Surah 29: Al-Ankabut — العنكبوت

۞ وَلَا تُجَٰدِلُوٓا۟ أَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ إِلَّا بِٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ إِلَّا ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ مِنْهُمْ ۖ وَقُولُوٓا۟ ءَامَنَّا بِٱلَّذِىٓ أُنزِلَ إِلَيْنَا وَأُنزِلَ إِلَيْكُمْ وَإِلَٰهُنَا وَإِلَٰهُكُمْ وَٰحِدٌۭ وَنَحْنُ لَهُۥ مُسْلِمُونَ
۽ ڪتاب وارن مان جن بي انصافي ڪئي تن کانسواءِ ٻـين سان ڏاڍي چڱي طريقي کانسواءِ تڪرار نه ڪريو ۽ چئو ته جيڪي اسان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي ۽ جيڪي اوھان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي تنھن تي اسان ايمان آندو آھي ۽ اسان جو معبود ۽ اوھان جو معبُود ھڪ آھي ۽ اسين سندس فرمانبردار آھيون.
وَكَذَٰلِكَ أَنزَلْنَآ إِلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ ۚ فَٱلَّذِينَ ءَاتَيْنَٰهُمُ ٱلْكِتَٰبَ يُؤْمِنُونَ بِهِۦ ۖ وَمِنْ هَٰٓؤُلَآءِ مَن يُؤْمِنُ بِهِۦ ۚ وَمَا يَجْحَدُ بِـَٔايَٰتِنَآ إِلَّا ٱلْكَٰفِرُونَ
۽ (جھڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪياسون) اھڙي طرح اسان توڏانھن ڪتاب نازل ڪيو، پوءِ جن کي ڪتاب ڏنوسون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن، ۽ انھن (عربن) مان ڪو (اھڙو) آھي جو اُن تي ايمان آڻيندو آھي، ۽ ڪافرن کانسواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.
وَمَا كُنتَ تَتْلُوا۟ مِن قَبْلِهِۦ مِن كِتَٰبٍۢ وَلَا تَخُطُّهُۥ بِيَمِينِكَ ۖ إِذًۭا لَّٱرْتَابَ ٱلْمُبْطِلُونَ
۽ اُنھيءَ (قرآن جي لھڻ) کان اڳ ڪو ڪتاب نڪي تون پڙھندو ھئين ۽ نڪي اُھو پنھنجي سڄي ھٿ سان لکندو ھئين (جيڪڏھن لکين پڙھين ھا) ته اُنھيءَ مھل اُھي ڪوڙا ضرور شڪ ۾ پون ھا.
بَلْ هُوَ ءَايَٰتٌۢ بَيِّنَٰتٌۭ فِى صُدُورِ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ ۚ وَمَا يَجْحَدُ بِـَٔايَٰتِنَآ إِلَّا ٱلظَّٰلِمُونَ
بلڪ اُھو (قرآن) پڌريون آيتون (آھن) انھن جي سينن ۾ (محفوظ) آھي جن کي عِلم ڏنو ويو آھي، ۽ ظالمن کان سواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.
وَقَالُوا۟ لَوْلَآ أُنزِلَ عَلَيْهِ ءَايَٰتٌۭ مِّن رَّبِّهِۦ ۖ قُلْ إِنَّمَا ٱلْءَايَٰتُ عِندَ ٱللَّهِ وَإِنَّمَآ أَنَا۠ نَذِيرٌۭ مُّبِينٌ
۽ چون ٿا ته سندس پالڻھار کان مٿس مُعجزا ڇونه نازل ڪيا ويا آھن؟ (کين) چؤ مُعجزا (ته رڳو منھنجي) الله وٽ آھن، ۽ آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
أَوَلَمْ يَكْفِهِمْ أَنَّآ أَنزَلْنَا عَلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ يُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَرَحْمَةًۭ وَذِكْرَىٰ لِقَوْمٍۢ يُؤْمِنُونَ
اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو جو کين پڙھي ٻڌائبو آھي سو کين ڪافي نه آھي ڇا، بيشڪ ھن ۾ مؤمنن جي قوم لاءِ ٻاجھ ۽ نصيحت آھي.
قُلْ كَفَىٰ بِٱللَّهِ بَيْنِى وَبَيْنَكُمْ شَهِيدًۭا ۖ يَعْلَمُ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۗ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱلْبَٰطِلِ وَكَفَرُوا۟ بِٱللَّهِ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْخَٰسِرُونَ
(کين) چؤ ته الله منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ شاھد بس آھي، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جن ڪوڙ کي مڃيو ۽ الله جو انڪار ڪيو سي ئي ڇيئي وارا آھن.
وَيَسْتَعْجِلُونَكَ بِٱلْعَذَابِ ۚ وَلَوْلَآ أَجَلٌۭ مُّسَمًّۭى لَّجَآءَهُمُ ٱلْعَذَابُ وَلَيَأْتِيَنَّهُم بَغْتَةًۭ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
۽ توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جيڪڏھن (اُن جي) مُدّت مُقرر ٿيل نه ھجي ھا ته کين عذاب ضرور پھچي ھا، ۽ (اھو) مٿن پڪ اوچتو ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا.
يَسْتَعْجِلُونَكَ بِٱلْعَذَابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحِيطَةٌۢ بِٱلْكَٰفِرِينَ
توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن، بيشڪ دوزخ ڪافرن کي (اُنھيءَ ڏينھن) وڪوڙيندڙ آھي.
يَوْمَ يَغْشَىٰهُمُ ٱلْعَذَابُ مِن فَوْقِهِمْ وَمِن تَحْتِ أَرْجُلِهِمْ وَيَقُولُ ذُوقُوا۟ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
جنھن ڏينھن کين عذاب سندن مٿن کان ۽ سندن پيرن جي ھيٺ کان ويڙھيندو ۽ (الله) چوندو ته جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجو (مزو) چکو.
يَٰعِبَادِىَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِنَّ أَرْضِى وَٰسِعَةٌۭ فَإِيَّٰىَ فَٱعْبُدُونِ
اي منھنجا مؤمن ٻانھؤ بيشڪ منھنجي زمين ويڪري آھي تنھنڪري خاص منھنجي عبادت ڪريو.
كُلُّ نَفْسٍۢ ذَآئِقَةُ ٱلْمَوْتِ ۖ ثُمَّ إِلَيْنَا تُرْجَعُونَ
سڀڪو جيءُ موت جو مزو چکڻ وارو آھي، وري اسان ڏي موٽائبؤ.
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِّنَ ٱلْجَنَّةِ غُرَفًۭا تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَا ۚ نِعْمَ أَجْرُ ٱلْعَٰمِلِينَ
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ضرور بھشت جي ماڙين ۾ ٽِڪائينداسون جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجس سدائين رھڻ وارا آھن، (انھن چڱن) ڪمن ڪندڙن جي مزوري چڱي آھي.
ٱلَّذِينَ صَبَرُوا۟ وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
جن صبر ڪيو ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن.
وَكَأَيِّن مِّن دَآبَّةٍۢ لَّا تَحْمِلُ رِزْقَهَا ٱللَّهُ يَرْزُقُهَا وَإِيَّاكُمْ ۚ وَهُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
۽ ڪيترائي جانور پنھنجي روزي ساڻ نه کڻندا آھن، الله تعالىٰ انھن کي ۽ اوھان کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي.
وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَسَخَّرَ ٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ لَيَقُولُنَّ ٱللَّهُ ۖ فَأَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ
۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ته ڪنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ (ڪنھن) سج ۽ چنڊ کي نِوايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.
ٱللَّهُ يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ وَيَقْدِرُ لَهُۥٓ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌۭ
الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري ته تَنھنجي) گھٽ ڪندو آھي، ڇوته الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.
وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّن نَّزَّلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۭ فَأَحْيَا بِهِ ٱلْأَرْضَ مِنۢ بَعْدِ مَوْتِهَا لَيَقُولُنَّ ٱللَّهُ ۚ قُلِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ۚ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُونَ
۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته ڪنھن آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جيئرو ڪيو ته ضرور چوندا ته الله، (اي پيغمبر کين) چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ منجھائن گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
وَمَا هَٰذِهِ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَآ إِلَّا لَهْوٌۭ وَلَعِبٌۭ ۚ وَإِنَّ ٱلدَّارَ ٱلْءَاخِرَةَ لَهِىَ ٱلْحَيَوَانُ ۚ لَوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ
۽ ھيءَ دنيا جي حياتي ته تماشي ۽ راند کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي، ۽ بيشڪ آخرت جي حويلي ئي سدائين حياتيءَ واري آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا (ته آخرت کي دنيا کان وڌيڪ پسند ڪن ھا).
فَإِذَا رَكِبُوا۟ فِى ٱلْفُلْكِ دَعَوُا۟ ٱللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ فَلَمَّا نَجَّىٰهُمْ إِلَى ٱلْبَرِّ إِذَا هُمْ يُشْرِكُونَ
پوءِ (اُھي) جڏھن ٻيڙين ۾ چڙھندا آھن (تڏھن) رڳو الله کي سندس اعتقاد رکي سڏيندا آھن، پوءِ جڏھن کين ڀر ڏانھن پھچائيندو (بچائي) آھي (تڏھن) اُتي جو اُتي (ھن ڪري) شرڪ ڪندا آھن.
لِيَكْفُرُوا۟ بِمَآ ءَاتَيْنَٰهُمْ وَلِيَتَمَتَّعُوا۟ ۖ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
ته جيڪي کين ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، ۽ ته خوش گذارين، پوءِ سگھوئي (حال جي حقيقت) ڄاڻندا.
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّا جَعَلْنَا حَرَمًا ءَامِنًۭا وَيُتَخَطَّفُ ٱلنَّاسُ مِنْ حَوْلِهِمْ ۚ أَفَبِٱلْبَٰطِلِ يُؤْمِنُونَ وَبِنِعْمَةِ ٱللَّهِ يَكْفُرُونَ
نه ڏٺائون ڇا ته اسان (مڪي جي) حرم کي امن جي جاءِ ڪئي؟ حالانڪ سندس آس پاس کان ماڻھو اُمالڪ کڄي ويندا آھن، پوءِ ڇا ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن؟
وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا أَوْ كَذَّبَ بِٱلْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُۥٓ ۚ أَلَيْسَ فِى جَهَنَّمَ مَثْوًۭى لِّلْكَٰفِرِينَ
۽ اُن کان وڌيڪ ڪير ظالم آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا جڏھن وٽس حق آيو تڏھن اُن کي ڪوڙو ڄاڻي؟ ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟
وَٱلَّذِينَ جَٰهَدُوا۟ فِينَا لَنَهْدِيَنَّهُمْ سُبُلَنَا ۚ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَمَعَ ٱلْمُحْسِنِينَ
۽ جن اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي تن کي ضرور پنھنجون واٽون ڏيکارينداسون، ۽ بيشڪ الله ڀلارن سان گڏ آھي.

Surah 30: Ar-Rum — الروم

الٓمٓ
الٓمّٓ.
غُلِبَتِ ٱلرُّومُ
رُومين شڪست کاڌي.
فِىٓ أَدْنَى ٱلْأَرْضِ وَهُم مِّنۢ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُونَ
ويجھي مُلڪ ۾ ۽ اُھي ئي پنھنجي شڪست کائڻ کانپوءِ سگھوئي غالب ٿيندا.
فِى بِضْعِ سِنِينَ ۗ لِلَّهِ ٱلْأَمْرُ مِن قَبْلُ وَمِنۢ بَعْدُ ۚ وَيَوْمَئِذٍۢ يَفْرَحُ ٱلْمُؤْمِنُونَ
ٿورن ورھن ۾، الله جي ئي (ھٿ ۾) حڪومت اڳي توڙي پوءِ آھي، ۽ اُنھيءَ ڏينھن مُؤمن خوش ٿيندا.
بِنَصْرِ ٱللَّهِ ۚ يَنصُرُ مَن يَشَآءُ ۖ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ
الله جي مدد سان، (الله) جنھن کي گھري تنھن کي سوڀ ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي غالب مھربان آھي.
وَعْدَ ٱللَّهِ ۖ لَا يُخْلِفُ ٱللَّهُ وَعْدَهُۥ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
الله انجام ڪيو آھي، الله پنھنجو انجام نه ڦيرائيندو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
يَعْلَمُونَ ظَٰهِرًۭا مِّنَ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَهُمْ عَنِ ٱلْءَاخِرَةِ هُمْ غَٰفِلُونَ
ظاھر دنيا جي حياتيءَ جون (رٿون) ڄاڻندا آھن، ۽ اُھي آخرت کان بي خبر آھن.
أَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوا۟ فِىٓ أَنفُسِهِم ۗ مَّا خَلَقَ ٱللَّهُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَأَجَلٍۢ مُّسَمًّۭى ۗ وَإِنَّ كَثِيرًۭا مِّنَ ٱلنَّاسِ بِلِقَآئِ رَبِّهِمْ لَكَٰفِرُونَ
پنھنجين دلين ۾ نه پروڙيائون ڇا؟ ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنکي پوريءَ رِٿ ۽ مُقرّر مُدّت کانسواءِ نه بڻايو آھي، ۽ بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ کان مُنڪر آھن.
أَوَلَمْ يَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَيَنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ كَانُوٓا۟ أَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةًۭ وَأَثَارُوا۟ ٱلْأَرْضَ وَعَمَرُوهَآ أَكْثَرَ مِمَّا عَمَرُوهَا وَجَآءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ ۖ فَمَا كَانَ ٱللَّهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلَٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا جو نھارين ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي، جي کائن وڌيڪ سگھ وارا ھوا ۽ زمين کيڙيائون ۽ اُن کي آباد ڪيائون وڌيڪ تنھن کان جا ھنن آباد ڪئي ۽ سندن پيغمبر وٽن مُعجزن سان آيا، پوءِ الله جو شان اھڙو نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ٿي.
ثُمَّ كَانَ عَٰقِبَةَ ٱلَّذِينَ أَسَٰٓـُٔوا۟ ٱلسُّوٓأَىٰٓ أَن كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ وَكَانُوا۟ بِهَا يَسْتَهْزِءُونَ
وري جن بڇڙائي ڪئي تن جي پڇاڙي بڇڙي ٿي ھِن ڪري جو الله جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ مٿن ٺـٺوليون ڪندا ھوا.
ٱللَّهُ يَبْدَؤُا۟ ٱلْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُۥ ثُمَّ إِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
الله خلق کي نئين سر بڻائي ٿو وري ان کي ٻيھر بڻائيندو وري ڏانھس اوھين موٽائبؤ.
وَيَوْمَ تَقُومُ ٱلسَّاعَةُ يُبْلِسُ ٱلْمُجْرِمُونَ
۽ جنھن ڏينھن قيامت کڙي ٿيندي تنھن ڏينھن گنھگار نا اُميد ٿيندا.
وَلَمْ يَكُن لَّهُم مِّن شُرَكَآئِهِمْ شُفَعَٰٓؤُا۟ وَكَانُوا۟ بِشُرَكَآئِهِمْ كَٰفِرِينَ
۽ (الله سان مُقرّر ڪيلن) سندن شريڪن مان ڪوبه انھن لاءِ سفارش ڪرڻ وارو نه ٿيندو ۽ پنھنجن (ٺھرايل) شريڪن جا منڪر ٿيندا.
وَيَوْمَ تَقُومُ ٱلسَّاعَةُ يَوْمَئِذٍۢ يَتَفَرَّقُونَ
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي تنھن ڏينھن ماڻھو ڌاروڌار ٿيندا.
فَأَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ فَهُمْ فِى رَوْضَةٍۢ يُحْبَرُونَ
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي باغن ۾ خوش ڪبا.
وَأَمَّا ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا وَلِقَآئِ ٱلْءَاخِرَةِ فَأُو۟لَٰٓئِكَ فِى ٱلْعَذَابِ مُحْضَرُونَ
۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ قيامت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو سي عذاب ۾ حاضر ڪيل ھوندا.
فَسُبْحَٰنَ ٱللَّهِ حِينَ تُمْسُونَ وَحِينَ تُصْبِحُونَ
پوءِ جنھن مھل سانجھي ڪريو ۽ جنھن مھل صبح ڪريو تنھن مھل الله جي پاڪائي بيان ڪريو.
وَلَهُ ٱلْحَمْدُ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَعَشِيًّۭا وَحِينَ تُظْهِرُونَ
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اُن جي ساراھ آھي ۽ پوئين پھر ۽ جنھن مھل منجھند ڪريو (تنھن مھل به پاڪائي بيان ڪريو).
يُخْرِجُ ٱلْحَىَّ مِنَ ٱلْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ ٱلْمَيِّتَ مِنَ ٱلْحَىِّ وَيُحْىِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ وَكَذَٰلِكَ تُخْرَجُونَ
مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مئو ڪڍندو آھي ۽ زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، ۽ اھڙي طرح (اوھين قبرن مان) ڪڍبؤ.
وَمِنْ ءَايَٰتِهِۦٓ أَنْ خَلَقَكُم مِّن تُرَابٍۢ ثُمَّ إِذَآ أَنتُم بَشَرٌۭ تَنتَشِرُونَ
۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي جو اوھان کي مٽيءَ مان بڻايائين وري اُنھيءَ مھل اوھين ماڻھو ٿي گھمو ڦرو ٿا.
وَمِنْ ءَايَٰتِهِۦٓ أَنْ خَلَقَ لَكُم مِّنْ أَنفُسِكُمْ أَزْوَٰجًۭا لِّتَسْكُنُوٓا۟ إِلَيْهَا وَجَعَلَ بَيْنَكُم مَّوَدَّةًۭ وَرَحْمَةً ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّقَوْمٍۢ يَتَفَكَّرُونَ
۽ سندس نشانين مان ھيءُ (به) آھي جو اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انھن سان آرام وٺو ۽ اوھان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجھ پيدا ڪيائين، بيشڪ ھن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان رکندا آھن.
وَمِنْ ءَايَٰتِهِۦ خَلْقُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَٱخْتِلَٰفُ أَلْسِنَتِكُمْ وَأَلْوَٰنِكُمْ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّلْعَٰلِمِينَ
آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ اوھان جي زبانن ۽ شڪلن جو قِسمين قِسمين ھجڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آھن.
وَمِنْ ءَايَٰتِهِۦ مَنَامُكُم بِٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ وَٱبْتِغَآؤُكُم مِّن فَضْلِهِۦٓ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّقَوْمٍۢ يَسْمَعُونَ
۽ اوھان جو رات ۽ ڏينھن ۾ سمھڻ ۽ اوھان جو سندس فضل مان روزي طلب ڪرڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ھن ۾ اُن قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ٻڌندا آھن.
وَمِنْ ءَايَٰتِهِۦ يُرِيكُمُ ٱلْبَرْقَ خَوْفًۭا وَطَمَعًۭا وَيُنَزِّلُ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۭ فَيُحْىِۦ بِهِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَآ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّقَوْمٍۢ يَعْقِلُونَ
۽ سندس نشانين مان (ھيءُ به) آھي جو اوھان کي ڊيڄارڻ ۽ اُميد رکڻ لاءِ وِڄ ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان کان پاڻي وسائيندو آھي پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، بيشڪ ھِن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن.
وَمِنْ ءَايَٰتِهِۦٓ أَن تَقُومَ ٱلسَّمَآءُ وَٱلْأَرْضُ بِأَمْرِهِۦ ۚ ثُمَّ إِذَا دَعَاكُمْ دَعْوَةًۭ مِّنَ ٱلْأَرْضِ إِذَآ أَنتُمْ تَخْرُجُونَ
۽ سندس حُڪم سان آسمان ۽ زمين جو بيھڻ سندس نشانين مان آھي، وري جنھن مھل اوھان کي زمين مان ھڪ ئي ڀيرو سڏيندو (تنھن مھل) جھٽ پٽ اوھين نڪرندؤ.
وَلَهُۥ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ كُلٌّۭ لَّهُۥ قَٰنِتُونَ
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، سڀئي سندس فرمانبردار آھن.
وَهُوَ ٱلَّذِى يَبْدَؤُا۟ ٱلْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُۥ وَهُوَ أَهْوَنُ عَلَيْهِ ۚ وَلَهُ ٱلْمَثَلُ ٱلْأَعْلَىٰ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
۽ اُھوئي آھي جيڪو خلق کي نئين سِر بڻائيندو آھي وري اُن کي ورائي بڻائيندو ۽ اُھو کيس بلڪل سھنجو آھي، ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي صفت تمام مٿاھين آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.
ضَرَبَ لَكُم مَّثَلًۭا مِّنْ أَنفُسِكُمْ ۖ هَل لَّكُم مِّن مَّا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُكُم مِّن شُرَكَآءَ فِى مَا رَزَقْنَٰكُمْ فَأَنتُمْ فِيهِ سَوَآءٌۭ تَخَافُونَهُمْ كَخِيفَتِكُمْ أَنفُسَكُمْ ۚ كَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ ٱلْءَايَٰتِ لِقَوْمٍۢ يَعْقِلُونَ
(الله) اوھان لاءِ اوھان جي حال جو ھڪ مثال بيان ڪيو آھي، (ته) اوھان جا ھٿ جن (ٻانھن) جا مالڪ ٿيا آھن سي جيڪي (مال) اوھان کي ڏنوسين تنھن ۾ اوھان جا ڀائيوار آھن ڇا؟ جو اُھي ۽ اوھين اُن (مال) ۾ برابر (حصّي وارا) ھجو (۽ اوھين) انھن جي (دعوى) کان اھڙي طرح ڊڄندا آھيو جھڙي طرح اوھان کي پاڻ جھڙن (جي ڀائيواريءَ) کان ڀؤ آھي، اھڙي طرح انھيءَ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪندا آھيون جيڪي سمجھ رکندا آھن.
بَلِ ٱتَّبَعَ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوٓا۟ أَهْوَآءَهُم بِغَيْرِ عِلْمٍۢ ۖ فَمَن يَهْدِى مَنْ أَضَلَّ ٱللَّهُ ۖ وَمَا لَهُم مِّن نَّٰصِرِينَ
بلڪ ظالم اَڻ ڄاڻائي سان پنھنجن سَڌن جا تابعدار ٿيا آھن، پوءِ جنھن کي الله گمراھ ڪيو تنھن کي ڪير ھدايت ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڪو مددگار ڪونھي.
فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ حَنِيفًۭا ۚ فِطْرَتَ ٱللَّهِ ٱلَّتِى فَطَرَ ٱلنَّاسَ عَلَيْهَا ۚ لَا تَبْدِيلَ لِخَلْقِ ٱللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ ٱلدِّينُ ٱلْقَيِّمُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نه آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
۞ مُنِيبِينَ إِلَيْهِ وَٱتَّقُوهُ وَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَلَا تَكُونُوا۟ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
ڏانھس موٽندڙ ٿي (عبادت ڪريو) ۽ کانئس ڊڄو ۽ نماز پڙھندا رھو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو.
مِنَ ٱلَّذِينَ فَرَّقُوا۟ دِينَهُمْ وَكَانُوا۟ شِيَعًۭا ۖ كُلُّ حِزْبٍۭ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ
اُنھن مان (نه ٿيو) جن پنھنجي دين کي ڌارو ڌار ڪيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا، سڀڪا ٽولي اُنھيءَ تي خوش آھي جيڪي وٽس آھي.
وَإِذَا مَسَّ ٱلنَّاسَ ضُرٌّۭ دَعَوْا۟ رَبَّهُم مُّنِيبِينَ إِلَيْهِ ثُمَّ إِذَآ أَذَاقَهُم مِّنْهُ رَحْمَةً إِذَا فَرِيقٌۭ مِّنْهُم بِرَبِّهِمْ يُشْرِكُونَ
۽ جڏھن ماڻھن کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) پنھنجي پالڻھار ڏي مُھاڙ ڪري کيس سڏيندا آھن وري جڏھن اُھو پاڻ وٽان کين ٻاجھ چکائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل منجھائن ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان (ھن لاءِ) شريڪ بڻائيندي آھي.
لِيَكْفُرُوا۟ بِمَآ ءَاتَيْنَٰهُمْ ۚ فَتَمَتَّعُوا۟ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ
ته جيڪي کيس ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، پوءِ آسودا ٿيو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندؤ.
أَمْ أَنزَلْنَا عَلَيْهِمْ سُلْطَٰنًۭا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِمَا كَانُوا۟ بِهِۦ يُشْرِكُونَ
مٿن ڪا سَند لاٿي سون ڇا جو اُھا اُنھيءَ (شيء) جي (سچائي) بابت ڳالھائي ٿي جنھن شيءَ کي الله سان شريڪ ٺھرائيندا آھن.
وَإِذَآ أَذَقْنَا ٱلنَّاسَ رَحْمَةًۭ فَرِحُوا۟ بِهَا ۖ وَإِن تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌۢ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ إِذَا هُمْ يَقْنَطُونَ
۽ جڏھن ماڻھن کي ٻاجھ چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان سَرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن انھي سببان جو سندن ھٿن (مدايون) اڳي موڪليون، کين ڪو ڏک پھچندو آھي ته اُنھي ئي مھل نا اُميد ٿيندا آھن.
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّ ٱللَّهَ يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ وَيَقْدِرُ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّقَوْمٍۢ يُؤْمِنُونَ
نه ڏٺو اٿن ڇا؟ ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.
فَـَٔاتِ ذَا ٱلْقُرْبَىٰ حَقَّهُۥ وَٱلْمِسْكِينَ وَٱبْنَ ٱلسَّبِيلِ ۚ ذَٰلِكَ خَيْرٌۭ لِّلَّذِينَ يُرِيدُونَ وَجْهَ ٱللَّهِ ۖ وَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
تنھنڪري مائٽي واري ۽ مِسڪين ۽ مُسافر کي سندس حق ڏي، اھو انھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي الله جو راضپو گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.
وَمَآ ءَاتَيْتُم مِّن رِّبًۭا لِّيَرْبُوَا۟ فِىٓ أَمْوَٰلِ ٱلنَّاسِ فَلَا يَرْبُوا۟ عِندَ ٱللَّهِ ۖ وَمَآ ءَاتَيْتُم مِّن زَكَوٰةٍۢ تُرِيدُونَ وَجْهَ ٱللَّهِ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُضْعِفُونَ
۽ وياج مان جيڪي ڏنو ھجيوَ ته ماڻھن جي مال ۾ وَڌي سو الله وٽ نه وڌندو، ۽ الله جو راضپو گھرندڙ ٿي زڪوٰة مان جيڪي ڏنو ھجيوَ پوءِ اُھي ئي ٻيڻو ڪندڙ آھن.
ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَكُمْ ثُمَّ رَزَقَكُمْ ثُمَّ يُمِيتُكُمْ ثُمَّ يُحْيِيكُمْ ۖ هَلْ مِن شُرَكَآئِكُم مَّن يَفْعَلُ مِن ذَٰلِكُم مِّن شَىْءٍۢ ۚ سُبْحَٰنَهُۥ وَتَعَٰلَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
الله اُھو آھي جنھن اوھان کي بڻايو وري اوھان کي روزي ڏنائين وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، اوھان جي (ٺھرايل) شريڪن مان ڪو اھڙو آھي ڇا جو اھڙن ڪَمن مان ڪجھ ڪري (سگھي)؟ الله پاڪ آھي ۽ اُن کان مٿاھون آھي جنھن کي (ساڻس) شريڪ ٺھرائيندا آھن.
ظَهَرَ ٱلْفَسَادُ فِى ٱلْبَرِّ وَٱلْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ أَيْدِى ٱلنَّاسِ لِيُذِيقَهُم بَعْضَ ٱلَّذِى عَمِلُوا۟ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
ماڻھن جي ھٿن جي ڪئي سببان بَر ۽ بَحر ۾ فساد ھن لاءِ پڌرو ٿيو آھي ته جيڪي (مَدا ڪم) ڪيائون تنھن جي ڪُجھ (سزا) کين چکائي ته مانَ اُھي موٽن.
قُلْ سِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَٱنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلُ ۚ كَانَ أَكْثَرُهُم مُّشْرِكِينَ
چؤ ته مُلڪ ۾ گھُمو پوءِ ڏسو ته جيڪي اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪئن ٿي، منجھائن گھڻا مشرڪ ھوا.
فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ ٱلْقَيِّمِ مِن قَبْلِ أَن يَأْتِىَ يَوْمٌۭ لَّا مَرَدَّ لَهُۥ مِنَ ٱللَّهِ ۖ يَوْمَئِذٍۢ يَصَّدَّعُونَ
پوءِ پنھنجي منھن کي اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ بيھار جو الله وٽان اُن (ڏينھن) کي رد ٿيڻو نه آھي اُن ڏينھن (ماڻھو) الڳ الڳ ٿيندا.
مَن كَفَرَ فَعَلَيْهِ كُفْرُهُۥ ۖ وَمَنْ عَمِلَ صَٰلِحًۭا فَلِأَنفُسِهِمْ يَمْهَدُونَ
جيڪو ڪافر ٿيو تنھن تي سندس ڪفر آھي، ۽ جن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ھنڌ وڇائين ٿا.
لِيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ مِن فَضْلِهِۦٓ ۚ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْكَٰفِرِينَ
ته جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله فضل سان بدلو ڏئي، بيشڪ اُھو ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي.
وَمِنْ ءَايَٰتِهِۦٓ أَن يُرْسِلَ ٱلرِّيَاحَ مُبَشِّرَٰتٍۢ وَلِيُذِيقَكُم مِّن رَّحْمَتِهِۦ وَلِتَجْرِىَ ٱلْفُلْكُ بِأَمْرِهِۦ وَلِتَبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِهِۦ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
۽ سندس نشانين مان ھي آھي ته خوشخبري ڏيندڙ ھيرون گھُلائيندو آھي ۽ ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان ڪجھ چکائي ۽ ته سندس حُڪم سان ٻيڙيون تَرن ۽ ته سندس فضل مان روزي طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ رُسُلًا إِلَىٰ قَوْمِهِمْ فَجَآءُوهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ فَٱنتَقَمْنَا مِنَ ٱلَّذِينَ أَجْرَمُوا۟ ۖ وَكَانَ حَقًّا عَلَيْنَا نَصْرُ ٱلْمُؤْمِنِينَ
۽ بيشڪ توکان اڳ گھڻن پيغمبرن کي سندن قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ وٽن مُعجزن سان آيا پوءِ جن نافرماني ڪئي تن کان بدلو ورتوسون، ۽ مؤمنن کي مدد ڪرڻ اسان تي حق آھي.
ٱللَّهُ ٱلَّذِى يُرْسِلُ ٱلرِّيَٰحَ فَتُثِيرُ سَحَابًۭا فَيَبْسُطُهُۥ فِى ٱلسَّمَآءِ كَيْفَ يَشَآءُ وَيَجْعَلُهُۥ كِسَفًۭا فَتَرَى ٱلْوَدْقَ يَخْرُجُ مِنْ خِلَٰلِهِۦ ۖ فَإِذَآ أَصَابَ بِهِۦ مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦٓ إِذَا هُمْ يَسْتَبْشِرُونَ
الله اُھو آھي جيڪو وائن کي موڪليندو آھي پوءِ (اُھي) ڪڪر کي کڻنديون آھن پوءِ جئن الله گھرندو آھي تئن آسمان ۾ اُن (ڪڪر) کي کنڊرائيندو آھي پوءِ اُن کي تَه تَه ڪندو آھي پوءِ (تون) ڦُڙين کي ڏسندو آھين جو اُن (ڪڪر) جي وچ مان نڪرنديون آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي وڻندو اٿس تنھن تي اُھو (مينھن) پھچائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل اُھي خوش ٿيندا آھن.
وَإِن كَانُوا۟ مِن قَبْلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيْهِم مِّن قَبْلِهِۦ لَمُبْلِسِينَ
۽ جيتوڻيڪ ان (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳ اڳيئي نااُميد ٿيندا ھوا.
فَٱنظُرْ إِلَىٰٓ ءَاثَٰرِ رَحْمَتِ ٱللَّهِ كَيْفَ يُحْىِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَآ ۚ إِنَّ ذَٰلِكَ لَمُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرٌۭ
پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار ته ڪھڙي طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
وَلَئِنْ أَرْسَلْنَا رِيحًۭا فَرَأَوْهُ مُصْفَرًّۭا لَّظَلُّوا۟ مِنۢ بَعْدِهِۦ يَكْفُرُونَ
۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن ته اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن.
فَإِنَّكَ لَا تُسْمِعُ ٱلْمَوْتَىٰ وَلَا تُسْمِعُ ٱلصُّمَّ ٱلدُّعَآءَ إِذَا وَلَّوْا۟ مُدْبِرِينَ
پوءِ (اي پيغمبر) تون سڏُ نڪي مئن کي ٻڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻَوڙن کي ٻڌائي سگھندين جڏھن ته اُھي پٺي ڏئي مُنھن ڦيرائين.
وَمَآ أَنتَ بِهَٰدِ ٱلْعُمْىِ عَن ضَلَٰلَتِهِمْ ۖ إِن تُسْمِعُ إِلَّا مَن يُؤْمِنُ بِـَٔايَٰتِنَا فَهُم مُّسْلِمُونَ
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (روڪي) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، تون ته رڳو اُنھيءَ کي ٻڌائي سگھندين جنھن اسان جي آيتن تي ايمان آندو پوءِ اُھي فرمانبردار به آھن.
۞ ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَكُم مِّن ضَعْفٍۢ ثُمَّ جَعَلَ مِنۢ بَعْدِ ضَعْفٍۢ قُوَّةًۭ ثُمَّ جَعَلَ مِنۢ بَعْدِ قُوَّةٍۢ ضَعْفًۭا وَشَيْبَةًۭ ۚ يَخْلُقُ مَا يَشَآءُ ۖ وَهُوَ ٱلْعَلِيمُ ٱلْقَدِيرُ
الله اُھو آھي جنھن اوھان کي (پھرين) ھيڻائي (واري شيء) مان خلقيو آھي وري ھيڻائيءَ کان پوءِ (اوھان ۾) سگھ پيدا ڪيائين وري سگھ کان پوءِ (اوھان کي) ھيڻائي ۽ ٻڍاپو ڏنائين، جئن گھرندو آھي تئن بڻائيندو آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
وَيَوْمَ تَقُومُ ٱلسَّاعَةُ يُقْسِمُ ٱلْمُجْرِمُونَ مَا لَبِثُوا۟ غَيْرَ سَاعَةٍۢ ۚ كَذَٰلِكَ كَانُوا۟ يُؤْفَكُونَ
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي (تنھن ڏينھن) قسم کڻندا ته (دنيا ۾) ھڪ گھڙي کانسواءِ (وڌيڪ) نه رھيا ھواسون، اھڙي طرح (رستي کان) ڦيرايا ويندا ھوا.
وَقَالَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ وَٱلْإِيمَٰنَ لَقَدْ لَبِثْتُمْ فِى كِتَٰبِ ٱللَّهِ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْبَعْثِ ۖ فَهَٰذَا يَوْمُ ٱلْبَعْثِ وَلَٰكِنَّكُمْ كُنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
۽ جن کي عِلم ۽ ايمان ڏنو ويو آھي سي کين چوندا ته الله جي ڪتاب ۾ لکي موافق جيئري ٿي اُٿڻ جي ڏينھن توڻي (دنيا ۾) رھيا آھيو، پوءِ ھي جيئري ٿي اُٿڻ جو ڏينھن آھي پر اوھين نه ڄاڻندا ھيؤ.
فَيَوْمَئِذٍۢ لَّا يَنفَعُ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ مَعْذِرَتُهُمْ وَلَا هُمْ يُسْتَعْتَبُونَ
پوءِ اُن ڏينھن ظالمن کي سندن عذر ڪرڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي انھن کان توبه طلب ڪبي.
وَلَقَدْ ضَرَبْنَا لِلنَّاسِ فِى هَٰذَا ٱلْقُرْءَانِ مِن كُلِّ مَثَلٍۢ ۚ وَلَئِن جِئْتَهُم بِـَٔايَةٍۢ لَّيَقُولَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا مُبْطِلُونَ
۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ سڀڪنھن جنس جا مثال بيان ڪياسون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪا نشاني (تون) آڻين ته ڪافر ضرور چوندا ته اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو.
كَذَٰلِكَ يَطْبَعُ ٱللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِ ٱلَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ
اھڙيءَ طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي دلين تي الله مُھر ھڻندو آھي.
فَٱصْبِرْ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّۭ ۖ وَلَا يَسْتَخِفَّنَّكَ ٱلَّذِينَ لَا يُوقِنُونَ
پوءِ (اي پيغمبر) صبر ڪر ڇوته الله جو واعدو سچ آھي ۽ جيڪي يقين نه رکندا آھن سي توکي ھلڪو نه ڪن.

Surah 31: Luqman — لقمان

الٓمٓ
الٓمّٓ.
تِلْكَ ءَايَٰتُ ٱلْكِتَٰبِ ٱلْحَكِيمِ
ھي آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن.
هُدًۭى وَرَحْمَةًۭ لِّلْمُحْسِنِينَ
(جو) ھدايت ۽ ٻاجھ انھن ڀلارن لاءِ آھي.
ٱلَّذِينَ يُقِيمُونَ ٱلصَّلَوٰةَ وَيُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَهُم بِٱلْءَاخِرَةِ هُمْ يُوقِنُونَ
جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت جو ويساھ (به) رکندا آھن.
أُو۟لَٰٓئِكَ عَلَىٰ هُدًۭى مِّن رَّبِّهِمْ ۖ وَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
اُھي پنھنجي پالڻھار جي سڌي رستي تي آھن ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.
وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يَشْتَرِى لَهْوَ ٱلْحَدِيثِ لِيُضِلَّ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ بِغَيْرِ عِلْمٍۢ وَيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۚ أُو۟لَٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌۭ مُّهِينٌۭ
۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو بيھوديءَ ڳالھ کي ڳنھندو آھي ته (ماڻھن کي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي واٽ کان ڀلائي، ۽ اُن (واٽ) کي ٺـٺولي ڪري وٺي، اُنھن لاءِ ئي خواريءَ وارو عذاب آھي.
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ءَايَٰتُنَا وَلَّىٰ مُسْتَكْبِرًۭا كَأَن لَّمْ يَسْمَعْهَا كَأَنَّ فِىٓ أُذُنَيْهِ وَقْرًۭا ۖ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
۽ جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ھٺيلو ٿي منھن ڦيرائيندو آھي ڄڻڪ اُنھن کي ٻڌوئي نه ھوائين ڄڻڪ سندس ٻنھي ڪنن ۾ گھٻرائي آھي، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُمْ جَنَّٰتُ ٱلنَّعِيمِ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت وارا باغ آھن.
خَٰلِدِينَ فِيهَا ۖ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقًّۭا ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، (اِھو) الله جو پڪو انجام ڏنل آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.
خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍۢ تَرَوْنَهَا ۖ وَأَلْقَىٰ فِى ٱلْأَرْضِ رَوَٰسِىَ أَن تَمِيدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيهَا مِن كُلِّ دَآبَّةٍۢ ۚ وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۭ فَأَنۢبَتْنَا فِيهَا مِن كُلِّ زَوْجٍۢ كَرِيمٍ
آسمانن کي ريءَ ٿنڀن جي بڻايائين جو کين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوھان کي ڌوڏي ۽ منجھس ھر جنس جا جانور پکيڙيائين، ۽ آسمان کان پاڻي وسايو سون پوءِ منجھس سٺا ھر جنس جا اوڀڙ ڄماياسون.
هَٰذَا خَلْقُ ٱللَّهِ فَأَرُونِى مَاذَا خَلَقَ ٱلَّذِينَ مِن دُونِهِۦ ۚ بَلِ ٱلظَّٰلِمُونَ فِى ضَلَٰلٍۢ مُّبِينٍۢ
اِھا الله جي بڻاوت آھي پوءِ مونکي ڏيکاريو ته جيڪي اُن (الله) کانسواءِ (ٻيا) آھن تن ڇا بڻايو آھي، بلڪ ظالم پڌريءَ ڀُل ۾ آھن.
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا لُقْمَٰنَ ٱلْحِكْمَةَ أَنِ ٱشْكُرْ لِلَّهِ ۚ وَمَن يَشْكُرْ فَإِنَّمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهِۦ ۖ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَنِىٌّ حَمِيدٌۭ
۽ بيشڪ لُقمان کي حِڪمت ڏني سون (چيوسون) ته الله جو شُڪر ڪر، ۽ جيڪو شُڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي جيءَ (جي نفع) لاءِ شُڪر ڪندو، ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته بيشڪ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.
وَإِذْ قَالَ لُقْمَٰنُ لِٱبْنِهِۦ وَهُوَ يَعِظُهُۥ يَٰبُنَىَّ لَا تُشْرِكْ بِٱللَّهِ ۖ إِنَّ ٱلشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيمٌۭ
۽ (ياد ڪر) جڏھن لُقمان پنھنجي پُٽ کي چيو ۽ اُنھيءَ کيس سمجھايو ٿي ته اي مُنھنجا پُٽڙا الله سان (ڪنھن کي) شريڪ نه ڪر، ڇوته شرڪ وڏي بي انصافي آھي.
وَوَصَّيْنَا ٱلْإِنسَٰنَ بِوَٰلِدَيْهِ حَمَلَتْهُ أُمُّهُۥ وَهْنًا عَلَىٰ وَهْنٍۢ وَفِصَٰلُهُۥ فِى عَامَيْنِ أَنِ ٱشْكُرْ لِى وَلِوَٰلِدَيْكَ إِلَىَّ ٱلْمَصِيرُ
۽ ماڻھوءَ کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيوسون، جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سھي کيس (پنھنجي پيٽ ۾) کنيو ۽ ٻن ورھن ۾ سندس (بُبن جو) ڇڏائڻ آھي (حُڪم جو مطلب ھيءُ آھي) ته منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪرانو ڪر (جو آخر) مون ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي.
وَإِن جَٰهَدَاكَ عَلَىٰٓ أَن تُشْرِكَ بِى مَا لَيْسَ لَكَ بِهِۦ عِلْمٌۭ فَلَا تُطِعْهُمَا ۖ وَصَاحِبْهُمَا فِى ٱلدُّنْيَا مَعْرُوفًۭا ۖ وَٱتَّبِعْ سَبِيلَ مَنْ أَنَابَ إِلَىَّ ۚ ثُمَّ إِلَىَّ مَرْجِعُكُمْ فَأُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
۽ جيڪڏھن (اُھي) مون سان (ڪنھين کي) شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.
يَٰبُنَىَّ إِنَّهَآ إِن تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍۢ مِّنْ خَرْدَلٍۢ فَتَكُن فِى صَخْرَةٍ أَوْ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ أَوْ فِى ٱلْأَرْضِ يَأْتِ بِهَا ٱللَّهُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ لَطِيفٌ خَبِيرٌۭ
(لُقمان ھيءَ به چيو ته) اي منھنجا پُٽڙا ڪابه (شيء) جيڪڏھن آھر جي داڻي جتري آھي پوءِ اُھا پھڻ ۾ ھجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (ھجي) ته الله اُن کي آڻي حاضر ڪندو، ڇوته الله باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.
يَٰبُنَىَّ أَقِمِ ٱلصَّلَوٰةَ وَأْمُرْ بِٱلْمَعْرُوفِ وَٱنْهَ عَنِ ٱلْمُنكَرِ وَٱصْبِرْ عَلَىٰ مَآ أَصَابَكَ ۖ إِنَّ ذَٰلِكَ مِنْ عَزْمِ ٱلْأُمُورِ
اي منھنجا پٽڙا نماز پڙھ ۽ چڱي ڪم جو حُڪم ڪر ۽ مدي (ڪم) کان منع ڪر ۽ توکي جيڪا اوکائي پھچي تنھن تي صبر ڪر، بيشڪ اھي (ڪم) ھمت وارن ڪمن مان آھن.
وَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَمْشِ فِى ٱلْأَرْضِ مَرَحًا ۖ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ كُلَّ مُخْتَالٍۢ فَخُورٍۢ
۽ ماڻھن لاءِ پنھنجو ڳل (يعني منھن) چٻو نه ڪر ۽ زمين ۾ لاڏ سان نه گھُم، بيشڪ الله ھٺيلي وڏائي ڪندڙ کي دوست نه رکندو آھي.
وَٱقْصِدْ فِى مَشْيِكَ وَٱغْضُضْ مِن صَوْتِكَ ۚ إِنَّ أَنكَرَ ٱلْأَصْوَٰتِ لَصَوْتُ ٱلْحَمِيرِ
۽ پنھنجي گھمڻ ۾ وچولي چال ھل ۽ پنھنجو آواز ڍرو ڪر، ڇوته آوازن مان بڇڙو (آواز) گڏھ جي ھينگ آھي.
أَلَمْ تَرَوْا۟ أَنَّ ٱللَّهَ سَخَّرَ لَكُم مَّا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَأَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهُۥ ظَٰهِرَةًۭ وَبَاطِنَةًۭ ۗ وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يُجَٰدِلُ فِى ٱللَّهِ بِغَيْرِ عِلْمٍۢ وَلَا هُدًۭى وَلَا كِتَٰبٍۢ مُّنِيرٍۢ
نه ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان کي تابع ڪري ڏنو آھي ۽ پنھنجون پڌريون ۽ ڳجھون نعمتون اوھان تي ڀرپور ڪيائين، ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جو اَڻ ڄاڻائي سان ۽ بنا ھدايت ۽ روشن ڪتاب ڌاران الله بابت جھڳڙو ڪندا آھن.
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱتَّبِعُوا۟ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ قَالُوا۟ بَلْ نَتَّبِعُ مَا وَجَدْنَا عَلَيْهِ ءَابَآءَنَآ ۚ أَوَلَوْ كَانَ ٱلشَّيْطَٰنُ يَدْعُوهُمْ إِلَىٰ عَذَابِ ٱلسَّعِيرِ
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا)؟
۞ وَمَن يُسْلِمْ وَجْهَهُۥٓ إِلَى ٱللَّهِ وَهُوَ مُحْسِنٌۭ فَقَدِ ٱسْتَمْسَكَ بِٱلْعُرْوَةِ ٱلْوُثْقَىٰ ۗ وَإِلَى ٱللَّهِ عَٰقِبَةُ ٱلْأُمُورِ
۽ جنھن پنھنجي مھاڙ الله ڏانھن ڪئي ۽ اُھو چڱن ڪمن ڪرڻ وارو به آھي تنھن بيشڪ مُحڪم رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏانھن آھي.
وَمَن كَفَرَ فَلَا يَحْزُنكَ كُفْرُهُۥٓ ۚ إِلَيْنَا مَرْجِعُهُمْ فَنُنَبِّئُهُم بِمَا عَمِلُوٓا۟ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ
۽ جيڪو ڪفر ڪري تنھن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري، کين اسان ڏانھن ورڻو آھي پوءِ جيڪي ڪيائون تنھن جي کين سُڌ ڏينداسون، ڇوته الله سينن وارو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي.
نُمَتِّعُهُمْ قَلِيلًۭا ثُمَّ نَضْطَرُّهُمْ إِلَىٰ عَذَابٍ غَلِيظٍۢ
(دنيا ۾) کين ٿورو (وقت) آسودو ڪريون ٿا وري کين سخت عذاب ڏانھن ڇڪي نينداسون.
وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ لَيَقُولُنَّ ٱللَّهُ ۚ قُلِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ۚ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
۽ جيڪڏھن کائن پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي ته ضرور چوندا ته الله، چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْغَنِىُّ ٱلْحَمِيدُ
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو ئي آھي، بيشڪ الله اُھوئي بي پرواھ (ڏاڍو) ساراھيل آھي.
وَلَوْ أَنَّمَا فِى ٱلْأَرْضِ مِن شَجَرَةٍ أَقْلَٰمٌۭ وَٱلْبَحْرُ يَمُدُّهُۥ مِنۢ بَعْدِهِۦ سَبْعَةُ أَبْحُرٍۢ مَّا نَفِدَتْ كَلِمَٰتُ ٱللَّهِ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ حَكِيمٌۭ
۽ جيڪي وڻ زمين ۾ آھن سي جيڪڏھن قلم ٿين ۽ سمنڊ (جو پاڻي) اُن جي مَسُ ٿئي اُن کانپوءِ ست سمنڊ (ٻيا به) ھجن ته الله (جي قدرت) جون ڳالھيون نه کُٽنديون، بيشڪ الله غالب حِڪمت وارو آھي.
مَّا خَلْقُكُمْ وَلَا بَعْثُكُمْ إِلَّا كَنَفْسٍۢ وَٰحِدَةٍ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌۢ بَصِيرٌ
اوھان (سڀني) جو خلقڻ ۽ اوھان جو وري جيارڻ رڳو ھڪڙيءَ ماڻھوءَ (جي خلقڻ ۽ وري جيارڻ) جھڙو آھي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ يُولِجُ ٱلَّيْلَ فِى ٱلنَّهَارِ وَيُولِجُ ٱلنَّهَارَ فِى ٱلَّيْلِ وَسَخَّرَ ٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ كُلٌّۭ يَجْرِىٓ إِلَىٰٓ أَجَلٍۢ مُّسَمًّۭى وَأَنَّ ٱللَّهَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌۭ
نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي نِوايائين، سڀڪو مقرر مُدت توڻي ھلندو آھي ۽ (نه ڏٺو اٿيئي ڇا) ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْحَقُّ وَأَنَّ مَا يَدْعُونَ مِن دُونِهِ ٱلْبَٰطِلُ وَأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْعَلِىُّ ٱلْكَبِيرُ
اِھي (ڪم) ھن ڪري آھن ته الله ئي برحق آھي ۽ ته اُن کانسواءِ جنھن به ٻي کي سڏيندا آھن سو ڪوڙ آھي ۽ ته الله ئي تمام مٿاھون وڏو آھي.
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱلْفُلْكَ تَجْرِى فِى ٱلْبَحْرِ بِنِعْمَتِ ٱللَّهِ لِيُرِيَكُم مِّنْ ءَايَٰتِهِۦٓ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّكُلِّ صَبَّارٍۢ شَكُورٍۢ
نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته ٻيڙيون الله جي فضل سان سمنڊ ۾ ترنديون آھن (ھن لاءِ) ته (الله) اوھان کي پنھنجين نشانين مان ڏيکاري، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.
وَإِذَا غَشِيَهُم مَّوْجٌۭ كَٱلظُّلَلِ دَعَوُا۟ ٱللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ فَلَمَّا نَجَّىٰهُمْ إِلَى ٱلْبَرِّ فَمِنْهُم مُّقْتَصِدٌۭ ۚ وَمَا يَجْحَدُ بِـَٔايَٰتِنَآ إِلَّا كُلُّ خَتَّارٍۢ كَفُورٍۢ
۽ جڏھن کين (درياءَ جي) لھر پاڇي وارن پھاڙن وانگر ويڙھيندي آھي (تڏھن) خاص الله کي نِلو ڏانھس مھاڙ ڪري سڏيندا آھن، پوءِ جنھن مھل کين ڀر ڏانھن بچارائي پھچائيندو آھي (تنھن مھل) منجھائن ڪي وچٿرا ھوندا آھن، سڀڪنھن انجام ڀڃندڙ بي شڪر کانسواءِ ٻيو ڪوبه اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ ٱتَّقُوا۟ رَبَّكُمْ وَٱخْشَوْا۟ يَوْمًۭا لَّا يَجْزِى وَالِدٌ عَن وَلَدِهِۦ وَلَا مَوْلُودٌ هُوَ جَازٍ عَن وَالِدِهِۦ شَيْـًٔا ۚ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّۭ ۖ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا وَلَا يَغُرَّنَّكُم بِٱللَّهِ ٱلْغَرُورُ
اي ماڻھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو ۽ اُن ڏينھن کان (به) جنھن ۾ ڪو پيءُ پنھنجي پُٽ جي ڪم نه ايندو، ۽ نه پُٽ پنھنجي پيءُ جي ڪجھ ڪم ايندڙ ھوندو، بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي اوھان کي الله بابت ٺڳيندڙ (شيطان) ٺڳي.
إِنَّ ٱللَّهَ عِندَهُۥ عِلْمُ ٱلسَّاعَةِ وَيُنَزِّلُ ٱلْغَيْثَ وَيَعْلَمُ مَا فِى ٱلْأَرْحَامِ ۖ وَمَا تَدْرِى نَفْسٌۭ مَّاذَا تَكْسِبُ غَدًۭا ۖ وَمَا تَدْرِى نَفْسٌۢ بِأَىِّ أَرْضٍۢ تَمُوتُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌۢ
بيشڪ قيامت جي خبر الله ئي وٽ آھي، ۽ اُھوئي مينھن وسائيندو آھي، ۽ جيڪي ڳڀيراڻين ۾ آھي سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) سڀاڻي ڇا ڪندو، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) ڪھڙي زمين تي مرندو، تحقيق الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.

Surah 32: As-Sajdah — السجدة

الٓمٓ
الٓمّٓ.
تَنزِيلُ ٱلْكِتَٰبِ لَا رَيْبَ فِيهِ مِن رَّبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
(ھن) ڪتاب جو لاھڻ جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي جھانن جي پالڻھار وٽان آھي.
أَمْ يَقُولُونَ ٱفْتَرَىٰهُ ۚ بَلْ هُوَ ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّكَ لِتُنذِرَ قَوْمًۭا مَّآ أَتَىٰهُم مِّن نَّذِيرٍۢ مِّن قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُونَ
چوندا آھن ڇا ته اُن (قرآن) کي پاڻون ٺاھيو اٿس، (نه!) بلڪ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچو (آيل) آھي (ھِن لاءِ) ته اُنھيءَ قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آھي ته مانَ اُھي ھدايت لھن.
ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِى سِتَّةِ أَيَّامٍۢ ثُمَّ ٱسْتَوَىٰ عَلَى ٱلْعَرْشِ ۖ مَا لَكُم مِّن دُونِهِۦ مِن وَلِىٍّۢ وَلَا شَفِيعٍ ۚ أَفَلَا تَتَذَكَّرُونَ
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سوڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏانھن متوجه ٿيو، اُن کانسواءِ اوھان لاءِ نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو پارت ڪندڙ آھي، پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو ڇا؟
يُدَبِّرُ ٱلْأَمْرَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ إِلَى ٱلْأَرْضِ ثُمَّ يَعْرُجُ إِلَيْهِ فِى يَوْمٍۢ كَانَ مِقْدَارُهُۥٓ أَلْفَ سَنَةٍۢ مِّمَّا تَعُدُّونَ
آسمان کان زمين ڏانھن ڪم جو بندوبست ڪندو آھي، وري (اُھو بندوبست) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿاھون ويندو آھي جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھ جيترو انھيءَ ليکي مان آھي جو ڳڻيندا آھيو.
ذَٰلِكَ عَٰلِمُ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَٰدَةِ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ
اِھو آھي جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي.
ٱلَّذِىٓ أَحْسَنَ كُلَّ شَىْءٍ خَلَقَهُۥ ۖ وَبَدَأَ خَلْقَ ٱلْإِنسَٰنِ مِن طِينٍۢ
جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين.
ثُمَّ جَعَلَ نَسْلَهُۥ مِن سُلَٰلَةٍۢ مِّن مَّآءٍۢ مَّهِينٍۢ
وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين.
ثُمَّ سَوَّىٰهُ وَنَفَخَ فِيهِ مِن رُّوحِهِۦ ۖ وَجَعَلَ لَكُمُ ٱلسَّمْعَ وَٱلْأَبْصَٰرَ وَٱلْأَفْـِٔدَةَ ۚ قَلِيلًۭا مَّا تَشْكُرُونَ
وري کيس سئين لڱين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو.
وَقَالُوٓا۟ أَءِذَا ضَلَلْنَا فِى ٱلْأَرْضِ أَءِنَّا لَفِى خَلْقٍۢ جَدِيدٍۭ ۚ بَلْ هُم بِلِقَآءِ رَبِّهِمْ كَٰفِرُونَ
۽ چون ٿا ته جڏھن زمين ۾ رلي ملي وياسون (تڏھن به) اسين وري نئين سر بڻباسين ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان منڪر آھن.
۞ قُلْ يَتَوَفَّىٰكُم مَّلَكُ ٱلْمَوْتِ ٱلَّذِى وُكِّلَ بِكُمْ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُمْ تُرْجَعُونَ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪو موت جو فرشتو اوھان تي مقرّر ڪيل آھي سو اوھان جو روح ڪڍندو وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽائبؤ.
وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذِ ٱلْمُجْرِمُونَ نَاكِسُوا۟ رُءُوسِهِمْ عِندَ رَبِّهِمْ رَبَّنَآ أَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَٱرْجِعْنَا نَعْمَلْ صَٰلِحًا إِنَّا مُوقِنُونَ
۽ (اُنھي مھل) جيڪڏھن ڏسين جنھن مھل گنھگار پنھنجي پالڻھار جي سامھون پنھنجا ڪنڌ اونڌا ڪندڙ ھوندا (ته عجب ڪرين)، (۽ چوندا ته) اي اسانجا پالڻھار ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون ھاڻي اسان کي (دُنيا ۾) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آھيون.
وَلَوْ شِئْنَا لَءَاتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدَىٰهَا وَلَٰكِنْ حَقَّ ٱلْقَوْلُ مِنِّى لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ ٱلْجِنَّةِ وَٱلنَّاسِ أَجْمَعِينَ
۽ جيڪڏھن گھُرون ھا ته سڀڪنھن شخص کي ھدايت ڪريون ھا پر مون وٽان (ھي) حُڪم ٺھرائجي چڪو آھي ته جِنّن ۽ ماڻھن (انھن ئي) مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.
فَذُوقُوا۟ بِمَا نَسِيتُمْ لِقَآءَ يَوْمِكُمْ هَٰذَآ إِنَّا نَسِينَٰكُمْ ۖ وَذُوقُوا۟ عَذَابَ ٱلْخُلْدِ بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
پوءِ ھن ڏينھن جي ملڻ کي جو وساريو ھيؤ تنھن سببان عذاب چکو، بيشڪ اسان (به) اوھان کي وساريو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان ھميشگيءَ جو عذاب چکو.
إِنَّمَا يُؤْمِنُ بِـَٔايَٰتِنَا ٱلَّذِينَ إِذَا ذُكِّرُوا۟ بِهَا خَرُّوا۟ سُجَّدًۭا وَسَبَّحُوا۟ بِحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُونَ ۩
اسان جي آيتن تي رڳو اُھي ايمان آڻيندا جن کي اُنھن (آيتن) سان جڏھن نصيحت ڏبي آھي تڏھن سجدو ڪندڙ ٿي ڪِرندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ پاڪائي سان بيان ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.
تَتَجَافَىٰ جُنُوبُهُمْ عَنِ ٱلْمَضَاجِعِ يَدْعُونَ رَبَّهُمْ خَوْفًۭا وَطَمَعًۭا وَمِمَّا رَزَقْنَٰهُمْ يُنفِقُونَ
سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.
فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌۭ مَّآ أُخْفِىَ لَهُم مِّن قُرَّةِ أَعْيُنٍۢ جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انھن لاءِ لڪايو ويو آھي سو ڪو جيء نه ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سببان آھي.
أَفَمَن كَانَ مُؤْمِنًۭا كَمَن كَانَ فَاسِقًۭا ۚ لَّا يَسْتَوُۥنَ
جيڪو مؤمن آھي سو بدڪار جي برابر آھي ڇا؟ (اُھي ٻئي ڪڏھن) برابر نه ٿيندا.
أَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ فَلَهُمْ جَنَّٰتُ ٱلْمَأْوَىٰ نُزُلًۢا بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تِن لاءِ بھشت (جا باغ) مھماني طور رھڻ جو ھنڌ آھي اُنھي سببان جو (چڱا) ڪم ڪندا رھيا.
وَأَمَّا ٱلَّذِينَ فَسَقُوا۟ فَمَأْوَىٰهُمُ ٱلنَّارُ ۖ كُلَّمَآ أَرَادُوٓا۟ أَن يَخْرُجُوا۟ مِنْهَآ أُعِيدُوا۟ فِيهَا وَقِيلَ لَهُمْ ذُوقُوا۟ عَذَابَ ٱلنَّارِ ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
پر جن بڇڙائي ڪئي تن جي رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي، جنھن مھل منجھانئس نڪرڻ جو ارادو ڪندا (تنھن مھل) منجھس ورائي (پيا وجھبا) ۽ کين چئبو ته اُن باھ جو عذاب چکو جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئؤ.
وَلَنُذِيقَنَّهُم مِّنَ ٱلْعَذَابِ ٱلْأَدْنَىٰ دُونَ ٱلْعَذَابِ ٱلْأَكْبَرِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
۽ کين وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ به) ضرور چکائينداسون ته مانَ اُھي (سڌي واٽ ڏانھن) ورن.
وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـَٔايَٰتِ رَبِّهِۦ ثُمَّ أَعْرَضَ عَنْهَآ ۚ إِنَّا مِنَ ٱلْمُجْرِمِينَ مُنتَقِمُونَ
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏجي ته وري اُن کان مُنھن موڙي، بيشڪ اسين ڏوھارين کان بدلو وٺندڙ آھيون.
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَٰبَ فَلَا تَكُن فِى مِرْيَةٍۢ مِّن لِّقَآئِهِۦ ۖ وَجَعَلْنَٰهُ هُدًۭى لِّبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ تون اُن (قرآن) جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿج ۽ اُن موسىٰ کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت بڻايوسون.
وَجَعَلْنَا مِنْهُمْ أَئِمَّةًۭ يَهْدُونَ بِأَمْرِنَا لَمَّا صَبَرُوا۟ ۖ وَكَانُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا يُوقِنُونَ
منجھانئن پيشوا ڪيا (ھوا) سون جي اسان جي حُڪم سان سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا جڏھن جو (اُھي ڏکن تي) صبر ڪندا رھيا، ۽ اُھي اسان جي آيتن تي يقين رکندا ھوا.
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ فِيمَا كَانُوا۟ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ انھيءَ (ڳالھ) جو نبيرو ڪندو جنھن بابت جھڳڙو ڪندا ھوا.
أَوَلَمْ يَهْدِ لَهُمْ كَمْ أَهْلَكْنَا مِن قَبْلِهِم مِّنَ ٱلْقُرُونِ يَمْشُونَ فِى مَسَٰكِنِهِمْ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍ ۖ أَفَلَا يَسْمَعُونَ
کين پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترا (ئي) جُڳ ناس ڪياسون جن جي گھرن ۾ (اُھي) گھُمندا آھن، بيشڪ ھن (ڳالھ) ۾ وڏيون نشانيون آھن، پوءِ نه ٻڌندا آھن پا؟
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّا نَسُوقُ ٱلْمَآءَ إِلَى ٱلْأَرْضِ ٱلْجُرُزِ فَنُخْرِجُ بِهِۦ زَرْعًۭا تَأْكُلُ مِنْهُ أَنْعَٰمُهُمْ وَأَنفُسُهُمْ ۖ أَفَلَا يُبْصِرُونَ
نه ڏٺائون ڇا ته اسين اُٻڙٺ زمين ڏانھن پاڻي وھائيندا آھيون پوءِ اُن سان پوک ڄمائيندا آھيون جنھن مان سندن ڍور ۽ اُھي پاڻ کائيندا آھن، پوءِ نه ڏسندا آھن ڇا؟
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا ٱلْفَتْحُ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟
قُلْ يَوْمَ ٱلْفَتْحِ لَا يَنفَعُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِيمَٰنُهُمْ وَلَا هُمْ يُنظَرُونَ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته فيصلي جي ڏينھن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.
فَأَعْرِضْ عَنْهُمْ وَٱنتَظِرْ إِنَّهُم مُّنتَظِرُونَ
پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي (به) انتظار ڪڍندڙ آھن.

Surah 33: Al-Ahzab — الأحزاب

يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ ٱتَّقِ ٱللَّهَ وَلَا تُطِعِ ٱلْكَٰفِرِينَ وَٱلْمُنَٰفِقِينَ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًۭا
اي پيغمبر الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
وَٱتَّبِعْ مَا يُوحَىٰٓ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًۭا
۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھنجي تابعداري ڪر، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.
وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ ۚ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًۭا
۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي.
مَّا جَعَلَ ٱللَّهُ لِرَجُلٍۢ مِّن قَلْبَيْنِ فِى جَوْفِهِۦ ۚ وَمَا جَعَلَ أَزْوَٰجَكُمُ ٱلَّٰٓـِٔى تُظَٰهِرُونَ مِنْهُنَّ أُمَّهَٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ أَدْعِيَآءَكُمْ أَبْنَآءَكُمْ ۚ ذَٰلِكُمْ قَوْلُكُم بِأَفْوَٰهِكُمْ ۖ وَٱللَّهُ يَقُولُ ٱلْحَقَّ وَهُوَ يَهْدِى ٱلسَّبِيلَ
الله ڪنھن مڙس جي اندر ۾ ٻه دليون (پيدا) نه ڪيون آھن، ۽ نڪي اوھان جي انھن زالن کي جن کي اوھين ماءُ چئي ويٺا آھيو سي اوھان جون (حقيقي) مائر ڪيائين، ۽ نڪي اوھان جي پُٽيلن کي اوھان جا (حقيقي) پُٽ ڪيائين اھو اوھان جو چوڻ اوھان جي واتن جو آھي، ۽ الله سچ چوندو آھي ۽ اُھوئي (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي.
ٱدْعُوهُمْ لِءَابَآئِهِمْ هُوَ أَقْسَطُ عِندَ ٱللَّهِ ۚ فَإِن لَّمْ تَعْلَمُوٓا۟ ءَابَآءَهُمْ فَإِخْوَٰنُكُمْ فِى ٱلدِّينِ وَمَوَٰلِيكُمْ ۚ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌۭ فِيمَآ أَخْطَأْتُم بِهِۦ وَلَٰكِن مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوبُكُمْ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًۭا رَّحِيمًا
کين سندن پِين جا (پٽ ڪري) سڏيو اھو الله وٽ بلڪل انصاف آھي، پوءِ جيڪڏھن سندن پيئر نه ڄاڻندا ھجو ته اوھان جا دين ۾ ڀائر ۽ اوھان جا دوست آھن، ۽ جنھن ڳالھائڻ ۾ چوڪ ڪئي ھجيوَ تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي پر اوھان جي دلين جيڪي ڄاڻي واڻي ڪيو (تنھن ۾ گناھ آھي)، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
ٱلنَّبِىُّ أَوْلَىٰ بِٱلْمُؤْمِنِينَ مِنْ أَنفُسِهِمْ ۖ وَأَزْوَٰجُهُۥٓ أُمَّهَٰتُهُمْ ۗ وَأُو۟لُوا۟ ٱلْأَرْحَامِ بَعْضُهُمْ أَوْلَىٰ بِبَعْضٍۢ فِى كِتَٰبِ ٱللَّهِ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُهَٰجِرِينَ إِلَّآ أَن تَفْعَلُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَوْلِيَآئِكُم مَّعْرُوفًۭا ۚ كَانَ ذَٰلِكَ فِى ٱلْكِتَٰبِ مَسْطُورًۭا
پيغمبر مؤمنن تي سندن جندن کان وڌيڪ حق رکندو آھي ۽ سندس زالون سندين مائر آھن، ۽ مائٽي وارا ھڪ ٻئي جا پاڻ ۾ الله جي ڪتاب ۾ (ٻـين) مؤمنن ۽ ھجرت ڪندڙن کان وڌيڪ ويجھا آھن پر پنھنجن دوستن سان احسان ڪريو (ته جائز آھي)، اِھو (حُڪم) ڪتاب ۾ لکيل آھي.
وَإِذْ أَخَذْنَا مِنَ ٱلنَّبِيِّۦنَ مِيثَٰقَهُمْ وَمِنكَ وَمِن نُّوحٍۢ وَإِبْرَٰهِيمَ وَمُوسَىٰ وَعِيسَى ٱبْنِ مَرْيَمَ ۖ وَأَخَذْنَا مِنْهُم مِّيثَٰقًا غَلِيظًۭا
۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبرن کان سندن انجام ورتوسون ۽ (پڻ) توکان ۽ نُوح ۽ ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عِيسىٰ پٽ مريم جي کان به، ۽ (ھن لاءِ) کانئن پڪو انجام ورتوسون.
لِّيَسْـَٔلَ ٱلصَّٰدِقِينَ عَن صِدْقِهِمْ ۚ وَأَعَدَّ لِلْكَٰفِرِينَ عَذَابًا أَلِيمًۭا
ته (الله) سچن کان سندين سچائي بابت پُڇي، ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱذْكُرُوا۟ نِعْمَةَ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ جَآءَتْكُمْ جُنُودٌۭ فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًۭا وَجُنُودًۭا لَّمْ تَرَوْهَا ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرًا
اي ايمان وارؤ پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو جڏھن (ڪافرن جا) لشڪر اوھان تي (چڙھائي ڪري) آيا تڏھن مٿن واءُ کي موڪليوسون ۽ (اوھان جي مدد لاءِ ملائڪن جا) اھڙا لشڪر به جن کي اوھان نه ٿي ڏٺو (پوءِ ڪافرن کي ڀڄائي اوھان کي بچايوسون) ۽ جيڪي ڪريو ٿا سو الله ڏسندڙ آھي.
إِذْ جَآءُوكُم مِّن فَوْقِكُمْ وَمِنْ أَسْفَلَ مِنكُمْ وَإِذْ زَاغَتِ ٱلْأَبْصَٰرُ وَبَلَغَتِ ٱلْقُلُوبُ ٱلْحَنَاجِرَ وَتَظُنُّونَ بِٱللَّهِ ٱلظُّنُونَا۠
جڏھن (اُھي) اوھان جي مٿان ۽ اوھان جي ھيٺان اوھان وٽ آيا ۽ اُنھيءَ مھل اکيون ٽِڙي ويون ۽ دليون (دھشت کان) نِڙ گھٽن کي پُھتيون ۽ الله جي به نسبت ڪيئي گمان ڀانيوَ ٿي.
هُنَالِكَ ٱبْتُلِىَ ٱلْمُؤْمِنُونَ وَزُلْزِلُوا۟ زِلْزَالًۭا شَدِيدًۭا
اُتي مُؤمنن کي پرکيو ويو ۽ کين تمام سخت لوڏيو ويو.
وَإِذْ يَقُولُ ٱلْمُنَٰفِقُونَ وَٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌۭ مَّا وَعَدَنَا ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥٓ إِلَّا غُرُورًۭا
۽ اُنھيءَ مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن چيو ٿي ته الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انجام نه ڏنو آھي.
وَإِذْ قَالَت طَّآئِفَةٌۭ مِّنْهُمْ يَٰٓأَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَٱرْجِعُوا۟ ۚ وَيَسْتَـْٔذِنُ فَرِيقٌۭ مِّنْهُمُ ٱلنَّبِىَّ يَقُولُونَ إِنَّ بُيُوتَنَا عَوْرَةٌۭ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ۖ إِن يُرِيدُونَ إِلَّا فِرَارًۭا
۽ اُنھي مھل منجھانئن ھڪ ٽوليءَ چيو ته اي مديني وارؤ اوھان لاءِ (ھتي ترسڻ جي) ڪا جاءِ ڪانھي تنھنڪري موٽو، ۽ منجھانئن ھڪ ٽوليءَ پيغمبر کان موڪلايو ٿي ۽ چوڻ لڳا ته اسان جا گھر ھيڪلا آھن، حالانڪ اُھي ھيڪلا نه ھوا، ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھون.
وَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِم مِّنْ أَقْطَارِهَا ثُمَّ سُئِلُوا۟ ٱلْفِتْنَةَ لَءَاتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوا۟ بِهَآ إِلَّا يَسِيرًۭا
۽ جيڪڏھن اُن (مديني) جي آس پاس کان مٿن ڪا (ڪافرن جي فوج) اچي ڪڙڪي ھا وري کانئن گھُرو جنگ گھُرڻ ۾ اچي ھا ته ضرور اُھا ڪن ھا ۽ اُن لاءِ ٿوري (دير) کان سواءِ ترسن ئي نه ھا.
وَلَقَدْ كَانُوا۟ عَٰهَدُوا۟ ٱللَّهَ مِن قَبْلُ لَا يُوَلُّونَ ٱلْأَدْبَٰرَ ۚ وَكَانَ عَهْدُ ٱللَّهِ مَسْـُٔولًۭا
۽ (ھن کان) اڳ الله سان انجام ڪيو ھوائون ته (ڀڄڻ لاءِ) پٺيون نه ڦيريندا، ۽ الله جي انجام جي (ضرور) پُڇا ڪئي ويندي.
قُل لَّن يَنفَعَكُمُ ٱلْفِرَارُ إِن فَرَرْتُم مِّنَ ٱلْمَوْتِ أَوِ ٱلْقَتْلِ وَإِذًۭا لَّا تُمَتَّعُونَ إِلَّا قَلِيلًۭا
(کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين مرڻ يا مارجڻ کان ڀڄندؤ ته ڀڄڻ اوھان کي فائدو نه ڏيندو ۽ اُنھيءَ مھل بلڪل ٿورو فائدو ڏنو ويندوَ.
قُلْ مَن ذَا ٱلَّذِى يَعْصِمُكُم مِّنَ ٱللَّهِ إِنْ أَرَادَ بِكُمْ سُوٓءًا أَوْ أَرَادَ بِكُمْ رَحْمَةًۭ ۚ وَلَا يَجِدُونَ لَهُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ وَلِيًّۭا وَلَا نَصِيرًۭا
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان کي الله (جي عذاب) کان ڪير بچائيندو جيڪڏھن اُھو اوھان کي ڪا اوکائي پھچائڻ گھري يا اوھان کي ڪا ٻاجھ پھچائڻ گھري (ته اُھا ڪير روڪيندو؟)، ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو دوست ۽ نڪو مددگار لھندا.
۞ قَدْ يَعْلَمُ ٱللَّهُ ٱلْمُعَوِّقِينَ مِنكُمْ وَٱلْقَآئِلِينَ لِإِخْوَٰنِهِمْ هَلُمَّ إِلَيْنَا ۖ وَلَا يَأْتُونَ ٱلْبَأْسَ إِلَّا قَلِيلًا
اوھان مان (جھاد کان) جھليندڙن ۽ پنھنجن ڀائرن کي (ھئن) چوندڙن کي ته اسان ڏانھن اچو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) لڙائي ۾ نه ٿا اچن.
أَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ۖ فَإِذَا جَآءَ ٱلْخَوْفُ رَأَيْتَهُمْ يَنظُرُونَ إِلَيْكَ تَدُورُ أَعْيُنُهُمْ كَٱلَّذِى يُغْشَىٰ عَلَيْهِ مِنَ ٱلْمَوْتِ ۖ فَإِذَا ذَهَبَ ٱلْخَوْفُ سَلَقُوكُم بِأَلْسِنَةٍ حِدَادٍ أَشِحَّةً عَلَى ٱلْخَيْرِ ۚ أُو۟لَٰٓئِكَ لَمْ يُؤْمِنُوا۟ فَأَحْبَطَ ٱللَّهُ أَعْمَٰلَهُمْ ۚ وَكَانَ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرًۭا
(ھٿون) اوھان تي پبچائي ڪندڙ آھن، پوءِ جنھن مھل ڀَـوَ (جو وقت) اچي (تنھن مھل) کين ڏسين ته توڏانھن نھاريندا آھن جو سندن اکيون اُن (ماڻھوءَ) وانگر ڦِرنديون آھن جنھن تي موت (جي سڪرات) جي بيھوشي پھتي ھجي، پوءِ جنھن مھل (جنگ جو) ڀؤ لھندو آھي تنھن مھل (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوھان کي تکين زبانن سان ايذائيندا آھن، انھن ايمان نه آندو تنھنڪري الله سندن اعمال چَٽ ڪيا، ۽ اھو ڪم الله کي آسان آھي.
يَحْسَبُونَ ٱلْأَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوا۟ ۖ وَإِن يَأْتِ ٱلْأَحْزَابُ يَوَدُّوا۟ لَوْ أَنَّهُم بَادُونَ فِى ٱلْأَعْرَابِ يَسْـَٔلُونَ عَنْ أَنۢبَآئِكُمْ ۖ وَلَوْ كَانُوا۟ فِيكُم مَّا قَٰتَلُوٓا۟ إِلَّا قَلِيلًۭا
(خوف جي ڪري) ڀائيندا آھن ته (ڪافرن جا) ڪٽڪ نه ويا آھن، ۽ جيڪڏھن (ڪافرن جا) ڪي ڪٽڪ اچن ھا ته (ھيءَ ڳالھ) گھُرن ھا ته اُھي جيڪر جھنگلن ۾ ويٺل ھجن ھا (۽) اوھان جون خبرون (ھرڪنھن کان) پڇندا رھن ھا، ۽ جيڪڏھن اوھان ۾ ھجن ته رڳو ٿورو (اچي) جنگ ۾ وڙھن.
لَّقَدْ كَانَ لَكُمْ فِى رَسُولِ ٱللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌۭ لِّمَن كَانَ يَرْجُوا۟ ٱللَّهَ وَٱلْيَوْمَ ٱلْءَاخِرَ وَذَكَرَ ٱللَّهَ كَثِيرًۭا
بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي.
وَلَمَّا رَءَا ٱلْمُؤْمِنُونَ ٱلْأَحْزَابَ قَالُوا۟ هَٰذَا مَا وَعَدَنَا ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥ وَصَدَقَ ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥ ۚ وَمَا زَادَهُمْ إِلَّآ إِيمَٰنًۭا وَتَسْلِيمًۭا
۽ جنھن مھل مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو (تنھن مھل) چيائون ته ھي اُھو انجام آھي جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ڏنو ھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر سچ فرمايو ھو، ۽ اِنھيءَ (حالت) اُنھن کي ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ ھيڪارو وڌايو.
مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ رِجَالٌۭ صَدَقُوا۟ مَا عَٰهَدُوا۟ ٱللَّهَ عَلَيْهِ ۖ فَمِنْهُم مَّن قَضَىٰ نَحْبَهُۥ وَمِنْهُم مَّن يَنتَظِرُ ۖ وَمَا بَدَّلُوا۟ تَبْدِيلًۭا
مؤمنن مان ڪي اھڙا ماڻھو آھن جو جيڪو الله سان انجام ڪيو ھوائون تنھن کي سچو ڪيائون، پوءِ منجھانئن ڪن پنھنجو ذمون پورو ڪيو ۽ منجھانئن ڪو انتظار ڪندو آھي، ۽ (پنھنجي چوڻ کي) ڪنھن طرح نه مٽايائون.
لِّيَجْزِىَ ٱللَّهُ ٱلصَّٰدِقِينَ بِصِدْقِهِمْ وَيُعَذِّبَ ٱلْمُنَٰفِقِينَ إِن شَآءَ أَوْ يَتُوبَ عَلَيْهِمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ غَفُورًۭا رَّحِيمًۭا
(اھو ھن ڪري آھي) ته الله سچن کي سندن سچائي سببان بدلو ڏئي ۽ جيڪڏھن گھري ته منافقن کي عذاب ڪري يا (توبه جي توفيق ڏئڻ سان) مٿن ٻاجھ سان موٽي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
وَرَدَّ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِغَيْظِهِمْ لَمْ يَنَالُوا۟ خَيْرًۭا ۚ وَكَفَى ٱللَّهُ ٱلْمُؤْمِنِينَ ٱلْقِتَالَ ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ قَوِيًّا عَزِيزًۭا
۽ الله ڪافرن کي سندن ڏمر سميت موٽايو جو ڪا چڱائي نه لڌائون، ۽ الله مؤمنن جي پاران ويڙھ لاءِ ڪافي ٿيو، ۽ الله سگھارو غالب آھي.
وَأَنزَلَ ٱلَّذِينَ ظَٰهَرُوهُم مِّنْ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ مِن صَيَاصِيهِمْ وَقَذَفَ فِى قُلُوبِهِمُ ٱلرُّعْبَ فَرِيقًۭا تَقْتُلُونَ وَتَأْسِرُونَ فَرِيقًۭا
۽ ڪتاب وارن مان جن انھن (مشرڪن) جي مدد ڪئي ھئي تن کي (الله) سندن ڪوٽن مان لاٿو ۽ سندين دلين ۾ دھشت وڌائين (جو) ھڪ ٽوليءَ کي ڪُٺوَ ٿي ۽ ٻيءَ ٽوليءَ کي قيدي ڪيوَ ٿي.
وَأَوْرَثَكُمْ أَرْضَهُمْ وَدِيَٰرَهُمْ وَأَمْوَٰلَهُمْ وَأَرْضًۭا لَّمْ تَطَـُٔوهَا ۚ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرًۭا
۽ (نيٺ) اوھان کي سندين زمين ۽ سندين گھرن ۽ سندن انھيءَ زمين جو وارث ڪيائين جنھن تي پير (به) نه گھُمايو ھيوَ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ قُل لِّأَزْوَٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدْنَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا وَزِينَتَهَا فَتَعَالَيْنَ أُمَتِّعْكُنَّ وَأُسَرِّحْكُنَّ سَرَاحًۭا جَمِيلًۭا
اي پيغمبر پنھنجي زالن کي چؤ ته جيڪڏھن اوھين دنيا جي حياتي ۽ اُن جو سينگار گھرنديون ھجو ته اچو ته اوھان کي جورو ڏيان ۽ چڱي طرح ڇڏيان.
وَإِن كُنتُنَّ تُرِدْنَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَٱلدَّارَ ٱلْءَاخِرَةَ فَإِنَّ ٱللَّهَ أَعَدَّ لِلْمُحْسِنَٰتِ مِنكُنَّ أَجْرًا عَظِيمًۭا
۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ سندس پيغمبر ۽ آخرت جي گھر (يعني بھشت) کي گھرو ٿيون ته بيشڪ اوھان مان نيڪ بختن لاءِ الله وڏو اجر تيار ڪيو آھي.
يَٰنِسَآءَ ٱلنَّبِىِّ مَن يَأْتِ مِنكُنَّ بِفَٰحِشَةٍۢ مُّبَيِّنَةٍۢ يُضَٰعَفْ لَهَا ٱلْعَذَابُ ضِعْفَيْنِ ۚ وَكَانَ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرًۭا
اي پيغمبر جون زالون اوھان مان جيڪا پڌري بي حيائي ڪندي تنھن کي وڌائي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، ۽ اِھو الله تي آسان آھي.