِيمُ ٱلْغَفُورُ
جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي منجھانئس نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھندو آھي سو (سڀ اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ اھوئي بخشڻھار مھربان آھي.
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَا تَأْتِينَا ٱلسَّاعَةُ ۖ قُلْ بَلَىٰ وَرَبِّى لَتَأْتِيَنَّكُمْ عَٰلِمِ ٱلْغَيْبِ ۖ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْقَالُ ذَرَّةٍۢ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَلَا فِى ٱلْأَرْضِ وَلَآ أَصْغَرُ مِن ذَٰلِكَ وَلَآ أَكْبَرُ إِلَّا فِى كِتَٰبٍۢ مُّبِينٍۢ
۽ ڪافر چوندا آھن ته اسان تي قيامت (ڪڏھن) نه ايندي، (کين) چؤ ته ھائو مون کي پنھنجي (اُنھيءَ) پالڻھار ڳُجھ ڄاڻيندڙ جو قسم آھي ته اوھان وٽ ضرور ايندي، جنھن کان ذري جيترو نڪي آسمانن ۽ نڪي زمين ۾ ڳُجھو رھي ٿو ۽ اُن کان تمام ننڍي (ڪا شيء اھڙي) ڪانھي ۽ نڪي تمام وڏي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.
لِّيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ ۚ أُو۟لَٰٓئِكَ لَهُم مَّغْفِرَةٌۭ وَرِزْقٌۭ كَرِيمٌۭ
ھن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بدلو ڏئي، انھن لاءِ ئي بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.
وَٱلَّذِينَ سَعَوْ فِىٓ ءَايَٰتِنَا مُعَٰجِزِينَ أُو۟لَٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌۭ مِّن رِّجْزٍ أَلِيمٌۭ
۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڊوڙيا انھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آھي.
وَيَرَى ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ ٱلَّذِىٓ أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ هُوَ ٱلْحَقَّ وَيَهْدِىٓ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَمِيدِ
۽ جن کي عِلم ڏنو ويو سي سمجھندا آھن ته جيڪو (قرآن) تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو برحق آھي ۽ غالب ساراھيل (الله) جي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريندڙ آھي.
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلَىٰ رَجُلٍۢ يُنَبِّئُكُمْ إِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُمْ لَفِى خَلْقٍۢ جَدِيدٍ
۽ ڪافر (ھڪ ٻئي) کي چوندا آھن ته اوھان کي اھڙو مڙس ڏسيون ڇا جو اوھان کي ٻڌائي ٿو ته جڏھن (اوھين) تمام ڳري ذرا ذرا ٿيندؤ (تڏھن) بيشڪ اوھين نئين سر بڻايا ويندؤ.
أَفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِۦ جِنَّةٌۢ ۗ بَلِ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْءَاخِرَةِ فِى ٱلْعَذَابِ وَٱلضَّلَٰلِ ٱلْبَعِيدِ
(اُنھيءَ) الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو آھي يا کيس ڪا چريائي آھي، (نه!) بلڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي عذاب ۾ ھُوندا ۽ (اُھي) وڏي ڀُل ۾ آھن.
أَفَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَىٰ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ ۚ إِن نَّشَأْ نَخْسِفْ بِهِمُ ٱلْأَرْضَ أَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًۭا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَةًۭ لِّكُلِّ عَبْدٍۢ مُّنِيبٍۢ
جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آسمان ۽ زمين مان (بڻايو ويو) آھي سو (غور ڪري) نه ڏٺائون ڇا؟ جيڪڏھن گھُرون ته کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏيون يا آسمان کان مٿن ٽُڪرا ڪيرايون، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن (الله ڏانھن) ورندڙ ٻانھي لاءِ (وڏي) نشاني آھي.
۞ وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا دَاوُۥدَ مِنَّا فَضْلًۭا ۖ يَٰجِبَالُ أَوِّبِى مَعَهُۥ وَٱلطَّيْرَ ۖ وَأَلَنَّا لَهُ ٱلْحَدِيدَ
۽ بيشڪ داؤد کي پاڻ وٽان بزرگي ڏني سون، (۽ حُڪم ڪيوسون ته) اي جبلؤ ساڻس تسبيحون چئو ۽ پکين کي (اُن جو فرمانبردار ڪيوسون)، ۽ اُن لاءِ لوھ کي نرم ڪيوسون.
أَنِ ٱعْمَلْ سَٰبِغَٰتٍۢ وَقَدِّرْ فِى ٱلسَّرْدِ ۖ وَٱعْمَلُوا۟ صَٰلِحًا ۖ إِنِّى بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌۭ
(حڪم ڏنوسون) ته ويڪريون زرھون بڻاءِ ۽ اندازي سان ڪڙيون ٺاھ ۽ (اي داؤد جي گھراڻي وارؤ) چڱا ڪم ڪريو، ڇوته جيڪي اوھان ڪندا آھيو سو بيشڪ آءٌ ڏسندڙ آھيان.
وَلِسُلَيْمَٰنَ ٱلرِّيحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌۭ وَرَوَاحُهَا شَهْرٌۭ ۖ وَأَسَلْنَا لَهُۥ عَيْنَ ٱلْقِطْرِ ۖ وَمِنَ ٱلْجِنِّ مَن يَعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِإِذْنِ رَبِّهِۦ ۖ وَمَن يَزِغْ مِنْهُمْ عَنْ أَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ ٱلسَّعِيرِ
۽ واءُ کي سُليمان لاءِ (نوايوسون) اُن جي اڳياڙيءَ جي منزل مھيني جو پنڌ ۽ پوياڙيءَ جي منزل (به) مھيني جو پنڌ ھئي ۽ اُن لاءِ پگھريل ٽامي جو تلاءُ وَھايوسون، ۽ جنّن مان (به ڪن کي فرمانبردار ڪيوسون) جو سندس پالڻھار جي حڪم سان سندس اڳيان ڪمائيندا ھوا، ۽ منجھائن جيڪو اسان جي حُڪم کان مُنھن موڙيندو تنھن کي باھ جو عذاب چکائينداسون.
يَعْمَلُونَ لَهُۥ مَا يَشَآءُ مِن مَّحَٰرِيبَ وَتَمَٰثِيلَ وَجِفَانٍۢ كَٱلْجَوَابِ وَقُدُورٍۢ رَّاسِيَٰتٍ ۚ ٱعْمَلُوٓا۟ ءَالَ دَاوُۥدَ شُكْرًۭا ۚ وَقَلِيلٌۭ مِّنْ عِبَادِىَ ٱلشَّكُورُ
جيڪي گھرندو ھو سو اُن لاءِ ڪي قلعا ۽ مُورتون ۽ حوض جيڏا پيالا ۽ وڏيون ديڳيون جي نه چُرنديون ھيون سي بڻائيندا ھوا، (چيوسون ته) اي داؤد جا اولاد شُڪرانو ڪريو، ۽ مُنھنجن ٻانھن مان ٿورا شُڪرانو ڪندڙ آھن.
فَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ ٱلْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلَىٰ مَوْتِهِۦٓ إِلَّا دَآبَّةُ ٱلْأَرْضِ تَأْكُلُ مِنسَأَتَهُۥ ۖ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ ٱلْجِنُّ أَن لَّوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ ٱلْغَيْبَ مَا لَبِثُوا۟ فِى ٱلْعَذَابِ ٱلْمُهِينِ
پوءِ جنھن مھل مٿس موت کي حُڪم ڪيوسون (تنھن مھل) سندس موت تي اُڏيھيءَ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) اُنھن (جِنّن) کي نه چتايو جو سندس لٺ کي ٿي کاڌائين، پوءِ جنھن مھل ڪريو (تنھن مھل) جِنّن معلوم ڪيو ته جيڪڏھن ڳجھ ڄاڻن ھا ته خواريءَ واري عذاب ۾ نه رھن ھا.
لَقَدْ كَانَ لِسَبَإٍۢ فِى مَسْكَنِهِمْ ءَايَةٌۭ ۖ جَنَّتَانِ عَن يَمِينٍۢ وَشِمَالٍۢ ۖ كُلُوا۟ مِن رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَٱشْكُرُوا۟ لَهُۥ ۚ بَلْدَةٌۭ طَيِّبَةٌۭ وَرَبٌّ غَفُورٌۭ
بيشڪ سبا جي قوم لاءِ سندن ڳوٺ ۾ ھڪ نشاني ھُئي، (يعني) ٻه باغ سڄي ۽ کٻي پاسي کان ھوا، (چيو وين ته) پنھنجي پالڻھار جي رزق مان کائو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، (اوھان لاءِ ھي) شھر سٺو آھي ۽ پالڻھار بخشڻھار آھي.
فَأَعْرَضُوا۟ فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ ٱلْعَرِمِ وَبَدَّلْنَٰهُم بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ أُكُلٍ خَمْطٍۢ وَأَثْلٍۢ وَشَىْءٍۢ مِّن سِدْرٍۢ قَلِيلٍۢ
پوءِ (شڪر ڪرڻ کان) منھن موڙيائون تنھنڪري (بند ڀڃي) سخت ڇَـرَ کي مٿن وھايوسين ۽ سندن (اُنھن) ٻن باغن جي بدلي کين (ٻيا) ٻه باغ ڪسارن ميون ۽ لَئِن وارا ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا ڏناسون.
ذَٰلِكَ جَزَيْنَٰهُم بِمَا كَفَرُوا۟ ۖ وَهَلْ نُجَٰزِىٓ إِلَّا ٱلْكَفُورَ
سندن بي شڪريءَ سببان کين اھا سزا ڏني سون، ۽ بي شڪر کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي سزا نه ڏيندا آھيون.
وَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ ٱلْقُرَى ٱلَّتِى بَٰرَكْنَا فِيهَا قُرًۭى ظَٰهِرَةًۭ وَقَدَّرْنَا فِيهَا ٱلسَّيْرَ ۖ سِيرُوا۟ فِيهَا لَيَالِىَ وَأَيَّامًا ءَامِنِينَ
۽ سندن وچ ۾ اُھي ڳوٺ جن ۾ برڪت رکي سون تن جي وچ ۾ پڌرا ڳوٺ (لڳولڳ) ڪياسون ۽ انھن ۾ اچ وڃ جو پورو بندوبست رکيوسون، (چيوسون ته) راتيان ۽ ڏينھان منجھن بي ڀؤا گھمندا رھو.
فَقَالُوا۟ رَبَّنَا بَٰعِدْ بَيْنَ أَسْفَارِنَا وَظَلَمُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ فَجَعَلْنَٰهُمْ أَحَادِيثَ وَمَزَّقْنَٰهُمْ كُلَّ مُمَزَّقٍ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّكُلِّ صَبَّارٍۢ شَكُورٍۢ
پوءِ چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي مسافرين ۾ ڏورائي ڪر ۽ پاڻ تي ظلم ڪيائون تنھن ڪري انھن کي (ٻـين جي لاءِ) آکاڻيون ڪيوسين ۽ کين تمام پرزا پرزا ڪري ڇني ڦاڙي ڇڏيوسون، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابِر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.
وَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ إِبْلِيسُ ظَنَّهُۥ فَٱتَّبَعُوهُ إِلَّا فَرِيقًۭا مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ
۽ بيشڪ ابليس انھن به نسبت پنھنجي گمان کي سچو لڌو جو مؤمنن جي ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ ٻـين اُن جي تابعداري ڪئي.
وَمَا كَانَ لَهُۥ عَلَيْهِم مِّن سُلْطَٰنٍ إِلَّا لِنَعْلَمَ مَن يُؤْمِنُ بِٱلْءَاخِرَةِ مِمَّنْ هُوَ مِنْهَا فِى شَكٍّۢ ۗ وَرَبُّكَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ حَفِيظٌۭ
۽ اُن جو مٿن ڪو زور نه ھو پر (اسين پرکون) ته جيڪو آخرت کي مڃيندو ھجي تنھن کي اُنھيءَ کان ڌار ڪريون جيڪو اُن کان شڪ ۾ (پيل) ھجي، ۽ تنھنجو پالڻھار سڀڪنھن شيء تي نگھبان آھي.
قُلِ ٱدْعُوا۟ ٱلَّذِينَ زَعَمْتُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ ۖ لَا يَمْلِكُونَ مِثْقَالَ ذَرَّةٍۢ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَلَا فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا لَهُمْ فِيهِمَا مِن شِرْكٍۢ وَمَا لَهُۥ مِنْهُم مِّن ظَهِيرٍۢ
(کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن ۾ اوھين گمان ڪندا آھيو تن کي سڏيو، اُھي نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ذري جيترا (به) مالڪ آھن ۽ نڪي منجھن ڪا ڀائيواري آھي ۽ نڪي منجھائن ڪو الله جو مددگار آھي.
وَلَا تَنفَعُ ٱلشَّفَٰعَةُ عِندَهُۥٓ إِلَّا لِمَنْ أَذِنَ لَهُۥ ۚ حَتَّىٰٓ إِذَا فُزِّعَ عَن قُلُوبِهِمْ قَالُوا۟ مَاذَا قَالَ رَبُّكُمْ ۖ قَالُوا۟ ٱلْحَقَّ ۖ وَهُوَ ٱلْعَلِىُّ ٱلْكَبِيرُ
۽ نڪي وٽس (ٻئي ڪنھن جي) سفارش فائدو ڏيندي مگر جنھن لاءِ رخصت ڏني ھوندائين (فرشتن جو ھي حال آھي ته جنھن مھل ڪو حُڪم خدا جو نازل ٿئي ٿو ته اُنھن جي طبيعت ۾ گھٻراھٽ پيدا ٿئي ٿي) تانجو جنھن وقت ھنن جي دلين تان گھٻراھٽ لھي ٿي (تنھن مھل) چون ٿا ته اوھان جي پالڻھار ڇا چيو آھي (مٿان ملائڪ ھيٺين کي) چوندا ته سچ فرمايو اٿس ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏو آھي.
۞ قُلْ مَن يَرْزُقُكُم مِّنَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ قُلِ ٱللَّهُ ۖ وَإِنَّآ أَوْ إِيَّاكُمْ لَعَلَىٰ هُدًى أَوْ فِى ضَلَٰلٍۢ مُّبِينٍۢ
(کين) چؤ ته اوھان کي آسمانن ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي، چؤ ته الله (ڏيندو آھي) ۽ بيشڪ اسين يا اوھين (يا ته) ھدايت تي آھيون يا پڌريءَ گُمراھي ۾.
قُل لَّا تُسْـَٔلُونَ عَمَّآ أَجْرَمْنَا وَلَا نُسْـَٔلُ عَمَّا تَعْمَلُونَ
چؤ ته جيڪي اسان ڏوھ ڪيا آھن تنھن بابت اوھين پڇيا نه ويندؤ ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن بابت اسين پُڇيا نه وينداسون.
قُلْ يَجْمَعُ بَيْنَنَا رَبُّنَا ثُمَّ يَفْتَحُ بَيْنَنَا بِٱلْحَقِّ وَهُوَ ٱلْفَتَّاحُ ٱلْعَلِيمُ
چؤ ته اسان جو پالڻھار اسان (مڙني) کي گڏ ڪندو وري اسان ۽ (اوھان) جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو، ۽ اھوئي (سچو) فيصلو ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.
قُلْ أَرُونِىَ ٱلَّذِينَ أَلْحَقْتُم بِهِۦ شُرَكَآءَ ۖ كَلَّا ۚ بَلْ هُوَ ٱللَّهُ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
چؤ ته جن کي اوھان ساڻس شريڪ بڻائي ملايو آھي سي مون کي ڏيکاريو (چؤ ته) ائين نه آھي، بلڪ اُھو الله غالب حِڪمت وارو آھي.
وَمَآ أَرْسَلْنَٰكَ إِلَّا كَآفَّةًۭ لِّلنَّاسِ بَشِيرًۭا وَنَذِيرًۭا وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
(اي پيغمبر) توکي ته مڙني ماڻھن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليوسون پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا ٱلْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو (قيامت جو) انجام ڪڏھن ٿيندو.
قُل لَّكُم مِّيعَادُ يَوْمٍۢ لَّا تَسْتَـْٔخِرُونَ عَنْهُ سَاعَةًۭ وَلَا تَسْتَقْدِمُونَ
چؤ ته اوھان لاءِ اھڙي ڏينھن جو انجام آھي جنھن کان ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندؤ ۽ نڪي اڳي ويندؤ.
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَن نُّؤْمِنَ بِهَٰذَا ٱلْقُرْءَانِ وَلَا بِٱلَّذِى بَيْنَ يَدَيْهِ ۗ وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذِ ٱلظَّٰلِمُونَ مَوْقُوفُونَ عِندَ رَبِّهِمْ يَرْجِعُ بَعْضُهُمْ إِلَىٰ بَعْضٍ ٱلْقَوْلَ يَقُولُ ٱلَّذِينَ ٱسْتُضْعِفُوا۟ لِلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ لَوْلَآ أَنتُمْ لَكُنَّا مُؤْمِنِينَ
۽ ڪافر چون ٿا ته ھن قُرآن کي ڪڏھن نه مڃينداسون ۽ نڪي اُنھي کي جو کانئس اڳ آھي، ۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن ظالم پنھنجي پالڻھار اڳيان بيھاربا (تڏھن) جيڪڏھن ڏسين ته (عجب ڪرين)، جو (پاڻ ۾) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏي ڳالھ ورائيندا، جيڪي ھيڻا آھن سي ھٺيلن کي چوندا ته جيڪڏھن اوھان نه ھجوھا ته اسين مؤمن ھجون ھا.
قَالَ ٱلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ لِلَّذِينَ ٱسْتُضْعِفُوٓا۟ أَنَحْنُ صَدَدْنَٰكُمْ عَنِ ٱلْهُدَىٰ بَعْدَ إِذْ جَآءَكُم ۖ بَلْ كُنتُم مُّجْرِمِينَ
ھٺيلا ھيڻن کي چوندا ته جڏھن (ھدايت) اوھان وٽ آئي تڏھن اسان اوھان کي ھدايت کان جھليو ھو ڇا؟ (نه!) بلڪ اوھين پاڻ گنھگار ھئؤ.
وَقَالَ ٱلَّذِينَ ٱسْتُضْعِفُوا۟ لِلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ بَلْ مَكْرُ ٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ إِذْ تَأْمُرُونَنَآ أَن نَّكْفُرَ بِٱللَّهِ وَنَجْعَلَ لَهُۥٓ أَندَادًۭا ۚ وَأَسَرُّوا۟ ٱلنَّدَامَةَ لَمَّا رَأَوُا۟ ٱلْعَذَابَ وَجَعَلْنَا ٱلْأَغْلَٰلَ فِىٓ أَعْنَاقِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ۚ هَلْ يُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
۽ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته (ائين نه آھي) بلڪ رات ۽ ڏينھن جي (اوھان جي) مڪر ڪرڻ (اسان کي جھليو ھو) جڏھن اسان کي حُڪم ڪندا ھيؤ ته الله سان ڪفر ڪيو ۽ ساڻس شريڪ ٺھرايون، ۽ جڏھن عذاب کي ڏسندا (تڏھن) پشيماني (دل ۾) لڪائيندا، ۽ ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجھنداسون، جيڪي ڪندا ھوا تنھن کانسواءِ ٻئي جي سزا نه ڏبين.
وَمَآ أَرْسَلْنَا فِى قَرْيَةٍۢ مِّن نَّذِيرٍ إِلَّا قَالَ مُتْرَفُوهَآ إِنَّا بِمَآ أُرْسِلْتُم بِهِۦ كَٰفِرُونَ
۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون مگر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته بيشڪ جنھن شيء سان اوھين موڪليا ويا آھيو (تنھنکي) اسين نه مڃيندڙ آھيون.
وَقَالُوا۟ نَحْنُ أَكْثَرُ أَمْوَٰلًۭا وَأَوْلَٰدًۭا وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ
۽ چيائون ته اسين گھڻي مال ۽ اولاد وارا آھيون ۽ اسان کي عذاب ٿيڻو نه آھي.
قُلْ إِنَّ رَبِّى يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ وَيَقْدِرُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
چؤ ته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري تنھن جي) تنگ ڪندو آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
وَمَآ أَمْوَٰلُكُمْ وَلَآ أَوْلَٰدُكُم بِٱلَّتِى تُقَرِّبُكُمْ عِندَنَا زُلْفَىٰٓ إِلَّا مَنْ ءَامَنَ وَعَمِلَ صَٰلِحًۭا فَأُو۟لَٰٓئِكَ لَهُمْ جَزَآءُ ٱلضِّعْفِ بِمَا عَمِلُوا۟ وَهُمْ فِى ٱلْغُرُفَٰتِ ءَامِنُونَ
۽ نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد اھڙي شيء آھن جو اوھان کي اسان وٽ مرتبي جي ڪري ويجھو ڪن پر (ويجھا اُھي آھن) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جيڪي ڪمايو تنھن سببان اُنھن لاءِ ٻيڻو بدلو آھي ۽ اُھي ماڙين ۾ امن سان رھندا.
وَٱلَّذِينَ يَسْعَوْنَ فِىٓ ءَايَٰتِنَا مُعَٰجِزِينَ أُو۟لَٰٓئِكَ فِى ٱلْعَذَابِ مُحْضَرُونَ
۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي رد ڪرڻ) ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڪوشش ڪندا آھن اُھي عذاب ۾ حاضر ڪبا.
قُلْ إِنَّ رَبِّى يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ وَيَقْدِرُ لَهُۥ ۚ وَمَآ أَنفَقْتُم مِّن شَىْءٍۢ فَهُوَ يُخْلِفُهُۥ ۖ وَهُوَ خَيْرُ ٱلرَّٰزِقِينَ
چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) تنگ ڪندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪُجھ خرچيندؤ تنھن جو الله بدلو ڏيندو، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.
وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ جَمِيعًۭا ثُمَّ يَقُولُ لِلْمَلَٰٓئِكَةِ أَهَٰٓؤُلَآءِ إِيَّاكُمْ كَانُوا۟ يَعْبُدُونَ
۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو وري ملائڪن کي چوندو ته (ھيءُ) اُھي آھن ڇا جيڪي اوھان کي پوڄيندا ھوا؟
قَالُوا۟ سُبْحَٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنَا مِن دُونِهِم ۖ بَلْ كَانُوا۟ يَعْبُدُونَ ٱلْجِنَّ ۖ أَكْثَرُهُم بِهِم مُّؤْمِنُونَ
(ملائڪ) چوندا ته تون پاڪ ذات آھين تون اسان جو سائين آھين نه اُھي، بلڪ اُھي جنّن کي پوڄيندا ھوا، انھن مان گھڻا کين مڃيندڙ ھوا.
فَٱلْيَوْمَ لَا يَمْلِكُ بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍۢ نَّفْعًۭا وَلَا ضَرًّۭا وَنَقُولُ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ذُوقُوا۟ عَذَابَ ٱلنَّارِ ٱلَّتِى كُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ
پوءِ اڄ اوھان مان ڪوبه ھڪ ٻئي کي نڪي سُک پُھچائڻ جو نڪي ڏک پھچائڻ جو اختيار رکي ٿو، ۽ ظالمن کي چونداسون ته اُن باھ جي سزا جو (جو مزو) چکو جنھن کي اوھين ڪُوڙ ڀائيندا ھوا.
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتُنَا بَيِّنَٰتٍۢ قَالُوا۟ مَا هَٰذَآ إِلَّا رَجُلٌۭ يُرِيدُ أَن يَصُدَّكُمْ عَمَّا كَانَ يَعْبُدُ ءَابَآؤُكُمْ وَقَالُوا۟ مَا هَٰذَآ إِلَّآ إِفْكٌۭ مُّفْتَرًۭى ۚ وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِلْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُمْ إِنْ هَٰذَآ إِلَّا سِحْرٌۭ مُّبِينٌۭ
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جو جنھن کي اوھان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کان اوھان کي جھلڻ گھرندو آھي، ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙ ٺھيل آھي، ۽ ڪافرن وٽ جڏھن سچي ڳالھ آئي (تڏھن) اُن لاءِ چوندا آھن ته ھي رڳو پڌرو جادو آھي.
وَمَآ ءَاتَيْنَٰهُم مِّن كُتُبٍۢ يَدْرُسُونَهَا ۖ وَمَآ أَرْسَلْنَآ إِلَيْهِمْ قَبْلَكَ مِن نَّذِيرٍۢ
حالانڪ اُنھن (مشرڪن) کي نڪو ڪو ڪتاب ڏنوسون جنھن کي پڙھن ۽ نڪي توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ اُنھن ڏانھن موڪليوسون.
وَكَذَّبَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَمَا بَلَغُوا۟ مِعْشَارَ مَآ ءَاتَيْنَٰهُمْ فَكَذَّبُوا۟ رُسُلِى ۖ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ
۽ کائن اڳين به ڪوڙ ڄاتو ھو حالانڪ جيڪي انھنکي ڏنوھوسون تنھن جي ڏھين پتيءَ کي (به اُھي مشرڪ) نه پُھتا آھن پوءِ اُنھن اسان جي پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو، پوءِ منھنجو عذاب ڪئن ھو.
۞ قُلْ إِنَّمَآ أَعِظُكُم بِوَٰحِدَةٍ ۖ أَن تَقُومُوا۟ لِلَّهِ مَثْنَىٰ وَفُرَٰدَىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّرُوا۟ ۚ مَا بِصَاحِبِكُم مِّن جِنَّةٍ ۚ إِنْ هُوَ إِلَّا نَذِيرٌۭ لَّكُم بَيْنَ يَدَىْ عَذَابٍۢ شَدِيدٍۢ
(کين) چؤ ته اوھان کي رڳو ھڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو، ته ٻه ٻه ۽ ھڪ ھڪ ٿي الله (جي ڪم) لاءِ کڙا ٿيو وري پروڙيو، ته اوھان جي سنگتيءَ کي ڪو سوداءُ نه آھي، (بلڪ) اُھو ته سخت عذاب (جي پھچڻ) کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريندڙ آھي.
قُلْ مَا سَأَلْتُكُم مِّنْ أَجْرٍۢ فَهُوَ لَكُمْ ۖ إِنْ أَجْرِىَ إِلَّا عَلَى ٱللَّهِ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ شَهِيدٌۭ
(۽ کين) چؤ ته اوھان کان جيڪو ڪو اُجورو گھريو ھجيم سو اوھان کي ئي ھجي، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي، ۽ اُھو ھر شيء تي شاھد آھي.
قُلْ إِنَّ رَبِّى يَقْذِفُ بِٱلْحَقِّ عَلَّٰمُ ٱلْغُيُوبِ
(کين) چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار حق کي منھنجي دل ۾ وجھندو آھي، (اھو) ڳُجھن جو ڄاڻندڙ آھي.
قُلْ جَآءَ ٱلْحَقُّ وَمَا يُبْدِئُ ٱلْبَٰطِلُ وَمَا يُعِيدُ
(کين) چؤ ته حق آيو ۽ ڪوڙو معبود نڪي نئي سر پيدا ڪري ٿو نڪي بِھر پيدا ڪندو.
قُلْ إِن ضَلَلْتُ فَإِنَّمَآ أَضِلُّ عَلَىٰ نَفْسِى ۖ وَإِنِ ٱهْتَدَيْتُ فَبِمَا يُوحِىٓ إِلَىَّ رَبِّىٓ ۚ إِنَّهُۥ سَمِيعٌۭ قَرِيبٌۭ
(کين) چؤ ته جيڪڏھن گمراھ ٿيس ته رڳو پاڻ لاءِ گمراھ ٿيان ٿو، ۽ جيڪڏھن ھدايت وارو ٿيس ته (اُھا) اُنھيءَ سببان آھي جو منھنجو پالڻھار مون ڏانھن وحي موڪليندو آھي، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ويجھو آھي.
وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذْ فَزِعُوا۟ فَلَا فَوْتَ وَأُخِذُوا۟ مِن مَّكَانٍۢ قَرِيبٍۢ
۽ جنھن مھل پريشان ٿيندا ۽ (الله جي عذاب کان) ڇوٽڪارو نه لھندا ۽ ويجھي ھنڌان پڪڙبا (تنھن مھل) جيڪڏھن ڏسين (ته عجب ڪرين).
وَقَالُوٓا۟ ءَامَنَّا بِهِۦ وَأَنَّىٰ لَهُمُ ٱلتَّنَاوُشُ مِن مَّكَانٍۭ بَعِيدٍۢ
۽ چوندا ته (ھاڻي) اُن (قرآن) تي ايمان آندوسون، ۽ (اُتي دُنيا جي) ڏورين ھنڌ کان کين (ايمان) ھٿ آڻڻ ڪٿان ٿيندو؟
وَقَدْ كَفَرُوا۟ بِهِۦ مِن قَبْلُ ۖ وَيَقْذِفُونَ بِٱلْغَيْبِ مِن مَّكَانٍۭ بَعِيدٍۢ
حالانڪ اڳي اُن قرآن کي نه مڃيندا ھوا، ۽ ڏورين ھنڌ کان اَڻ ڏٺو (گُمان جا تير) اُڇليندا رھيا.
وَحِيلَ بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ مَا يَشْتَهُونَ كَمَا فُعِلَ بِأَشْيَاعِهِم مِّن قَبْلُ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ فِى شَكٍّۢ مُّرِيبٍۭ
۽ اُنھن جي ۽ اُھي جيڪي سَڌون ڪندا رھيا تن جي وچ ۾ اَڙ وڌي وئي جھڙي طرح انھن جھڙن (ٻـين) کان اڳ ڪيو ويو، بيشڪ اُھي به وڏي شڪ ۾ پيل ھوا.
Surah 35: Fatir — فاطر
ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ فَاطِرِ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ جَاعِلِ ٱلْمَلَٰٓئِكَةِ رُسُلًا أُو۟لِىٓ أَجْنِحَةٍۢ مَّثْنَىٰ وَثُلَٰثَ وَرُبَٰعَ ۚ يَزِيدُ فِى ٱلْخَلْقِ مَا يَشَآءُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرٌۭ
سڀ ساراھ خاص الله کي جُڳائي جو آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي ملائڪن کي قاصد ڪرڻ وارو آھي جو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چَئن چَئن پَرن وارا آھن، جيڪي گھري سو خلقت ۾ وڌائي ٿو، بيشڪ الله ھر شيء تي وس وارو آھي.
مَّا يَفْتَحِ ٱللَّهُ لِلنَّاسِ مِن رَّحْمَةٍۢ فَلَا مُمْسِكَ لَهَا ۖ وَمَا يُمْسِكْ فَلَا مُرْسِلَ لَهُۥ مِنۢ بَعْدِهِۦ ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
الله ماڻھن لاءِ (پنھنجيءَ) ٻاجھ مان جيڪي کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي بند ڪندو تنھنکي اُن (جي بند ڪرڻ) کانپوءِ ڪو کولڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ ٱذْكُرُوا۟ نِعْمَتَ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ ۚ هَلْ مِنْ خَٰلِقٍ غَيْرُ ٱللَّهِ يَرْزُقُكُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ ۚ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ فَأَنَّىٰ تُؤْفَكُونَ
اي ماڻھؤ پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، الله کانسواءِ ڪو بڻائيندڙ آھي ڇا؟ جو آسمان ۽ زمين مان اوھان کي روزي ڏئي ٿو، اُن (الله) کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
وَإِن يُكَذِّبُوكَ فَقَدْ كُذِّبَتْ رُسُلٌۭ مِّن قَبْلِكَ ۚ وَإِلَى ٱللَّهِ تُرْجَعُ ٱلْأُمُورُ
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڪوڙو ڀائين ته بيشڪ تو کان اڳ (ٻيا ڪيترائي) پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا، ۽ سڀ ڪم الله ڏانھن موٽائجن ٿا.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّۭ ۖ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا ۖ وَلَا يَغُرَّنَّكُم بِٱللَّهِ ٱلْغَرُورُ
اي ماڻھؤ بيشڪ الله جو اَنجام سچّو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي فريبيندڙ (شيطان) الله بابت اوھان کي فريبي.
إِنَّ ٱلشَّيْطَٰنَ لَكُمْ عَدُوٌّۭ فَٱتَّخِذُوهُ عَدُوًّا ۚ إِنَّمَا يَدْعُوا۟ حِزْبَهُۥ لِيَكُونُوا۟ مِنْ أَصْحَٰبِ ٱلسَّعِيرِ
بيشڪ شيطان اوھان جو ويري آھي تنھنڪري اُن کي ويري (ڪري) وٺو، (ھو) پنھنجيءَ ٽوليءَ کي رڳو ھن لاءِ سڏيندو آھي ته دوزخين مان ٿين.
ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَهُمْ عَذَابٌۭ شَدِيدٌۭ ۖ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُم مَّغْفِرَةٌۭ وَأَجْرٌۭ كَبِيرٌ
جن ڪُفر ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
أَفَمَن زُيِّنَ لَهُۥ سُوٓءُ عَمَلِهِۦ فَرَءَاهُ حَسَنًۭا ۖ فَإِنَّ ٱللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِى مَن يَشَآءُ ۖ فَلَا تَذْهَبْ نَفْسُكَ عَلَيْهِمْ حَسَرَٰتٍ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌۢ بِمَا يَصْنَعُونَ
جنھن لاءِ سندس بڇڙو ڪم سينگاريو ويو پوءِ اُن کي ھُن چڱو (ڪري) ڏٺو (سو چڱي ڪم ڪندڙ جھڙو ھوندو) ڇا؟ پوءِ بيشڪ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، تنھنڪري مٿن ارمان ڪرڻ سببان متان تنھنجو ساھ نڪري، ڇوته جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.
وَٱللَّهُ ٱلَّذِىٓ أَرْسَلَ ٱلرِّيَٰحَ فَتُثِيرُ سَحَابًۭا فَسُقْنَٰهُ إِلَىٰ بَلَدٍۢ مَّيِّتٍۢ فَأَحْيَيْنَا بِهِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ كَذَٰلِكَ ٱلنُّشُورُ
۽ الله اُھو آھي جنھن وائن کي موڪليو پوءِ اُنھن ڪڪر کي کنيو پوءِ اُن (ڪڪر) کي ويران ڳوٺ ڏانھن روانو ڪيوسون پوءِ اُن (جي پاڻيءَ) سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ جياريوسون، اھڙي طرح (قبرن مان) مُئن جو اُٿڻ آھي.
مَن كَانَ يُرِيدُ ٱلْعِزَّةَ فَلِلَّهِ ٱلْعِزَّةُ جَمِيعًا ۚ إِلَيْهِ يَصْعَدُ ٱلْكَلِمُ ٱلطَّيِّبُ وَٱلْعَمَلُ ٱلصَّٰلِحُ يَرْفَعُهُۥ ۚ وَٱلَّذِينَ يَمْكُرُونَ ٱلسَّيِّـَٔاتِ لَهُمْ عَذَابٌۭ شَدِيدٌۭ ۖ وَمَكْرُ أُو۟لَٰٓئِكَ هُوَ يَبُورُ
جيڪو مانُ گھري (سو ياد رکي) ته سڀ مانُ الله ئي کي آھي (اُن وٽان عزت ملندي آھي)، ڏانھس پاڪ سُخن چڙھندو آھي ۽ اُن (پاڪ سُخن) کي چڱو عمل مٿي چاڙھيندو آھي، ۽ جيڪي بڇڙاين جي رٿ ڪندا آھن تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ اُھا ٺڳي اُنھن جي ٽٽندي.
وَٱللَّهُ خَلَقَكُم مِّن تُرَابٍۢ ثُمَّ مِن نُّطْفَةٍۢ ثُمَّ جَعَلَكُمْ أَزْوَٰجًۭا ۚ وَمَا تَحْمِلُ مِنْ أُنثَىٰ وَلَا تَضَعُ إِلَّا بِعِلْمِهِۦ ۚ وَمَا يُعَمَّرُ مِن مُّعَمَّرٍۢ وَلَا يُنقَصُ مِنْ عُمُرِهِۦٓ إِلَّا فِى كِتَٰبٍ ۚ إِنَّ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرٌۭ
۽ الله اوھان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري نطفي مان (بڻايائين) وري اوھان کي جوڙو جوڙو (مڙس ۽ زال) ڪيائين، ۽ مادين مان ڪابه سندس علم کانسواءِ نڪي ڍُڪي ٿيندي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ نڪي ڪنھن وڏي عمر واري کي ڄمار ڏبي آھي ۽ نڪي سندس ڄمار مان (ڪجھ) گھٽائبو آھي مگر (اُھو) ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
وَمَا يَسْتَوِى ٱلْبَحْرَانِ هَٰذَا عَذْبٌۭ فُرَاتٌۭ سَآئِغٌۭ شَرَابُهُۥ وَهَٰذَا مِلْحٌ أُجَاجٌۭ ۖ وَمِن كُلٍّۢ تَأْكُلُونَ لَحْمًۭا طَرِيًّۭا وَتَسْتَخْرِجُونَ حِلْيَةًۭ تَلْبَسُونَهَا ۖ وَتَرَى ٱلْفُلْكَ فِيهِ مَوَاخِرَ لِتَبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِهِۦ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
۽ ٻه درياءَ ھڪ جھڙا نه آھن (جن مان) ھيءُ ھڪ مِٺو اُڃ لاھيندڙ آھي سندس پاڻي وڻندڙ آھي ۽ اُھو ٻيو کارو ڪوڙو آھي، ۽ ھر ھڪ مان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائيندا آھيو ۽ زيور (يعني موتي منجھائن) ڪڍندا آھيو جي پائيندا آھيو، ۽ منجھس (پاڻي کي) چيريندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين (ھن لاءِ) ته سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
يُولِجُ ٱلَّيْلَ فِى ٱلنَّهَارِ وَيُولِجُ ٱلنَّهَارَ فِى ٱلَّيْلِ وَسَخَّرَ ٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ كُلٌّۭ يَجْرِى لِأَجَلٍۢ مُّسَمًّۭى ۚ ذَٰلِكُمُ ٱللَّهُ رَبُّكُمْ لَهُ ٱلْمُلْكُ ۚ وَٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِهِۦ مَا يَمْلِكُونَ مِن قِطْمِيرٍ
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مدت تي ھلندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي بادشاھي آھي، ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھيو سي کارڪ جي ککڙيءَ جي ڇلُ (جيتري ذري) جا (به) مالڪ نه آھن.
إِن تَدْعُوهُمْ لَا يَسْمَعُوا۟ دُعَآءَكُمْ وَلَوْ سَمِعُوا۟ مَا ٱسْتَجَابُوا۟ لَكُمْ ۖ وَيَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ يَكْفُرُونَ بِشِرْكِكُمْ ۚ وَلَا يُنَبِّئُكَ مِثْلُ خَبِيرٍۢ
جيڪڏھن کين سڏيو ته اوھان جو سڏ نه ٻڌندا، ۽ جيڪڏھن (کڻي) ٻڌن (به) ته به اوھان کي ورندي نه ڏيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن اوھان جي شريڪ ٺھرائڻ جا منڪر ٿيندا، ۽ توکي خبر رکندڙ جھڙي ڪوبه خبر نه ڏيندو.
۞ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ أَنتُمُ ٱلْفُقَرَآءُ إِلَى ٱللَّهِ ۖ وَٱللَّهُ هُوَ ٱلْغَنِىُّ ٱلْحَمِيدُ
اي ماڻھو اوھين الله ڏانھن مُحتاج آھيو، ۽ الله اُھو بي پرواھ ساراھيل آھي.
إِن يَشَأْ يُذْهِبْكُمْ وَيَأْتِ بِخَلْقٍۢ جَدِيدٍۢ
جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ نئين خلق پيدا ڪري.
وَمَا ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ بِعَزِيزٍۢ
۽ اِھو (ڪم) الله کي اَوکو نه آھي.
وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌۭ وِزْرَ أُخْرَىٰ ۚ وَإِن تَدْعُ مُثْقَلَةٌ إِلَىٰ حِمْلِهَا لَا يُحْمَلْ مِنْهُ شَىْءٌۭ وَلَوْ كَانَ ذَا قُرْبَىٰٓ ۗ إِنَّمَا تُنذِرُ ٱلَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُم بِٱلْغَيْبِ وَأَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ ۚ وَمَن تَزَكَّىٰ فَإِنَّمَا يَتَزَكَّىٰ لِنَفْسِهِۦ ۚ وَإِلَى ٱللَّهِ ٱلْمَصِيرُ
۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ جيڪڏھن (گناھن جي) ڳوري بار وارو پنھنجي بار کڻڻ ڏانھن ڪنھن کي سڏيندو توڻيڪ مائٽي وارو ھوندو ته به منجھانئس ڪجھ به نه کنيو ويندو، تون ته انھن کي ڊيڄاري سگھندين جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپُٺ ڊڄندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ پاڪ ٿئي ٿو، ۽ الله ڏانھن موٽڻ آھي.
وَمَا يَسْتَوِى ٱلْأَعْمَىٰ وَٱلْبَصِيرُ
۽ انڌو ۽ سڄو برابر نه آھن.
وَلَا ٱلظُّلُمَٰتُ وَلَا ٱلنُّورُ
۽ نڪي اونداھيون ۽ نڪي سوجھرو.
وَلَا ٱلظِّلُّ وَلَا ٱلْحَرُورُ
۽ نڪي ڇانوَ ۽ نڪي اُس (پاڻ ۾ ھڪ جھڙا آھن).
وَمَا يَسْتَوِى ٱلْأَحْيَآءُ وَلَا ٱلْأَمْوَٰتُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ يُسْمِعُ مَن يَشَآءُ ۖ وَمَآ أَنتَ بِمُسْمِعٍۢ مَّن فِى ٱلْقُبُورِ
۽ نڪي جيئرا ۽ نڪي مُئا برابر ٿين ٿا، بيشڪ الله جنھن کي گھري تنھن کي ٻڌائيندو آھي، ۽ تون ڪو قبر وارن کي ٻڌائيندڙ نه آھين.
إِنْ أَنتَ إِلَّا نَذِيرٌ
تون ته رڳو ڊيڄاريندڙ آھين.
إِنَّآ أَرْسَلْنَٰكَ بِٱلْحَقِّ بَشِيرًۭا وَنَذِيرًۭا ۚ وَإِن مِّنْ أُمَّةٍ إِلَّا خَلَا فِيهَا نَذِيرٌۭ
بيشڪ اسان توکي سچي دين سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ اھڙي ڪا ٽولي آھي ئي ڪانه جنھن ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه گذريو آھي.
وَإِن يُكَذِّبُوكَ فَقَدْ كَذَّبَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ جَآءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ وَبِٱلزُّبُرِ وَبِٱلْكِتَٰبِ ٱلْمُنِيرِ
۽ جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀائين ٿا ته کائن اڳين به بيشڪ ڪوڙو ڀانيو ھو، جن وٽ سندن پيغمبر چِٽن معجزن ۽ صحيفن سان ۽ پڌرن ڪتابن سان آيا ھوا.
ثُمَّ أَخَذْتُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ۖ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ
وري ڪافرن کي پڪڙيم ۽ منھنجي سزا ڪيئن ھئي.
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ أَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۭ فَأَخْرَجْنَا بِهِۦ ثَمَرَٰتٍۢ مُّخْتَلِفًا أَلْوَٰنُهَا ۚ وَمِنَ ٱلْجِبَالِ جُدَدٌۢ بِيضٌۭ وَحُمْرٌۭ مُّخْتَلِفٌ أَلْوَٰنُهَا وَغَرَابِيبُ سُودٌۭ
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن کان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ميوا پيدا ڪياسون جن جا رنگ قسمين قسمين آھن، ۽ جبلن مان ٽُڪر آھن ڪي اڇا ۽ ڪي ڳاڙھا انھن جا طرحين طرحين رنگ آھن ۽ ڪي نھايت ڪارا (به) آھن.
وَمِنَ ٱلنَّاسِ وَٱلدَّوَآبِّ وَٱلْأَنْعَٰمِ مُخْتَلِفٌ أَلْوَٰنُهُۥ كَذَٰلِكَ ۗ إِنَّمَا يَخْشَى ٱللَّهَ مِنْ عِبَادِهِ ٱلْعُلَمَٰٓؤُا۟ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ غَفُورٌ
۽ اھڙيءَ طرح ماڻھن ۽ چرندڙن ۽ ڍورن مان (به) جو انھن جا رنگ طرح طرح جا آھن (بڻاياسين)، الله کان سندس ٻانھن مان رڳو سمجھ وارا ڊڄندا آھن، بيشڪ الله غالب بخشڻھار آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ يَتْلُونَ كِتَٰبَ ٱللَّهِ وَأَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَأَنفَقُوا۟ مِمَّا رَزَقْنَٰهُمْ سِرًّۭا وَعَلَانِيَةًۭ يَرْجُونَ تِجَٰرَةًۭ لَّن تَبُورَ
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) الله جو ڪتاب پڙھندا آھن ۽ نماز (پوريءَ طرح) پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان ڳُجھو ۽ پڌرو خرچيندا آھن سي اھڙيءَ سوداگري جي اميد رکندا آھن جا ڪڏھن نه برباد ٿيندي.
لِيُوَفِّيَهُمْ أُجُورَهُمْ وَيَزِيدَهُم مِّن فَضْلِهِۦٓ ۚ إِنَّهُۥ غَفُورٌۭ شَكُورٌۭ
(ھن لاءِ) ته خُدا کين سندن اجر پورو ڏئي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ به ڏئي، ڇوته اھو بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.
وَٱلَّذِىٓ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ مِنَ ٱلْكِتَٰبِ هُوَ ٱلْحَقُّ مُصَدِّقًۭا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ بِعِبَادِهِۦ لَخَبِيرٌۢ بَصِيرٌۭ
۽ جيڪي توڏانھن ڪتاب مان وحي ڪيوسون سو سچ آھي جيڪي کانئس اڳ آھن تن کي به سچّو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.
ثُمَّ أَوْرَثْنَا ٱلْكِتَٰبَ ٱلَّذِينَ ٱصْطَفَيْنَا مِنْ عِبَادِنَا ۖ فَمِنْهُمْ ظَالِمٌۭ لِّنَفْسِهِۦ وَمِنْهُم مُّقْتَصِدٌۭ وَمِنْهُمْ سَابِقٌۢ بِٱلْخَيْرَٰتِ بِإِذْنِ ٱللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَضْلُ ٱلْكَبِيرُ
وري انھن کي ڪتابن جو وارث ڪيوسون جن کي پنھنجن ٻانھن مان چونڊيوسون، پوءِ منجھائن ڪي پاڻ لاءِ ظالم آھن، ۽ منجھائن ڪي وچٿرا آھن، ۽ منجھائن ڪي الله جي حُڪم سان چڱاين ۾ اڳرائي ڪندڙ آھن، اِھوئي وڏو فضل آھي.
جَنَّٰتُ عَدْنٍۢ يَدْخُلُونَهَا يُحَلَّوْنَ فِيهَا مِنْ أَسَاوِرَ مِن ذَهَبٍۢ وَلُؤْلُؤًۭا ۖ وَلِبَاسُهُمْ فِيهَا حَرِيرٌۭ
(انھن لاءِ ھميشه وارا باغ آھن) جن ۾ (اُھي) گھڙندا منجھن سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پھرائبن، ۽ انھن ۾ سندن لباس پَٽ ھوندو.
وَقَالُوا۟ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِىٓ أَذْهَبَ عَنَّا ٱلْحَزَنَ ۖ إِنَّ رَبَّنَا لَغَفُورٌۭ شَكُورٌ
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن اسان کان (سڀ) ڏُک ٽاريا، بيشڪ اسان جو پالڻھار بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.
ٱلَّذِىٓ أَحَلَّنَا دَارَ ٱلْمُقَامَةِ مِن فَضْلِهِۦ لَا يَمَسُّنَا فِيهَا نَصَبٌۭ وَلَا يَمَسُّنَا فِيهَا لُغُوبٌۭ
جنھن اسان کي پنھنجي فضل سان سدائين رھڻ واري ھنڌ لاٿو، نڪي اسان کي منجھس ڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اسان کي منجھس ڪو ٿَڪ پھچندو.
وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَهُمْ نَارُ جَهَنَّمَ لَا يُقْضَىٰ عَلَيْهِمْ فَيَمُوتُوا۟ وَلَا يُخَفَّفُ عَنْهُم مِّنْ عَذَابِهَا ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِى كُلَّ كَفُورٍۢ
۽ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باھ آھي، نڪي مٿن حُڪم ڪبو ته مرن ۽ نڪي کائن اُن جي عذاب مان ڪي ھلڪو ڪبو، سڀڪنھن بي شُڪر کي اھڙي طرح سزا ڏيندا آھيون.
وَهُمْ يَصْطَرِخُونَ فِيهَا رَبَّنَآ أَخْرِجْنَا نَعْمَلْ صَٰلِحًا غَيْرَ ٱلَّذِى كُنَّا نَعْمَلُ ۚ أَوَلَمْ نُعَمِّرْكُم مَّا يَتَذَكَّرُ فِيهِ مَن تَذَكَّرَ وَجَآءَكُمُ ٱلنَّذِيرُ ۖ فَذُوقُوا۟ فَمَا لِلظَّٰلِمِينَ مِن نَّصِيرٍ
۽ اُھي (دوزخي) منجھس دانھون ڪندا، ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ڪڍ ته جيڪي ڪم ڪندا ھواسون تن ڌاران ٻيا چڱا ڪم ڪريون، (چيو ويندن ته) اوھان کي ايتري ڄمار نه ڏني ھئي سون ڇا ته جيڪو نصيحت وٺڻ گھري ھا سو منجھس نصيحت وٺي سگھي ھا؟ ۽ اوھان وٽ ڊيڄاريندڙ (به) آيو، تنھنڪري (پنھنجي ڪمائيءَ جو مزو) چکو ڇوته ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.
إِنَّ ٱللَّهَ عَٰلِمُ غَيْبِ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ إِنَّهُۥ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳُجھ) ڄاڻندڙ آھي.
هُوَ ٱلَّذِى جَعَلَكُمْ خَلَٰٓئِفَ فِى ٱلْأَرْضِ ۚ فَمَن كَفَرَ فَعَلَيْهِ كُفْرُهُۥ ۖ وَلَا يَزِيدُ ٱلْكَٰفِرِينَ كُفْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ إِلَّا مَقْتًۭا ۖ وَلَا يَزِيدُ ٱلْكَٰفِرِينَ كُفْرُهُمْ إِلَّا خَسَارًۭا
(الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ (اڳين جو) پيڙھيءَ وارو ڪيو، پوءِ جيڪو ڪُفر ڪندو تنھن تي سندس ڪفر (جو نقصان) آھي، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪُفر سندن پالڻھار وٽ ڏمر کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪفر ڇيئي کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو.
قُلْ أَرَءَيْتُمْ شُرَكَآءَكُمُ ٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ أَرُونِى مَاذَا خَلَقُوا۟ مِنَ ٱلْأَرْضِ أَمْ لَهُمْ شِرْكٌۭ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ أَمْ ءَاتَيْنَٰهُمْ كِتَٰبًۭا فَهُمْ عَلَىٰ بَيِّنَتٍۢ مِّنْهُ ۚ بَلْ إِن يَعِدُ ٱلظَّٰلِمُونَ بَعْضُهُم بَعْضًا إِلَّا غُرُورًا
(کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن پنھنجن (ٺھرايلن) بُتن کي سڏيندا آھيو سي ڏٺا اٿوَ ڇا؟ مون کي ڏيکاريو ته زمين مان ڇا بڻايو اٿن يا آسمانن ۾ سندن ڪا ڀائيواري آھي، يا کين ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُھي اُن جي پڌري حُجّت تي آھن؟ (نه!) بلڪ ظالم ھڪ ٻئي کي رڳو ٺڳيءَ جو انجام ڏيندا آھن.
۞ إِنَّ ٱللَّهَ يُمْسِكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ أَن تَزُولَا ۚ وَلَئِن زَالَتَآ إِنْ أَمْسَكَهُمَا مِنْ أَحَدٍۢ مِّنۢ بَعْدِهِۦٓ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ حَلِيمًا غَفُورًۭا
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي ڊھڻ کان نگاھ رکندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڊَھن ته خُدا کانسواءِ انھن کي ڪوبه ڪونه نگاھ رکندو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.
وَأَقْسَمُوا۟ بِٱللَّهِ جَهْدَ أَيْمَٰنِهِمْ لَئِن جَآءَهُمْ نَذِيرٌۭ لَّيَكُونُنَّ أَهْدَىٰ مِنْ إِحْدَى ٱلْأُمَمِ ۖ فَلَمَّا جَآءَهُمْ نَذِيرٌۭ مَّا زَادَهُمْ إِلَّا نُفُورًا
۽ اُنھن پنھنجن پڪّن قسمن سان الله جو قسم کنيو ته جيڪڏھن وٽن ڪوبه ڊيڄاريندڙ آيو (تنھن مھل اُن جي اچڻ) کين رڳو نفرت وڌائي.
ٱسْتِكْبَارًۭا فِى ٱلْأَرْضِ وَمَكْرَ ٱلسَّيِّئِ ۚ وَلَا يَحِيقُ ٱلْمَكْرُ ٱلسَّيِّئُ إِلَّا بِأَهْلِهِۦ ۚ فَهَلْ يَنظُرُونَ إِلَّا سُنَّتَ ٱلْأَوَّلِينَ ۚ فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ ٱللَّهِ تَبْدِيلًۭا ۖ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ ٱللَّهِ تَحْوِيلًا
مُلڪ ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙي رِٿ رِٿڻ سبب (نفرت ڪيائون)، ۽ بڇڙي رٿ رٿڻ (جو نتيجو) اُن جي ھلت ڪرڻ وارن کانسواءِ ٻئي تي نه پوندو آھي، تنھن ڪري رڳو اڳين جي (عذاب جي) دستور جا منتظر آھن، پوءِ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا مَٽ سَٽ نه ڏسندين، ۽ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا ڦيرگھير نه ڏسندين.
أَوَلَمْ يَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَيَنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَكَانُوٓا۟ أَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةًۭ ۚ وَمَا كَانَ ٱللَّهُ لِيُعْجِزَهُۥ مِن شَىْءٍۢ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَلَا فِى ٱلْأَرْضِ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ عَلِيمًۭا قَدِيرًۭا
زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا جو ڏسن ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي ٿي اُھي کائن سگھ ۾ به تمام ڏاڍا ھوا، ۽ الله اھڙو نه آھي جو کيس آسمانن ۾ ڪابه شيء ٿڪائي ۽ نڪي زمين ۾ (ٿڪائي)، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
وَلَوْ يُؤَاخِذُ ٱللَّهُ ٱلنَّاسَ بِمَا كَسَبُوا۟ مَا تَرَكَ عَلَىٰ ظَهْرِهَا مِن دَآبَّةٍۢ وَلَٰكِن يُؤَخِّرُهُمْ إِلَىٰٓ أَجَلٍۢ مُّسَمًّۭى ۖ فَإِذَا جَآءَ أَجَلُهُمْ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِعِبَادِهِۦ بَصِيرًۢا
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ڪرتوتن سببان پڪڙي ھا ته ڪو چُرندڙ زمين جي پُٺيءَ تي نه ڇڏي ھا پر ٺھرايل مُدّت توڻي کين مُھلت ڏئي ٿو، پوءِ جڏھن سندن مُدت آئي تڏھن بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.
Surah 36: Yasin — يس
يسٓ
اي پيغمبر.
وَٱلْقُرْءَانِ ٱلْحَكِيمِ
(ھن) حِڪمت واري قرآن جوقسم آھي.
إِنَّكَ لَمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
ته بيشڪ تون پيغمبرن مان آھين.
عَلَىٰ صِرَٰطٍۢ مُّسْتَقِيمٍۢ
(بيشڪ تون) سڌي واٽ تي آھين.
تَنزِيلَ ٱلْعَزِيزِ ٱلرَّحِيمِ
(الله) غالب مھربان وٽان (قرآن جو) لاھڻ آھي.
لِتُنذِرَ قَوْمًۭا مَّآ أُنذِرَ ءَابَآؤُهُمْ فَهُمْ غَٰفِلُونَ
(ھن لاءِ) ته اھڙي قوم کي ڊيڄارين جو سندن پيءُ ڏاڏا نه ڊيڄاريا ويا آھن تنھنڪري اُھي بي خبر آھن.
لَقَدْ حَقَّ ٱلْقَوْلُ عَلَىٰٓ أَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
بيشڪ انھن مان گھڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿيو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه ٿا آڻين.
إِنَّا جَعَلْنَا فِىٓ أَعْنَٰقِهِمْ أَغْلَٰلًۭا فَهِىَ إِلَى ٱلْأَذْقَانِ فَهُم مُّقْمَحُونَ
بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ ڳَٽ وڌا پوءِ اُھي کاڏين تائين (پيل) اٿن تنھنڪري اُھي ڳاٽي ٽنگيل آھن.
وَجَعَلْنَا مِنۢ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ سَدًّۭا وَمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّۭا فَأَغْشَيْنَٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُونَ
۽ سندن اڳيان اوٽ ۽ سندن پوئتان (به) اوٽ ڪئي سون پوءِ کين ڍڪيوسون تنھنڪري اُھي (ڪجھ) نه ڏسندا.
وَسَوَآءٌ عَلَيْهِمْ ءَأَنذَرْتَهُمْ أَمْ لَمْ تُنذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
۽ کين تون ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين سندن لاءِ ھڪ جھڙو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه آڻيندا.
إِنَّمَا تُنذِرُ مَنِ ٱتَّبَعَ ٱلذِّكْرَ وَخَشِىَ ٱلرَّحْمَٰنَ بِٱلْغَيْبِ ۖ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍۢ وَأَجْرٍۢ كَرِيمٍ
تون رڳو اُن کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي ھلي ۽ ٻاجھاري (الله) کان پرپُٺ ڊڄي، ته پوءِ اُن کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي خوشخبري ڏي.
إِنَّا نَحْنُ نُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰ وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوا۟ وَءَاثَٰرَهُمْ ۚ وَكُلَّ شَىْءٍ أَحْصَيْنَٰهُ فِىٓ إِمَامٍۢ مُّبِينٍۢ
بيشڪ اسين مُئن کي جياريندا آھيون ۽ جيڪي (مَدا توڻي چڱا ڪم ڪري) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن پيرن جا نشان لکون ٿا، ۽ ھر شيء کي پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻيو اٿون.
وَٱضْرِبْ لَهُم مَّثَلًا أَصْحَٰبَ ٱلْقَرْيَةِ إِذْ جَآءَهَا ٱلْمُرْسَلُونَ
۽ اُنھن سان ڳوٺ (انطاڪيہ) وارن جو قصّو بيان ڪر، جڏھن وٽن پيغمبر آيا.
إِذْ أَرْسَلْنَآ إِلَيْهِمُ ٱثْنَيْنِ فَكَذَّبُوهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍۢ فَقَالُوٓا۟ إِنَّآ إِلَيْكُم مُّرْسَلُونَ
(يعني) جڏھن اُنھن ڏانھن ٻن پيغمبرن کي موڪليوسون پوءِ ٻنھي کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ٽئين سان غلبو ڏنوسون پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.
قَالُوا۟ مَآ أَنتُمْ إِلَّا بَشَرٌۭ مِّثْلُنَا وَمَآ أَنزَلَ ٱلرَّحْمَٰنُ مِن شَىْءٍ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا تَكْذِبُونَ
چيائون ته اوھين ته رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو ۽ ٻاجھاري (الله) ڪا شيءَ نه لاٿي آھي اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو.
قَالُوا۟ رَبُّنَا يَعْلَمُ إِنَّآ إِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُونَ
چيائون ته اسان جو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.
وَمَا عَلَيْنَآ إِلَّا ٱلْبَلَٰغُ ٱلْمُبِينُ
۽ اسان تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) لازم نه آھي.
قَالُوٓا۟ إِنَّا تَطَيَّرْنَا بِكُمْ ۖ لَئِن لَّمْ تَنتَهُوا۟ لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّنَّكُم مِّنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌۭ
چيائون ته بيشڪ اسان اوھان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجھي آھي، جيڪڏھن اوھين نه جھلبؤ ته ضرور اوھان کي پھڻن سان مارينداسون ۽ ضرور اسان کان اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.
قَالُوا۟ طَٰٓئِرُكُم مَّعَكُمْ ۚ أَئِن ذُكِّرْتُم ۚ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌۭ مُّسْرِفُونَ
(پيغمبرن) چيو ته اوھان جي بدبختي اوھان سان آھي، جيڪڏھن اوھان کي نصيحت ڏبي آھي ته (انھيءَ ڪري) ڇا؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.
وَجَآءَ مِنْ أَقْصَا ٱلْمَدِينَةِ رَجُلٌۭ يَسْعَىٰ قَالَ يَٰقَوْمِ ٱتَّبِعُوا۟ ٱلْمُرْسَلِينَ
۽ شھر جي پرين پاسي کان ھڪ مڙس ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منھنجي قوم پيغمبرن جي تابعداري ڪريو.
ٱتَّبِعُوا۟ مَن لَّا يَسْـَٔلُكُمْ أَجْرًۭا وَهُم مُّهْتَدُونَ
(اوھين) انھن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوھان کان اُجورو نه گھرندا آھن ۽ اُھي سڌيءَ واٽ وارا آھن.
وَمَا لِىَ لَآ أَعْبُدُ ٱلَّذِى فَطَرَنِى وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو انھيءَ خُدا جي عبادت نه ڪريان جنھن مونکي پيدا ڪيو ۽ (اوھين به) ڏانھس موٽايا ويندؤ.
ءَأَتَّخِذُ مِن دُونِهِۦٓ ءَالِهَةً إِن يُرِدْنِ ٱلرَّحْمَٰنُ بِضُرٍّۢ لَّا تُغْنِ عَنِّى شَفَٰعَتُهُمْ شَيْـًۭٔا وَلَا يُنقِذُونِ
اُن کانسواءِ ٻيا معبود وٺان ڇا؟ جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) مونکي ڏُک پھچائڻ گھري ته اُنھن جي شفاعت مونکان ڪجھ (به ڏک) نه ٽاريندي ۽ نڪي (اُھي) مون کي ڇڏائيندا.
إِنِّىٓ إِذًۭا لَّفِى ضَلَٰلٍۢ مُّبِينٍ
(جي ائين ڪندس ته) بيشڪ آءٌ اُنھيءَ مھل پڌري گمراھيءَ ۾ ھوندس.
إِنِّىٓ ءَامَنتُ بِرَبِّكُمْ فَٱسْمَعُونِ
بيشڪ مون اوھان جي پالڻھار تي ايمان آندو آھي، پوءِ مون کان ٻُڌو.
قِيلَ ٱدْخُلِ ٱلْجَنَّةَ ۖ قَالَ يَٰلَيْتَ قَوْمِى يَعْلَمُونَ
(اِن چوڻ تي کيس شھيد ڪيائون) چيو ويس ته بھشت ۾ گھڙ، چيائين ھيء ارمان (جيڪر) منھنجي قوم ڄاڻي ھا.
بِمَا غَفَرَ لِى رَبِّى وَجَعَلَنِى مِنَ ٱلْمُكْرَمِينَ
ته ڇاجي ڪري منھنجي پالڻھار مون کي بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين.