Surah 2: Al-Baqara — البقرة
۞ تِلْكَ ٱلرُّسُلُ فَضَّلْنَا بَعْضَهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍۢ ۘ مِّنْهُم مَّن كَلَّمَ ٱللَّهُ ۖ وَرَفَعَ بَعْضَهُمْ دَرَجَٰتٍۢ ۚ وَءَاتَيْنَا عِيسَى ٱبْنَ مَرْيَمَ ٱلْبَيِّنَٰتِ وَأَيَّدْنَٰهُ بِرُوحِ ٱلْقُدُسِ ۗ وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ مَا ٱقْتَتَلَ ٱلَّذِينَ مِنۢ بَعْدِهِم مِّنۢ بَعْدِ مَا جَآءَتْهُمُ ٱلْبَيِّنَٰتُ وَلَٰكِنِ ٱخْتَلَفُوا۟ فَمِنْهُم مَّنْ ءَامَنَ وَمِنْهُم مَّن كَفَرَ ۚ وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ مَا ٱقْتَتَلُوا۟ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيدُ
اِھي پيغمبر آھن اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيوسون، منجھانئن ڪن سان الله ڳالھايو ۽ ڪن کي درجن ۾ وڏو ڪيائين، ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي کي چٽا مُعجزا ڏناسون ۽ کيس پاڪ رُوح سان مدد ڏني سون، ۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته جيڪي (ماڻھو) اُنھن (پيغمبرن) کان پوءِ هُئا سي پاڻ وٽ چِٽن مُعجزن اچڻ پڄاڻان (پاڻ ۾) نه وڙھن ھا پر اختلاف ۾ پيا پوءِ منجھانئن ڪن ايمان آندو ۽ منجھانئن ڪن ڪفر ڪيو، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته (پاڻ ۾) نه وڙھن ھا، پر الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَنفِقُوا۟ مِمَّا رَزَقْنَٰكُم مِّن قَبْلِ أَن يَأْتِىَ يَوْمٌۭ لَّا بَيْعٌۭ فِيهِ وَلَا خُلَّةٌۭ وَلَا شَفَٰعَةٌۭ ۗ وَٱلْكَٰفِرُونَ هُمُ ٱلظَّٰلِمُونَ
اي مؤمنؤ جيڪي اوھان کي ڏنوسون تنھن مان اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ خرچ ڪريو جنھن ۾ نه ڪو واپار ۽ نه ڪا ياراڻي آھي ۽ نه ڪا پارت ھلندي، ۽ ڪافر ئي ظالم آھن.
ٱللَّهُ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ٱلْحَىُّ ٱلْقَيُّومُ ۚ لَا تَأْخُذُهُۥ سِنَةٌۭ وَلَا نَوْمٌۭ ۚ لَّهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ مَن ذَا ٱلَّذِى يَشْفَعُ عِندَهُۥٓ إِلَّا بِإِذْنِهِۦ ۚ يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ ۖ وَلَا يُحِيطُونَ بِشَىْءٍۢ مِّنْ عِلْمِهِۦٓ إِلَّا بِمَا شَآءَ ۚ وَسِعَ كُرْسِيُّهُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ ۖ وَلَا يَـُٔودُهُۥ حِفْظُهُمَا ۚ وَهُوَ ٱلْعَلِىُّ ٱلْعَظِيمُ
الله (اُھو آھي جو) اُن کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آھي، (اُھو سدائين) جيئرو (جھانن کي) بيھڪ ڏيندڙ آھي، کيس نڪي پنڪي ۽ نڪي ننڊ وٺندي آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس (ملڪيت) آھي. ڪير آھي جو سندس موڪل ڌاران وٽس پارت ڪري سگھي؟ جيڪي اُنھن (مخلوقن) جي اڳيان آھي ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (سڀ) ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي گھري تنھن کان سواءِ سندس علم مان ڪنھن ذري کي (اُھي) گھيرو ڪري نه سگھندا آھن، سندس (بادشاھيءَ جي) ڪرسيءَ آسمانن ۽ زمين کي لپيٽيو آھي، ۽ اُنھن جي سنڀال کيس نه ٿڪائيندي آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏي وڏائيءَ وارو آھي.
لَآ إِكْرَاهَ فِى ٱلدِّينِ ۖ قَد تَّبَيَّنَ ٱلرُّشْدُ مِنَ ٱلْغَىِّ ۚ فَمَن يَكْفُرْ بِٱلطَّٰغُوتِ وَيُؤْمِنۢ بِٱللَّهِ فَقَدِ ٱسْتَمْسَكَ بِٱلْعُرْوَةِ ٱلْوُثْقَىٰ لَا ٱنفِصَامَ لَهَا ۗ وَٱللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کانسواءِ ٻـين معبودن) کي نه مڃي ۽ الله کي مڃي تنھن بيشڪ اھڙي مُحڪم ڪڙي کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نه آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
ٱللَّهُ وَلِىُّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ يُخْرِجُهُم مِّنَ ٱلظُّلُمَٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ ۖ وَٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَوْلِيَآؤُهُمُ ٱلطَّٰغُوتُ يُخْرِجُونَهُم مِّنَ ٱلنُّورِ إِلَى ٱلظُّلُمَٰتِ ۗ أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ ۖ هُمْ فِيهَا خَٰلِدُونَ
الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍندو آھي، ۽ جيڪي ڪافر آھن تن جا مددگار (خُدا کانسواءِ جن جي عبادت ڪن ٿا سي) بت آھن کين سوجھري مان اونداھين ڏانھن ڪڍندا آھن، اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِى حَآجَّ إِبْرَٰهِۦمَ فِى رَبِّهِۦٓ أَنْ ءَاتَىٰهُ ٱللَّهُ ٱلْمُلْكَ إِذْ قَالَ إِبْرَٰهِۦمُ رَبِّىَ ٱلَّذِى يُحْىِۦ وَيُمِيتُ قَالَ أَنَا۠ أُحْىِۦ وَأُمِيتُ ۖ قَالَ إِبْرَٰهِۦمُ فَإِنَّ ٱللَّهَ يَأْتِى بِٱلشَّمْسِ مِنَ ٱلْمَشْرِقِ فَأْتِ بِهَا مِنَ ٱلْمَغْرِبِ فَبُهِتَ ٱلَّذِى كَفَرَ ۗ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّٰلِمِينَ
(اي پيغمبر) تو اُنھن ڏانھن نه ڏٺو ڇا؟ جنھن پنھنجي پالڻھار بابت ابراھيم سان (انھيءَ مغروريءَ سبب) تڪرار ڪيو جو الله کيس بادشاھي ڏني ھئي، جڏھن ابراھيم چيو ته منھنجو پالڻھار اُھو آھي جو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (ڪافر) چيو ته آءٌ (به) جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو. ابراھيم چيو ته الله سج کي اوڀر کان اوڀاريندو آھي تنھنڪري (تون) اُن کي اولھ کان اوڀار پوءِ ڪافر ھَڪو ٻَڪو ٿي ويو، ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
أَوْ كَٱلَّذِى مَرَّ عَلَىٰ قَرْيَةٍۢ وَهِىَ خَاوِيَةٌ عَلَىٰ عُرُوشِهَا قَالَ أَنَّىٰ يُحْىِۦ هَٰذِهِ ٱللَّهُ بَعْدَ مَوْتِهَا ۖ فَأَمَاتَهُ ٱللَّهُ مِا۟ئَةَ عَامٍۢ ثُمَّ بَعَثَهُۥ ۖ قَالَ كَمْ لَبِثْتَ ۖ قَالَ لَبِثْتُ يَوْمًا أَوْ بَعْضَ يَوْمٍۢ ۖ قَالَ بَل لَّبِثْتَ مِا۟ئَةَ عَامٍۢ فَٱنظُرْ إِلَىٰ طَعَامِكَ وَشَرَابِكَ لَمْ يَتَسَنَّهْ ۖ وَٱنظُرْ إِلَىٰ حِمَارِكَ وَلِنَجْعَلَكَ ءَايَةًۭ لِّلنَّاسِ ۖ وَٱنظُرْ إِلَى ٱلْعِظَامِ كَيْفَ نُنشِزُهَا ثُمَّ نَكْسُوهَا لَحْمًۭا ۚ فَلَمَّا تَبَيَّنَ لَهُۥ قَالَ أَعْلَمُ أَنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرٌۭ
يا اِنھيءَ طرح اُنھي (پيغمبر) کي (ڏٺئي ڇا؟) جو ھڪ ڳوٺ وٽان ھن حالت ۾ لنگھيو جو اُھو پنھنجي ڇتين سوڌو ڊٺل ھو، (ڏسي ڪري) چيائين ته ھن کي الله ڪھڙي طرح سندس ڦٽڻ کانپوءِ وسائيندو، پوءِ الله کيس سؤ ورھيه ماريو وري کيس (جياري) کڙو ڪيائين، الله چيو ته ڪيترو رھينءِ؟ چيائين ته ھڪ ڏينھن يا ڪجھ پھر دير ڪئي اٿم، الله چيو ته بلڪ سؤ ورھيه دير ڪئي اٿيئي پوءِ پنھنجي طعام ۽ پاڻيءَ ڏانھن نھار جو اُھو نه سينواريو آھي، ۽ پنھنجي (مئل) گڏھ ڏانھن نھار (ته جياري توکي ڏيکاريون) ۽ (اِھو ھِن لاءِ ڪيوسين) ته توکي ماڻھن لاءِ نشاني ڪريون ۽ (ھاڻي گڏھ جي) ھڏن ڏانھن ڏس ته کين ڪئن چوريون ٿا وري اُنھن (ھڏن) کي گوشت پھرايون ٿا. پوءِ جنھن مھل ان تي (اِھو حال) پڌرو ٿيو (تڏھن) چيائين ته ڄاڻان ٿو ته الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
وَإِذْ قَالَ إِبْرَٰهِۦمُ رَبِّ أَرِنِى كَيْفَ تُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰ ۖ قَالَ أَوَلَمْ تُؤْمِن ۖ قَالَ بَلَىٰ وَلَٰكِن لِّيَطْمَئِنَّ قَلْبِى ۖ قَالَ فَخُذْ أَرْبَعَةًۭ مِّنَ ٱلطَّيْرِ فَصُرْهُنَّ إِلَيْكَ ثُمَّ ٱجْعَلْ عَلَىٰ كُلِّ جَبَلٍۢ مِّنْهُنَّ جُزْءًۭا ثُمَّ ٱدْعُهُنَّ يَأْتِينَكَ سَعْيًۭا ۚ وَٱعْلَمْ أَنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ حَكِيمٌۭ
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي ڏيکار ته ڪھڙي طرح مئلن کي جياريندو آھين، (الله) چيو ته نه ٿو وسھين ڇا؟ (ابراھيم) چيو ته ھائو (وسھان ٿو) پر ھن لاءِ ته منھنجي دل کي تسلّىٰ ٿئي. (الله) چيو ته چار پکي وٺ پوءِ کين پاڻ وٽ ذرا ذرا ڪر پوءِ منجھانئن ڪو ڀاڱو ھر ھڪ جبل تي رک وري کين سڏ ته توڏانھن ڊوڙندا ايندا، ۽ ڄاڻ ته الله غالب حڪمت وارو آھي.
مَّثَلُ ٱلَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَٰلَهُمْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ أَنۢبَتَتْ سَبْعَ سَنَابِلَ فِى كُلِّ سُنۢبُلَةٍۢ مِّا۟ئَةُ حَبَّةٍۢ ۗ وَٱللَّهُ يُضَٰعِفُ لِمَن يَشَآءُ ۗ وَٱللَّهُ وَٰسِعٌ عَلِيمٌ
جيڪي (ماڻھو) پنھنجا مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن تن جو مثال اُنھيءَ داڻي جي مثال وانگر آھي جو ست سنگ ڄمائي ھر ھڪ سنگ ۾ سڀ داڻو ھجي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) ٻيڻو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.
ٱلَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَٰلَهُمْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ثُمَّ لَا يُتْبِعُونَ مَآ أَنفَقُوا۟ مَنًّۭا وَلَآ أَذًۭى ۙ لَّهُمْ أَجْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ وَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
جيڪي (ماڻھو) پنھنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن وري پنھنجي ڏيڻ پٺيان نڪي ٿورو رکندا آھن ۽ نڪي ايذائيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن ثواب آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
۞ قَوْلٌۭ مَّعْرُوفٌۭ وَمَغْفِرَةٌ خَيْرٌۭ مِّن صَدَقَةٍۢ يَتْبَعُهَآ أَذًۭى ۗ وَٱللَّهُ غَنِىٌّ حَلِيمٌۭ
مِٺو ڳالھائڻ ۽ معاف ڪرڻ اُنھيءَ خيرات کان ڀَلو آھي جنھن جي پٺيان ايذاءُ ھُجي، ۽ الله بي پرواہ بُردبار آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تُبْطِلُوا۟ صَدَقَٰتِكُم بِٱلْمَنِّ وَٱلْأَذَىٰ كَٱلَّذِى يُنفِقُ مَالَهُۥ رِئَآءَ ٱلنَّاسِ وَلَا يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْءَاخِرِ ۖ فَمَثَلُهُۥ كَمَثَلِ صَفْوَانٍ عَلَيْهِ تُرَابٌۭ فَأَصَابَهُۥ وَابِلٌۭ فَتَرَكَهُۥ صَلْدًۭا ۖ لَّا يَقْدِرُونَ عَلَىٰ شَىْءٍۢ مِّمَّا كَسَبُوا۟ ۗ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْكَٰفِرِينَ
اي مؤمنؤ پنھنجين خيراتن کي اِحسان رکڻ ۽ ايذائڻ سان اُنھيءَ ماڻھوءَ وانگر نه وڃايو جيڪو پنھنجو مال ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ خرچي ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃي، پوءِ سندس مثال (اُنھيءَ) لسي پھڻ وانگر آھي جنھن تي ٿوري مٽي (پيل) ھجي ۽ مٿس وڏو مينھن وسي پوءِ ڇنڊي ڇڏيس، (ته رياء وارن) جيڪي ڪمايو تنھن مان ڪنھن ذري تي (اُھي) وس وارا نه ٿيندا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
وَمَثَلُ ٱلَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَٰلَهُمُ ٱبْتِغَآءَ مَرْضَاتِ ٱللَّهِ وَتَثْبِيتًۭا مِّنْ أَنفُسِهِمْ كَمَثَلِ جَنَّةٍۭ بِرَبْوَةٍ أَصَابَهَا وَابِلٌۭ فَـَٔاتَتْ أُكُلَهَا ضِعْفَيْنِ فَإِن لَّمْ يُصِبْهَا وَابِلٌۭ فَطَلٌّۭ ۗ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
۽ جيڪي پنھنجن مالن کي الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجين دلين ۾ پڪي يقين پيدا ڪرڻ لاءِ خرچيندا آھن تن جو مثال ھڪ باغ وانگر آھي جو دڙي تي ھجي اُن تي وڏڦڙو مينھن وسي ۽ پنھنجو ڦر ٻيڻو ڪري، پر جيڪڏھن مٿس وڏڦڙو مينھن نه وسي ته ماڪ بس ھجيس، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
أَيَوَدُّ أَحَدُكُمْ أَن تَكُونَ لَهُۥ جَنَّةٌۭ مِّن نَّخِيلٍۢ وَأَعْنَابٍۢ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ لَهُۥ فِيهَا مِن كُلِّ ٱلثَّمَرَٰتِ وَأَصَابَهُ ٱلْكِبَرُ وَلَهُۥ ذُرِّيَّةٌۭ ضُعَفَآءُ فَأَصَابَهَآ إِعْصَارٌۭ فِيهِ نَارٌۭ فَٱحْتَرَقَتْ ۗ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمُ ٱلْءَايَٰتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَكَّرُونَ
اوھان مان ڪو ھڪ (دل سان) گھرندو آھي ڇا؟ ته اُن کي کجين ۽ ڊاکن جو ھڪ باغ ھجي جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون ھجن اُن لاءِ منجھس سڀ ڪنھن (جنس جا) ميوا ھجن ۽ کيس پوڙھائي اچي وٺي ۽ ان کي ھيڻو اولاد ھجي، پوءِ اُن (باغ) کي (اھڙو) واچوڙو لڳي جنھن ۾ باھه ھجي تنھنڪري (سندس باغ) سڙي وڃي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ (چٽيون) نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَنفِقُوا۟ مِن طَيِّبَٰتِ مَا كَسَبْتُمْ وَمِمَّآ أَخْرَجْنَا لَكُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ ۖ وَلَا تَيَمَّمُوا۟ ٱلْخَبِيثَ مِنْهُ تُنفِقُونَ وَلَسْتُم بِـَٔاخِذِيهِ إِلَّآ أَن تُغْمِضُوا۟ فِيهِ ۚ وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ غَنِىٌّ حَمِيدٌ
اي مؤمنؤ جيڪي ڪمايوَ تنھن مان (۽ پڻ) جيڪي اوھان لاءِ زمين مان پيدا ڪيوسين تنھن مان ڪي سٺيون شيون (خدا ڪارڻ) خرچ ڪيو، ۽ ان مان خراب شيء خرچ ڪرڻ جي نيت ھن ھوندي نه ڪريو جو (پاڻ) اُن ۾ پنھنجين اکين ٻوٽڻ کانسواءِ کيس وٺڻ وارا نه ھجو، ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواہ ساراھيل آھي.
ٱلشَّيْطَٰنُ يَعِدُكُمُ ٱلْفَقْرَ وَيَأْمُرُكُم بِٱلْفَحْشَآءِ ۖ وَٱللَّهُ يَعِدُكُم مَّغْفِرَةًۭ مِّنْهُ وَفَضْلًۭا ۗ وَٱللَّهُ وَٰسِعٌ عَلِيمٌۭ
(اي مسلمانؤ) شيطان اوھان کي سڃائيءَ جو ڀؤ ڏيندو آھي ۽ اوھان کي بي حيائيءَ (جي ڪمن) جو حڪم ڪندو آھي، ۽ الله اوھان کي پنھنجي پاران بخشش ۽ ڀلائيءَ جو وعدو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.
يُؤْتِى ٱلْحِكْمَةَ مَن يَشَآءُ ۚ وَمَن يُؤْتَ ٱلْحِكْمَةَ فَقَدْ أُوتِىَ خَيْرًۭا كَثِيرًۭا ۗ وَمَا يَذَّكَّرُ إِلَّآ أُو۟لُوا۟ ٱلْأَلْبَٰبِ
جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سمجھ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي سمجھ ڏني ويئي تنھن کي بيشڪ گھڻي چڱائِي ڏِني ويئي، ۽ سمجھ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو نصيحت نه مڃيندو آھي.
وَمَآ أَنفَقْتُم مِّن نَّفَقَةٍ أَوْ نَذَرْتُم مِّن نَّذْرٍۢ فَإِنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُهُۥ ۗ وَمَا لِلظَّٰلِمِينَ مِنْ أَنصَارٍ
۽ (اي مسلمانؤ) جيڪي اوھان مال خرچيو يا باس باسيو تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.
إِن تُبْدُوا۟ ٱلصَّدَقَٰتِ فَنِعِمَّا هِىَ ۖ وَإِن تُخْفُوهَا وَتُؤْتُوهَا ٱلْفُقَرَآءَ فَهُوَ خَيْرٌۭ لَّكُمْ ۚ وَيُكَفِّرُ عَنكُم مِّن سَيِّـَٔاتِكُمْ ۗ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌۭ
جيڪڏھن خيراتون پڌريون ڪري ڏيندؤ ته اُھي (ڪھڙيون نه) چڱيون آھن، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڳجھو ڪندؤ ۽ اُھي محتاجن کي ڏيندؤ ته اُھي اوھان لاءِ (ويتر) ڀليون آھن، ۽ الله اوھان جا ڪي گناہ اوھان کان ميٽيندو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
۞ لَّيْسَ عَلَيْكَ هُدَىٰهُمْ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ يَهْدِى مَن يَشَآءُ ۗ وَمَا تُنفِقُوا۟ مِنْ خَيْرٍۢ فَلِأَنفُسِكُمْ ۚ وَمَا تُنفِقُونَ إِلَّا ٱبْتِغَآءَ وَجْهِ ٱللَّهِ ۚ وَمَا تُنفِقُوا۟ مِنْ خَيْرٍۢ يُوَفَّ إِلَيْكُمْ وَأَنتُمْ لَا تُظْلَمُونَ
(اي پيغمبر) توتي اُنھن (ڪافرن) کي ھدايت (يعني دل ۾ اثر پيدا) ڪرڻ لازم نه آھي پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو اوھان لاءِ آھي، ۽ الله جي رضامندي طلبڻ کانسواءِ (اوھين) خرچ نه ڪريو، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيو (اُن جو ثواب) اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان تي ظلم نه ڪبو.
لِلْفُقَرَآءِ ٱلَّذِينَ أُحْصِرُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ لَا يَسْتَطِيعُونَ ضَرْبًۭا فِى ٱلْأَرْضِ يَحْسَبُهُمُ ٱلْجَاهِلُ أَغْنِيَآءَ مِنَ ٱلتَّعَفُّفِ تَعْرِفُهُم بِسِيمَٰهُمْ لَا يَسْـَٔلُونَ ٱلنَّاسَ إِلْحَافًۭا ۗ وَمَا تُنفِقُوا۟ مِنْ خَيْرٍۢ فَإِنَّ ٱللَّهَ بِهِۦ عَلِيمٌ
اھڙن فقيرن کي (خيرات ڏيڻ لازم آھي) جيڪي الله جي واٽ ۾ روڪيل آھن (واپار لاءِ) مُلڪ ۾ سفر ڪري نه سگھندا آھن، ناواقف (سندن) بي طمعي سببان کين آسودا ڀائيندا آھن، سندين پيشانين مان کين سڃاڻندو آھين، چنبڙي ماڻھن کان نه پنندا آھن، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.
ٱلَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَٰلَهُم بِٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ سِرًّۭا وَعَلَانِيَةًۭ فَلَهُمْ أَجْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ وَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
جيڪي پنھنجا مال رات جو ۽ ڏينھن جو ڳجھو ۽ پَڌرو خرچيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اَجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
ٱلَّذِينَ يَأْكُلُونَ ٱلرِّبَوٰا۟ لَا يَقُومُونَ إِلَّا كَمَا يَقُومُ ٱلَّذِى يَتَخَبَّطُهُ ٱلشَّيْطَٰنُ مِنَ ٱلْمَسِّ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَالُوٓا۟ إِنَّمَا ٱلْبَيْعُ مِثْلُ ٱلرِّبَوٰا۟ ۗ وَأَحَلَّ ٱللَّهُ ٱلْبَيْعَ وَحَرَّمَ ٱلرِّبَوٰا۟ ۚ فَمَن جَآءَهُۥ مَوْعِظَةٌۭ مِّن رَّبِّهِۦ فَٱنتَهَىٰ فَلَهُۥ مَا سَلَفَ وَأَمْرُهُۥٓ إِلَى ٱللَّهِ ۖ وَمَنْ عَادَ فَأُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ ۖ هُمْ فِيهَا خَٰلِدُونَ
جيڪي وياج کائيندا آھن سي (قبرن مان) رڳو اُنھيءَ (ماڻھوءَ) جي اُٿڻ جھڙو اُٿندا جنھن کي جِنّ اثر سببان چريو ڪيو ھجي، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھي (وياج خور) چون ٿا ته واپار وياج جھڙو ئي آھي، ھن ھوندي جو الله واپار کي حلال ڪيو آھي ۽ وياج کي حرام ڪيو آھي، پوءِ جنھن کي پنھنجي پالڻھار وٽان نصيحت آئي ۽ (وياج) ڇڏيائين تنھن لاءِ جيڪي اڳي ڪيائين سو (ھينئر معاف) آھي، ۽ (آخرت ۾) سندس ڪم الله ڏانھن (سونپيل) آھي، ۽ جن ھيءَ عادت نه ڇڏي سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
يَمْحَقُ ٱللَّهُ ٱلرِّبَوٰا۟ وَيُرْبِى ٱلصَّدَقَٰتِ ۗ وَٱللَّهُ لَا يُحِبُّ كُلَّ كَفَّارٍ أَثِيمٍ
الله وياج (جو کٽيو) ناس ڪري ڇڏيندو آھي ۽ خيراتن کي وڌائيندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن بي شڪر گنھگار کي دوست نه رکندو آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ وَأَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتَوُا۟ ٱلزَّكَوٰةَ لَهُمْ أَجْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ وَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز پڙھيائون ۽ زڪوٰة ڏنائون تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اَجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَذَرُوا۟ مَا بَقِىَ مِنَ ٱلرِّبَوٰٓا۟ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏھن اوھين (الله ۽ رسول کي) مڃيندڙ آھيو ته جيڪي وياج مان رھيل آھي سو ڇڏيو.
فَإِن لَّمْ تَفْعَلُوا۟ فَأْذَنُوا۟ بِحَرْبٍۢ مِّنَ ٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ ۖ وَإِن تُبْتُمْ فَلَكُمْ رُءُوسُ أَمْوَٰلِكُمْ لَا تَظْلِمُونَ وَلَا تُظْلَمُونَ
پوءِ جيڪڏھن (ائين) نه ڪندؤ ته الله ۽ سندس رسول جي پاران اوھان کي جنگ جي سُڌ ھجي، ۽ جيڪڏھن توبه ڪيوَ ته اوھان لاءِ اوھان جي مالن جي موڙي آھي، نڪي وڌيڪ وٺو ۽ نڪي اوھان کي گھٽ ڏبو.
وَإِن كَانَ ذُو عُسْرَةٍۢ فَنَظِرَةٌ إِلَىٰ مَيْسَرَةٍۢ ۚ وَأَن تَصَدَّقُوا۟ خَيْرٌۭ لَّكُمْ ۖ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
۽ جيڪڏھن (قرضي) سڃو ھجي ته سگھ تائين مُھلت ڏيڻ لازم آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته اوھان جو (قرض) بخشڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.
وَٱتَّقُوا۟ يَوْمًۭا تُرْجَعُونَ فِيهِ إِلَى ٱللَّهِ ۖ ثُمَّ تُوَفَّىٰ كُلُّ نَفْسٍۢ مَّا كَسَبَتْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
۽ (اي ماڻھو) اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ الله ڏانھن موٽايا ويندؤ، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ کي جيڪي ڪمايائين تنھن جو پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا تَدَايَنتُم بِدَيْنٍ إِلَىٰٓ أَجَلٍۢ مُّسَمًّۭى فَٱكْتُبُوهُ ۚ وَلْيَكْتُب بَّيْنَكُمْ كَاتِبٌۢ بِٱلْعَدْلِ ۚ وَلَا يَأْبَ كَاتِبٌ أَن يَكْتُبَ كَمَا عَلَّمَهُ ٱللَّهُ ۚ فَلْيَكْتُبْ وَلْيُمْلِلِ ٱلَّذِى عَلَيْهِ ٱلْحَقُّ وَلْيَتَّقِ ٱللَّهَ رَبَّهُۥ وَلَا يَبْخَسْ مِنْهُ شَيْـًۭٔا ۚ فَإِن كَانَ ٱلَّذِى عَلَيْهِ ٱلْحَقُّ سَفِيهًا أَوْ ضَعِيفًا أَوْ لَا يَسْتَطِيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَلْيُمْلِلْ وَلِيُّهُۥ بِٱلْعَدْلِ ۚ وَٱسْتَشْهِدُوا۟ شَهِيدَيْنِ مِن رِّجَالِكُمْ ۖ فَإِن لَّمْ يَكُونَا رَجُلَيْنِ فَرَجُلٌۭ وَٱمْرَأَتَانِ مِمَّن تَرْضَوْنَ مِنَ ٱلشُّهَدَآءِ أَن تَضِلَّ إِحْدَىٰهُمَا فَتُذَكِّرَ إِحْدَىٰهُمَا ٱلْأُخْرَىٰ ۚ وَلَا يَأْبَ ٱلشُّهَدَآءُ إِذَا مَا دُعُوا۟ ۚ وَلَا تَسْـَٔمُوٓا۟ أَن تَكْتُبُوهُ صَغِيرًا أَوْ كَبِيرًا إِلَىٰٓ أَجَلِهِۦ ۚ ذَٰلِكُمْ أَقْسَطُ عِندَ ٱللَّهِ وَأَقْوَمُ لِلشَّهَٰدَةِ وَأَدْنَىٰٓ أَلَّا تَرْتَابُوٓا۟ ۖ إِلَّآ أَن تَكُونَ تِجَٰرَةً حَاضِرَةًۭ تُدِيرُونَهَا بَيْنَكُمْ فَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ أَلَّا تَكْتُبُوهَا ۗ وَأَشْهِدُوٓا۟ إِذَا تَبَايَعْتُمْ ۚ وَلَا يُضَآرَّ كَاتِبٌۭ وَلَا شَهِيدٌۭ ۚ وَإِن تَفْعَلُوا۟ فَإِنَّهُۥ فُسُوقٌۢ بِكُمْ ۗ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ ۖ وَيُعَلِّمُكُمُ ٱللَّهُ ۗ وَٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌۭ
اي مؤمنؤ جڏھن ڪنھن ٺھرايل (مُدت) تائين قرض جو معاملو ڪريو تڏھن اُن کي لکو، ۽ اوھان جي وچ ۾ لکندڙ کي انصاف سان لکڻ گھرجي، ۽ جئن کيس الله سيکاريو تئن لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري پوءِ لکڻ گھرجيس، ۽ جنھن تي قرض آھي سو (مطلب) بيان ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجيس ۽ منجھانئس ڪُجھ نه گھٽائي، پوءِ جنھن تي قرض آھي سو جيڪڏھن اَٻوجھ يا ھيڻو ھجي يا بيان نه ڪري سگھي ته سندس سنڀاليندڙ کي اِنصاف سان بيان ڪرڻ گھرجي، ۽ پنھنجن (مسلمانن) مڙسن مان ٻه گواھ شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ٻه مڙس نه ھجن ته ھڪ مڙس ۽ ٻه زالون (اُنھن) شاھدن مان جيڪي اوھان کي وڻن (شاھد ڪريو ھن لاءِ) ته جي اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي ته اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي، ۽ جڏھن شاھد (شاھديءَ ڏانھن) سڏيا وڃن ته انڪار نه ڪن، ۽ اُن جي مدت تائين ٿوري يا گھڻي (قرض) جي لکي ڏيڻ کان نه ٿڪجو، اِھو (لکڻ) الله وٽ انصاف کي تمام ويجھو ۽ شاھديءَ لاءِ بلڪل بيھڪ وارو آھي ۽ اوھان جي شڪ ۾ نه پوڻ کي (به) ڏاڍو ويجھو آھي پر جيڪڏھن اوھان جو واپار رُوبرو ھجي جو اوھين ھٿون ھٿ پاڻ ۾ پيا ڪريو ته اُن جي نه لکڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ جڏھن ڳنھو وڪڻو ته شاھد ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاھد کي نه ڏکوئجي، ۽ جيڪڏھن (اھڙو ڪم) ڪندؤ ته اُھو اوھان کي گُناہ آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله اوھان کي سيکاري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
۞ وَإِن كُنتُمْ عَلَىٰ سَفَرٍۢ وَلَمْ تَجِدُوا۟ كَاتِبًۭا فَرِهَٰنٌۭ مَّقْبُوضَةٌۭ ۖ فَإِنْ أَمِنَ بَعْضُكُم بَعْضًۭا فَلْيُؤَدِّ ٱلَّذِى ٱؤْتُمِنَ أَمَٰنَتَهُۥ وَلْيَتَّقِ ٱللَّهَ رَبَّهُۥ ۗ وَلَا تَكْتُمُوا۟ ٱلشَّهَٰدَةَ ۚ وَمَن يَكْتُمْهَا فَإِنَّهُۥٓ ءَاثِمٌۭ قَلْبُهُۥ ۗ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ عَلِيمٌۭ
۽ جيڪڏھن اوھين مسافريءَ ۾ ھُجو ۽ لکندڙ نه لھو ته ھٿڻ گروي وٺڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي اعتبار رکن ته جنھن تي اعتبار رکيو ويو تنھن کي پنھنجي امانت (يعني قرض) ادا ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجي، ۽ شاھدي نه لڪايو، ۽ جيڪو اُن کي لڪائيندو ته بيشڪ سندس دل ڏوھارڻ آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.
لِّلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ وَإِن تُبْدُوا۟ مَا فِىٓ أَنفُسِكُمْ أَوْ تُخْفُوهُ يُحَاسِبْكُم بِهِ ٱللَّهُ ۖ فَيَغْفِرُ لِمَن يَشَآءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشَآءُ ۗ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرٌ
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سا الله جي ئي (ملڪيت) آھي، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڻي اُھو لڪايو (ته به) الله اوھان سان اُن جو حساب ڪندو، پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
ءَامَنَ ٱلرَّسُولُ بِمَآ أُنزِلَ إِلَيْهِ مِن رَّبِّهِۦ وَٱلْمُؤْمِنُونَ ۚ كُلٌّ ءَامَنَ بِٱللَّهِ وَمَلَٰٓئِكَتِهِۦ وَكُتُبِهِۦ وَرُسُلِهِۦ لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ أَحَدٍۢ مِّن رُّسُلِهِۦ ۚ وَقَالُوا۟ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا ۖ غُفْرَانَكَ رَبَّنَا وَإِلَيْكَ ٱلْمَصِيرُ
پيغمبر (ﷴ ﷺ) ڏانھن جيڪي سندس پالڻھار کان لاٿو ويو سو اُن مڃيو آھي ۽ مؤمنن (به)، سڀڪنھن الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃيو آھي، (چون ٿا ته) سندس پيغمبرن مان ڪنھن ھڪ (جي مڃڻ) ۾ فرق نه ڪندا آھيون، ۽ چيائون ته ٻڌوسون ۽ سندس (حُڪم) مڃيوسون، اي اسان جا پالڻھار تنھنجي بخشش گھرون ٿا ۽ تو ڏانھن موٽڻو آھي.
لَا يُكَلِّفُ ٱللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ۚ لَهَا مَا كَسَبَتْ وَعَلَيْهَا مَا ٱكْتَسَبَتْ ۗ رَبَّنَا لَا تُؤَاخِذْنَآ إِن نَّسِينَآ أَوْ أَخْطَأْنَا ۚ رَبَّنَا وَلَا تَحْمِلْ عَلَيْنَآ إِصْرًۭا كَمَا حَمَلْتَهُۥ عَلَى ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِنَا ۚ رَبَّنَا وَلَا تُحَمِّلْنَا مَا لَا طَاقَةَ لَنَا بِهِۦ ۖ وَٱعْفُ عَنَّا وَٱغْفِرْ لَنَا وَٱرْحَمْنَآ ۚ أَنتَ مَوْلَىٰنَا فَٱنصُرْنَا عَلَى ٱلْقَوْمِ ٱلْكَٰفِرِينَ
الله ڪنھن کي سندس وس ڌاران تڪليف نه ڏيندو آھي، جيڪي (چڱو) ڪمايائين سو سندس (فائدي) لاءِ آھي ۽ جيڪي (بڇڙو) ڪمايائين سو مٿس آھي، اي اسان جا پالڻھار جيڪڏھن وساريون يا چوڪ ڪريون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ ڪانھي سو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر، ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مِھر ڪر، تون اسان جو سائين آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي.
Surah 3: Aal-Imran — آل عمران
الٓمٓ
الٓمَّٓ.
ٱللَّهُ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ٱلْحَىُّ ٱلْقَيُّومُ
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (جو سدائين) جيئرو (جڳ جي) بيھڪ ڏيڻ وارو آھي.
نَزَّلَ عَلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ بِٱلْحَقِّ مُصَدِّقًۭا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ وَأَنزَلَ ٱلتَّوْرَىٰةَ وَٱلْإِنجِيلَ
توتي (اُھو) ڪتاب سچ سان لاٿائين (جو) جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳي آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ توريت ۽ اِنجيل کي لاٿائين.
مِن قَبْلُ هُدًۭى لِّلنَّاسِ وَأَنزَلَ ٱلْفُرْقَانَ ۗ إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ لَهُمْ عَذَابٌۭ شَدِيدٌۭ ۗ وَٱللَّهُ عَزِيزٌۭ ذُو ٱنتِقَامٍ
اڳي ئي ماڻھن جي ھدايت لاءِ ۽ (سچ ۽ ڪُوڙ ۾) سنڌو وجھندڙ لاٿائين، جن الله جي آيتن جو اِنڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي.
إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَخْفَىٰ عَلَيْهِ شَىْءٌۭ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا فِى ٱلسَّمَآءِ
بيشڪ الله تي ڪائي شيء نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ ڳجھي رھندي آھي.
هُوَ ٱلَّذِى يُصَوِّرُكُمْ فِى ٱلْأَرْحَامِ كَيْفَ يَشَآءُ ۚ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
اُھو (الله) اھو آھي جيڪو (مائن) ڳڀيرڻن ۾ جئن گھرندو آھي (تئن) اوھان جي شڪل ٺاھيندو آھي، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (اُھوئي) غالب حِڪمت وارو آھي.
هُوَ ٱلَّذِىٓ أَنزَلَ عَلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ مِنْهُ ءَايَٰتٌۭ مُّحْكَمَٰتٌ هُنَّ أُمُّ ٱلْكِتَٰبِ وَأُخَرُ مُتَشَٰبِهَٰتٌۭ ۖ فَأَمَّا ٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِمْ زَيْغٌۭ فَيَتَّبِعُونَ مَا تَشَٰبَهَ مِنْهُ ٱبْتِغَآءَ ٱلْفِتْنَةِ وَٱبْتِغَآءَ تَأْوِيلِهِۦ ۗ وَمَا يَعْلَمُ تَأْوِيلَهُۥٓ إِلَّا ٱللَّهُ ۗ وَٱلرَّٰسِخُونَ فِى ٱلْعِلْمِ يَقُولُونَ ءَامَنَّا بِهِۦ كُلٌّۭ مِّنْ عِندِ رَبِّنَا ۗ وَمَا يَذَّكَّرُ إِلَّآ أُو۟لُوا۟ ٱلْأَلْبَٰبِ
اُھو (الله) آھي جنھن توتي ڪتاب لاٿو جنھن مان ڪي آيتون مُحڪم آھن (يعني اُنھن جي معنىٰ صاف آھي) اُھي ڪتاب جو اصل آھن ۽ ٻيون متشابه آھن (يعني اُنھن جون معنائون گھڻيون ٿي سگھن ٿيون)، پوءِ جن دلين ۾ ڏنگائي آھي سي مَنجھانئس جيڪي مُتشابه آھن تن جي پُٺيان خرابي ڳولڻ ۽ سندس مراد ڳولڻ لاءِ لڳندا آھن، ۽ الله کانسواءِ اُن جي مُراد ڪوئي نه ڄاڻندو آھي، ۽ (جيڪي) علم ۾پڪا (آھن سي) چوندا آھن ته اُنھن کي مڃيوسُون اِھي مڙئي اسان جي پالڻھار وٽان آھن، ۽ ڌيان وارن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه نصيحت نه وٺندو آھي.
رَبَّنَا لَا تُزِغْ قُلُوبَنَا بَعْدَ إِذْ هَدَيْتَنَا وَهَبْ لَنَا مِن لَّدُنكَ رَحْمَةً ۚ إِنَّكَ أَنتَ ٱلْوَهَّابُ
اي اسان جا پالڻھار جڏھن تو اسان کي ھدايت ڪئي تنھن کان پوءِ اسان جي دلين کي ڏنگائي نه ڏي ۽ پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر، ڇوته تون ئي بخشڻھار آھين.
رَبَّنَآ إِنَّكَ جَامِعُ ٱلنَّاسِ لِيَوْمٍۢ لَّا رَيْبَ فِيهِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُخْلِفُ ٱلْمِيعَادَ
اي اسان جا پالڻھار تون اُن ڏينھن ۾ ماڻھن کي گڏ ڪندڙ آھين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، ڇوته الله (پنھنجي) انجام کي نه ڦيرائيندو آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَن تُغْنِىَ عَنْهُمْ أَمْوَٰلُهُمْ وَلَآ أَوْلَٰدُهُم مِّنَ ٱللَّهِ شَيْـًۭٔا ۖ وَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمْ وَقُودُ ٱلنَّارِ
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کان ڪڏھن نه سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله (جي عذاب) مان ڪجھ نه ٽاريندو، ۽ اِھي دوزخ جو ٻارڻ آھن.
كَدَأْبِ ءَالِ فِرْعَوْنَ وَٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا فَأَخَذَهُمُ ٱللَّهُ بِذُنُوبِهِمْ ۗ وَٱللَّهُ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ
(اُنھن جو حال) فرعونين جي ۽ اُنھن جي حال جھڙو آھي جي کانئن اڳ ھؤا، (اُنھن) اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو، پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.
قُل لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ سَتُغْلَبُونَ وَتُحْشَرُونَ إِلَىٰ جَهَنَّمَ ۚ وَبِئْسَ ٱلْمِهَادُ
(اي پيغمبر) ڪافرن کي چؤ ته سگھو ھيڻا ٿيندؤ ۽ دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي.
قَدْ كَانَ لَكُمْ ءَايَةٌۭ فِى فِئَتَيْنِ ٱلْتَقَتَا ۖ فِئَةٌۭ تُقَٰتِلُ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ وَأُخْرَىٰ كَافِرَةٌۭ يَرَوْنَهُم مِّثْلَيْهِمْ رَأْىَ ٱلْعَيْنِ ۚ وَٱللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصْرِهِۦ مَن يَشَآءُ ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَعِبْرَةًۭ لِّأُو۟لِى ٱلْأَبْصَٰرِ
اُنھن ٻن ٽولين جي (پاڻ ۾) ويڙھ ڪرڻ ۾ اوھان لاءِ بيشڪ نشاني آھي، ھڪڙي ٽولي الله جي واٽ ۾ وڙھي ۽ ٻي (ڪافرن جي) ھئي (مسلمانن) کين پنھنجو ٻيڻو اکين جي ڏيٺ سان ڏٺو ٿي، ۽ الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پنھنجيءَ مدد سان سگھ ڏيندو آھي، ڇوته اُن ۾ (سمجھ جي) اکين وارن لاءِ ضرور عبرت آھي.
زُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ ٱلشَّهَوَٰتِ مِنَ ٱلنِّسَآءِ وَٱلْبَنِينَ وَٱلْقَنَٰطِيرِ ٱلْمُقَنطَرَةِ مِنَ ٱلذَّهَبِ وَٱلْفِضَّةِ وَٱلْخَيْلِ ٱلْمُسَوَّمَةِ وَٱلْأَنْعَٰمِ وَٱلْحَرْثِ ۗ ذَٰلِكَ مَتَٰعُ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۖ وَٱللَّهُ عِندَهُۥ حُسْنُ ٱلْمَـَٔابِ
ماڻھن لاءِ زالن ۽ پُٽن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جي (وڏن وڏن) سٿيلن ڍيرن ۽ نشان ڪيلن گھوڙن ۽ ڍورن ۽ پوک جي سڌن جو پيار سينگاريو ويو آھي، اِھو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آھي، ۽ الله وٽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.
۞ قُلْ أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيْرٍۢ مِّن ذَٰلِكُمْ ۚ لِلَّذِينَ ٱتَّقَوْا۟ عِندَ رَبِّهِمْ جَنَّٰتٌۭ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَا وَأَزْوَٰجٌۭ مُّطَهَّرَةٌۭ وَرِضْوَٰنٌۭ مِّنَ ٱللَّهِ ۗ وَٱللَّهُ بَصِيرٌۢ بِٱلْعِبَادِ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ ان کان ڀليءَ (شيء) جي سڌ ڏيان؟ جن (شرڪ کان) پاڻ بچايو تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن ۽ پاڪ زالون ۽ (پڻ) الله جي پاران راضپو آھي، ۽ الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.
ٱلَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَآ إِنَّنَآ ءَامَنَّا فَٱغْفِرْ لَنَا ذُنُوبَنَا وَقِنَا عَذَابَ ٱلنَّارِ
جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان توکي مڃيو آھي تنھنڪري اسان جا ڏوھ اسان کي بخش ۽ باہ جي عذاب کان اسان کي بچاءِ.
ٱلصَّٰبِرِينَ وَٱلصَّٰدِقِينَ وَٱلْقَٰنِتِينَ وَٱلْمُنفِقِينَ وَٱلْمُسْتَغْفِرِينَ بِٱلْأَسْحَارِ
اُھي صابر ۽ سَچا ۽ تابعداري ڪندڙ ۽ سخي ۽ پرڀاتين جو بخشش گھرندڙ آھن.
شَهِدَ ٱللَّهُ أَنَّهُۥ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ وَٱلْمَلَٰٓئِكَةُ وَأُو۟لُوا۟ ٱلْعِلْمِ قَآئِمًۢا بِٱلْقِسْطِ ۚ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
الله (ھي) گواھي ڏني آھي ته الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مَلائِڪ ۽ علم وارا (به) انصاف تي بيھڪ وارا ٿي (اِھا شاھدي ڏيندا آھن)، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.
إِنَّ ٱلدِّينَ عِندَ ٱللَّهِ ٱلْإِسْلَٰمُ ۗ وَمَا ٱخْتَلَفَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ إِلَّا مِنۢ بَعْدِ مَا جَآءَهُمُ ٱلْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۗ وَمَن يَكْفُرْ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ فَإِنَّ ٱللَّهَ سَرِيعُ ٱلْحِسَابِ
بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اِسلام آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن (اڳ) تڪرار نه ڪيو پر وٽن علم آيو تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ضد سببان (تڪرار ڪيائون)، ۽ جيڪو الله جي حڪمن کي نه مڃيندو ته بيشڪ الله (به) سگھو حساب وٺندڙ آھي.
فَإِنْ حَآجُّوكَ فَقُلْ أَسْلَمْتُ وَجْهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ ٱتَّبَعَنِ ۗ وَقُل لِّلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْأُمِّيِّۦنَ ءَأَسْلَمْتُمْ ۚ فَإِنْ أَسْلَمُوا۟ فَقَدِ ٱهْتَدَوا۟ ۖ وَّإِن تَوَلَّوْا۟ فَإِنَّمَا عَلَيْكَ ٱلْبَلَٰغُ ۗ وَٱللَّهُ بَصِيرٌۢ بِٱلْعِبَادِ
پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ پنھنجو مُنھن (يعني سر) مُون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن الله لاءِ نِوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اَٿوَ؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پُھچائڻ آھي، ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ يَكْفُرُونَ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ وَيَقْتُلُونَ ٱلنَّبِيِّۦنَ بِغَيْرِ حَقٍّۢ وَيَقْتُلُونَ ٱلَّذِينَ يَأْمُرُونَ بِٱلْقِسْطِ مِنَ ٱلنَّاسِ فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿا ڪُھن ۽ ماڻھن مان جيڪي (کين) اِنصاف جو حُڪم ڪن ٿا تن کي ٿا ڪُھن پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي سُڌ ڏي.
أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ حَبِطَتْ أَعْمَٰلُهُمْ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ وَمَا لَهُم مِّن نَّٰصِرِينَ
اِھي (اُھي) آھن جن جي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي ويئي، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي.
أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ نَصِيبًۭا مِّنَ ٱلْكِتَٰبِ يُدْعَوْنَ إِلَىٰ كِتَٰبِ ٱللَّهِ لِيَحْكُمَ بَيْنَهُمْ ثُمَّ يَتَوَلَّىٰ فَرِيقٌۭ مِّنْهُمْ وَهُم مُّعْرِضُونَ
(اي پيغمبر) جن کي ڪتاب مان ڪو ڀاڱو ڏنو ويو تن کي نه ڏٺو اَٿئي ڇا؟ (جو) الله جي ڪتاب ڏانھن (ھن لاءِ) سڏيا وڃن ٿا ته سندن وچ ۾ نبيرو ڪري پوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري ويندي آھي ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ (به) آھن.
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَالُوا۟ لَن تَمَسَّنَا ٱلنَّارُ إِلَّآ أَيَّامًۭا مَّعْدُودَٰتٍۢ ۖ وَغَرَّهُمْ فِى دِينِهِم مَّا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ
اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي چون ٿا ته باھ ڪن ڳاڻوَن ڏينھن کانسواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا رھيا تنھن کين سندن دين ۾ ٺڳيو آھي.
فَكَيْفَ إِذَا جَمَعْنَٰهُمْ لِيَوْمٍۢ لَّا رَيْبَ فِيهِ وَوُفِّيَتْ كُلُّ نَفْسٍۢ مَّا كَسَبَتْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
پوءِ ڪھڙو (حال ٿيندن) جڏھن کين اُھو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن ۾ گڏ ڪنداسين، ۽ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پُورو بَدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نه ڪبو.
قُلِ ٱللَّهُمَّ مَٰلِكَ ٱلْمُلْكِ تُؤْتِى ٱلْمُلْكَ مَن تَشَآءُ وَتَنزِعُ ٱلْمُلْكَ مِمَّن تَشَآءُ وَتُعِزُّ مَن تَشَآءُ وَتُذِلُّ مَن تَشَآءُ ۖ بِيَدِكَ ٱلْخَيْرُ ۖ إِنَّكَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرٌۭ
(اي پيغمبر) چؤ ته اي الله مُلڪ جا مالِڪ جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي بي مانو ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، ڇوته تون سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھين.
تُولِجُ ٱلَّيْلَ فِى ٱلنَّهَارِ وَتُولِجُ ٱلنَّهَارَ فِى ٱلَّيْلِ ۖ وَتُخْرِجُ ٱلْحَىَّ مِنَ ٱلْمَيِّتِ وَتُخْرِجُ ٱلْمَيِّتَ مِنَ ٱلْحَىِّ ۖ وَتَرْزُقُ مَن تَشَآءُ بِغَيْرِ حِسَابٍۢ
رات کي (گھٽائي) ڏينھن آڻين ٿو ۽ ڏينھن کي (گھٽائي) رات ۾ آڻين ٿو، ۽ مُئي مان جِيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مُئي کي ڪڍين ٿو، ۽ جنھن کي گھُرين تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھين.
لَّا يَتَّخِذِ ٱلْمُؤْمِنُونَ ٱلْكَٰفِرِينَ أَوْلِيَآءَ مِن دُونِ ٱلْمُؤْمِنِينَ ۖ وَمَن يَفْعَلْ ذَٰلِكَ فَلَيْسَ مِنَ ٱللَّهِ فِى شَىْءٍ إِلَّآ أَن تَتَّقُوا۟ مِنْهُمْ تُقَىٰةًۭ ۗ وَيُحَذِّرُكُمُ ٱللَّهُ نَفْسَهُۥ ۗ وَإِلَى ٱللَّهِ ٱلْمَصِيرُ
(گھُرجي ته) مُؤمن مُؤمنن کانسواءِ ڪافرن کي دوست نه بڻائين، ۽ جيڪو اِئين ڪندو تنھن جو الله (جي دين) سان (ڪُجھ) واسطو نه آھي ھِن کانسواءِ ته اِنھن (ڪافرن) کان پاڻ بچائڻ لاءِ بچاءُ ڪريو، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي.
قُلْ إِن تُخْفُوا۟ مَا فِى صُدُورِكُمْ أَوْ تُبْدُوهُ يَعْلَمْهُ ٱللَّهُ ۗ وَيَعْلَمُ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ قَدِيرٌۭ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جي لڪائيندؤ يا اُھو پڌرو ڪندؤ ته (به) اُن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سوبه) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي.
يَوْمَ تَجِدُ كُلُّ نَفْسٍۢ مَّا عَمِلَتْ مِنْ خَيْرٍۢ مُّحْضَرًۭا وَمَا عَمِلَتْ مِن سُوٓءٍۢ تَوَدُّ لَوْ أَنَّ بَيْنَهَا وَبَيْنَهُۥٓ أَمَدًۢا بَعِيدًۭا ۗ وَيُحَذِّرُكُمُ ٱللَّهُ نَفْسَهُۥ ۗ وَٱللَّهُ رَءُوفٌۢ بِٱلْعِبَادِ
اُنھيءَ ڏينھن سڀڪو (ماڻھو) جيڪو چڱو ڪم ڪيائين ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪيائين تنھن کي آڏو لھندو، (بڇڙي ڪم کي ڏسي) گھرندو ته جيڪر سندس ۽ اُن جي وچ ۾ گھڻي ڊيگھ ھجي ھا، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي گھڻو مھربان آھي.
قُلْ إِن كُنتُمْ تُحِبُّونَ ٱللَّهَ فَٱتَّبِعُونِى يُحْبِبْكُمُ ٱللَّهُ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ ۗ وَٱللَّهُ غَفُورٌۭ رَّحِيمٌۭ
(اي پيغمبر) چؤ ته جي اوھين الله کي دوست رکندا آھيو ته منھنجي تابعداري ڪريو ته الله اوھان کي دوست رکندو ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
قُلْ أَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَٱلرَّسُولَ ۖ فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ ٱلْكَٰفِرِينَ
(اي پيغمبر) چؤ ته الله ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦري ويا ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي.
۞ إِنَّ ٱللَّهَ ٱصْطَفَىٰٓ ءَادَمَ وَنُوحًۭا وَءَالَ إِبْرَٰهِيمَ وَءَالَ عِمْرَٰنَ عَلَى ٱلْعَٰلَمِينَ
بيشڪ الله آدم ۽ نُوح ۽ ابراھيم جي اولاد ۽ عِمران جي اولاد کي جھانن (وارن) تي سدورو ڪيو آھي.
ذُرِّيَّةًۢ بَعْضُهَا مِنۢ بَعْضٍۢ ۗ وَٱللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو نسل آھن، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
إِذْ قَالَتِ ٱمْرَأَتُ عِمْرَٰنَ رَبِّ إِنِّى نَذَرْتُ لَكَ مَا فِى بَطْنِى مُحَرَّرًۭا فَتَقَبَّلْ مِنِّىٓ ۖ إِنَّكَ أَنتَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
جڏھن عِمران جي زال چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار جيڪي مُنھنجي پيٽ ۾ آھي سو تولاءِ آجو ڪيل نذر ڪيم تنھنڪري مون کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.
فَلَمَّا وَضَعَتْهَا قَالَتْ رَبِّ إِنِّى وَضَعْتُهَآ أُنثَىٰ وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا وَضَعَتْ وَلَيْسَ ٱلذَّكَرُ كَٱلْأُنثَىٰ ۖ وَإِنِّى سَمَّيْتُهَا مَرْيَمَ وَإِنِّىٓ أُعِيذُهَا بِكَ وَذُرِّيَّتَهَا مِنَ ٱلشَّيْطَٰنِ ٱلرَّجِيمِ
پوءِ جنھن مھل اُن کي ڄڻيائين تڏھن چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون ڌيءُ ڄڻي، ۽ جيڪي اُن (بي بيءَ) ڄڻيو تنھن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، ۽ (چيائين ته) پُٽ ڌيءُ جھڙو نه آھي، ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ آءٌ اُن کي ۽ سندس نسل کي تڙيل شيطان (جي شر) کان تنھنجي پناھ ۾ سونپيان ٿي.
فَتَقَبَّلَهَا رَبُّهَا بِقَبُولٍ حَسَنٍۢ وَأَنۢبَتَهَا نَبَاتًا حَسَنًۭا وَكَفَّلَهَا زَكَرِيَّا ۖ كُلَّمَا دَخَلَ عَلَيْهَا زَكَرِيَّا ٱلْمِحْرَابَ وَجَدَ عِندَهَا رِزْقًۭا ۖ قَالَ يَٰمَرْيَمُ أَنَّىٰ لَكِ هَٰذَا ۖ قَالَتْ هُوَ مِنْ عِندِ ٱللَّهِ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ يَرْزُقُ مَن يَشَآءُ بِغَيْرِ حِسَابٍ
پوءِ اُن کي سندس پالڻھار چڱي قبولڻ سان قبوليو ۽ اُن کي چڱي پالڻ طرح پاليائين ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيائين، جڏھن ڪڏھن زڪريا مٿس حُجري ۾ لنگھندو ھو ته وٽس طعام (رکيل) لھندو ھو، (ھڪ وقت) چيائين ته اي مريم ھيءُ ڪٿان تولاءِ (آيو) آھي چيائين ته اِھو الله وٽان (آيو) آھي، چوته الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.
هُنَالِكَ دَعَا زَكَرِيَّا رَبَّهُۥ ۖ قَالَ رَبِّ هَبْ لِى مِن لَّدُنكَ ذُرِّيَّةًۭ طَيِّبَةً ۖ إِنَّكَ سَمِيعُ ٱلدُّعَآءِ
اُتي زڪريا پنھنجي پالڻھار کي سڏيو، چيائين اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽان مون کي چڱو اولاد بخش، ڇو ته تون دُعا جو ٻڌندڙ آھين.
فَنَادَتْهُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ وَهُوَ قَآئِمٌۭ يُصَلِّى فِى ٱلْمِحْرَابِ أَنَّ ٱللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحْيَىٰ مُصَدِّقًۢا بِكَلِمَةٍۢ مِّنَ ٱللَّهِ وَسَيِّدًۭا وَحَصُورًۭا وَنَبِيًّۭا مِّنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
پوءِ مَلائڪن سڏيس ۽ اُن مَسجد ۾ بيٺي نماز پڙھي ٿي (ملائڪن چيس ته) الله توکي يحيىٰ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏئي ٿو جو الله جي حُڪم (سان پيدا ٿيل عيسىٰ) جو سَچو ڪندڙ ۽ سردار ۽ جَتو سَتو ۽ صالحن مان پيغمبر آھي.
قَالَ رَبِّ أَنَّىٰ يَكُونُ لِى غُلَٰمٌۭ وَقَدْ بَلَغَنِىَ ٱلْكِبَرُ وَٱمْرَأَتِى عَاقِرٌۭ ۖ قَالَ كَذَٰلِكَ ٱللَّهُ يَفْعَلُ مَا يَشَآءُ
چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي پُٽ ڪئن ٿيندو جو بيشڪ مُون کي ته پوڙھائي اچي رسي آھي ۽ مُنھنجي زال سَنڍ آھي، (ملائڪ) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙيءَ طرح ڪندو آھي.
قَالَ رَبِّ ٱجْعَل لِّىٓ ءَايَةًۭ ۖ قَالَ ءَايَتُكَ أَلَّا تُكَلِّمَ ٱلنَّاسَ ثَلَٰثَةَ أَيَّامٍ إِلَّا رَمْزًۭا ۗ وَٱذْكُر رَّبَّكَ كَثِيرًۭا وَسَبِّحْ بِٱلْعَشِىِّ وَٱلْإِبْكَٰرِ
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُون کاءِ ڪا نشاني مُقرّر ڪر، (الله) فرمايو ته تنھنجي نشاني (ھيءَ) آھي ته ٽي ڏينھن اشاري کانسواءِ ماڻھن سان ڳالھائي نه سگھندين، ۽ پنھنجي پالڻھار کي گھڻو ياد ڪر ۽ صُبح جو ۽ سانجھيءَ جو ساراھِ.
وَإِذْ قَالَتِ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ يَٰمَرْيَمُ إِنَّ ٱللَّهَ ٱصْطَفَىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَٱصْطَفَىٰكِ عَلَىٰ نِسَآءِ ٱلْعَٰلَمِينَ
۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن چيو ته اي مريم الله توکي سڳورو ڪيو ۽ توکي پاڪ ڪيائين ۽ توکي جھانن جي زالن تي سڳورو ڪيائين.
يَٰمَرْيَمُ ٱقْنُتِى لِرَبِّكِ وَٱسْجُدِى وَٱرْكَعِى مَعَ ٱلرَّٰكِعِينَ
اي مريم پنھنجي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجدو ڪر ۽ رُڪُوع ڪندڙن سان گڏجي رُڪُوع ڪر.
ذَٰلِكَ مِنْ أَنۢبَآءِ ٱلْغَيْبِ نُوحِيهِ إِلَيْكَ ۚ وَمَا كُنتَ لَدَيْهِمْ إِذْ يُلْقُونَ أَقْلَٰمَهُمْ أَيُّهُمْ يَكْفُلُ مَرْيَمَ وَمَا كُنتَ لَدَيْهِمْ إِذْ يَخْتَصِمُونَ
اِھا ڳجھين خبرن مان آھي اُن کي توڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ (تون) تڏھن وٽن نه ھئين جڏھن پنھنجا قلم (پُکن لاءِ واھيءَ ۾) وڌائون ٿي ته اُنھن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو، ۽ تڏھن به وٽن نه ھئين جڏھن تڪرار ڪندا رھيا.
إِذْ قَالَتِ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ يَٰمَرْيَمُ إِنَّ ٱللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍۢ مِّنْهُ ٱسْمُهُ ٱلْمَسِيحُ عِيسَى ٱبْنُ مَرْيَمَ وَجِيهًۭا فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ وَمِنَ ٱلْمُقَرَّبِينَ
جڏھن ملائڪن مريم کي چيو ته اي مريم الله پاڻ وٽان توکي ھڪ (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل پٽ) جي خوشخبري ڏئي ٿو، سندس نالو عِيسىٰ پُٽ مريم جو مرتبي وارو دنيا ۽ آخرت ۾ ٿيندو ۽ ويجھن مان آھي.
وَيُكَلِّمُ ٱلنَّاسَ فِى ٱلْمَهْدِ وَكَهْلًۭا وَمِنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
۽ پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ جوانيءَ ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندو ۽ صالحن مان آھي.
قَالَتْ رَبِّ أَنَّىٰ يَكُونُ لِى وَلَدٌۭ وَلَمْ يَمْسَسْنِى بَشَرٌۭ ۖ قَالَ كَذَٰلِكِ ٱللَّهُ يَخْلُقُ مَا يَشَآءُ ۚ إِذَا قَضَىٰٓ أَمْرًۭا فَإِنَّمَا يَقُولُ لَهُۥ كُن فَيَكُونُ
چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي ڪئن وياءُ ٿيندو؟ جو مون کي (ڪنھين) ماڻھوءَ نه ڇھيو آھي، (ملائڪن) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙي طرح پيدا ڪندو آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي ته اُن لاءِ ڇڙو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.
وَيُعَلِّمُهُ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْحِكْمَةَ وَٱلتَّوْرَىٰةَ وَٱلْإِنجِيلَ
۽ کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريندو.
وَرَسُولًا إِلَىٰ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ أَنِّى قَدْ جِئْتُكُم بِـَٔايَةٍۢ مِّن رَّبِّكُمْ ۖ أَنِّىٓ أَخْلُقُ لَكُم مِّنَ ٱلطِّينِ كَهَيْـَٔةِ ٱلطَّيْرِ فَأَنفُخُ فِيهِ فَيَكُونُ طَيْرًۢا بِإِذْنِ ٱللَّهِ ۖ وَأُبْرِئُ ٱلْأَكْمَهَ وَٱلْأَبْرَصَ وَأُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰ بِإِذْنِ ٱللَّهِ ۖ وَأُنَبِّئُكُم بِمَا تَأْكُلُونَ وَمَا تَدَّخِرُونَ فِى بُيُوتِكُمْ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَةًۭ لَّكُمْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
۽ (اُن کي) بني اسرائيلن ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليندو، (عيسىٰ وڏو ٿيو ۽ چيائين ته) مون اوھان جي پالڻھار وٽان نشاني آندي آھي، ته آءٌ اوھان لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو (بوتو) بڻائيندس پوءِ منجھس ڦوڪيندس ته الله جي حُڪم سان پکي ٿيندو، ۽ (ماءُ ڄاول) اَنڌي ۽ ڪُوڙھي کي ڇُٽائيندس ۽ الله جي حُڪم سان مُئي کي جياريندس، ۽ جيڪي کائيندا آھيو ۽ جيڪي پنھنجن گھرن ۾ سانڀيندا آھيو سو اوھان کي ڏسيندس، جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو ته اوھان لاءِ اُن ۾ نشانيون آھن.
وَمُصَدِّقًۭا لِّمَا بَيْنَ يَدَىَّ مِنَ ٱلتَّوْرَىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعْضَ ٱلَّذِى حُرِّمَ عَلَيْكُمْ ۚ وَجِئْتُكُم بِـَٔايَةٍۢ مِّن رَّبِّكُمْ فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ
۽ جيڪو مون کان اڳ توريت (جو ڪتاب) آيل آھي تنھن جو سچو ڪندڙ آھيان ۽ جيڪي (شيون) اوھان تي حرام ڪيل آھن تن مان ڪي اوھان لاءِ حلال ڪندس ۽ اوھان جي پالڻھار وٽان اوھان لاءِ نشانيون آنديون اٿم، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ مُنھنجي تابعداري ڪريو.
إِنَّ ٱللَّهَ رَبِّى وَرَبُّكُمْ فَٱعْبُدُوهُ ۗ هَٰذَا صِرَٰطٌۭ مُّسْتَقِيمٌۭ
بيشڪ الله مُنھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اھا سنئين واٽ آھي.
۞ فَلَمَّآ أَحَسَّ عِيسَىٰ مِنْهُمُ ٱلْكُفْرَ قَالَ مَنْ أَنصَارِىٓ إِلَى ٱللَّهِ ۖ قَالَ ٱلْحَوَارِيُّونَ نَحْنُ أَنصَارُ ٱللَّهِ ءَامَنَّا بِٱللَّهِ وَٱشْهَدْ بِأَنَّا مُسْلِمُونَ
پوءِ جنھن مھل عيسىٰ کائن ڪُفر (جا ڪم) اکين سان ڏٺا (تنھن مھل) چيائين ته الله (جي دين) ڏانھن مُنھنجا واھرو ڪير آھن؟ حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا واھرو آھيون، الله کي مڃيوسون، ۽ شاھد ھُج ته اسين پَڪ مُسلمان آھيون.
رَبَّنَآ ءَامَنَّا بِمَآ أَنزَلْتَ وَٱتَّبَعْنَا ٱلرَّسُولَ فَٱكْتُبْنَا مَعَ ٱلشَّٰهِدِينَ
(چيائون) اي اسانجا پالڻھار جيڪي تو لاٿو سو مڃيوسون ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪئي سون تنھنڪري اسانکي شاھدن ۾ لک.
وَمَكَرُوا۟ وَمَكَرَ ٱللَّهُ ۖ وَٱللَّهُ خَيْرُ ٱلْمَٰكِرِينَ
۽ ((يھودين) رٿ رٿي ۽ الله به (ڳجھي) رٿ رٿي، ۽ الله چڱو (ڳجھي) رٿ رٿيندڙ آھي.
إِذْ قَالَ ٱللَّهُ يَٰعِيسَىٰٓ إِنِّى مُتَوَفِّيكَ وَرَافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَجَاعِلُ ٱلَّذِينَ ٱتَّبَعُوكَ فَوْقَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَٰمَةِ ۖ ثُمَّ إِلَىَّ مَرْجِعُكُمْ فَأَحْكُمُ بَيْنَكُمْ فِيمَا كُنتُمْ فِيهِ تَخْتَلِفُونَ
(ياد ڪر) جڏھن الله چيو ته اي عيسىٰ آءٌ توکي ماريندڙ ۽ پاڻ ڏانھن مٿاھون ڪندڙ آھيان ۽ جن ڪُفر ڪيو تن (جي بھتانن) کان توکي پاڪ ڪندڙ آھيان ۽ جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي قيامت تائين ڪافرن تي مٿاھون (غالب) ڪندڙ آھيان، وري مون ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي پوءِ اوھان جي وچ ۾ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو (تنھن بابت) نبيرو ڪندس.
فَأَمَّا ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فَأُعَذِّبُهُمْ عَذَابًۭا شَدِيدًۭا فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ وَمَا لَهُم مِّن نَّٰصِرِينَ
پوءِ (اُنھن مان) جن ڪُفر ڪيو تن کي دُنيا ۽ آخرت ۾ بلڪل سخت سزا ڏيندس، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو نه آھي.
وَأَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ فَيُوَفِّيهِمْ أُجُورَهُمْ ۗ وَٱللَّهُ لَا يُحِبُّ ٱلظَّٰلِمِينَ
۽ (اُنھن مان) جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (الله) سندن پورھيو پُورو ڏيندو، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.
ذَٰلِكَ نَتْلُوهُ عَلَيْكَ مِنَ ٱلْءَايَٰتِ وَٱلذِّكْرِ ٱلْحَكِيمِ
اھو (قصّو) جو توتي پڙھون ٿا سو نشانين ۽ حِڪمت واري ڪتاب مان آھي.
إِنَّ مَثَلَ عِيسَىٰ عِندَ ٱللَّهِ كَمَثَلِ ءَادَمَ ۖ خَلَقَهُۥ مِن تُرَابٍۢ ثُمَّ قَالَ لَهُۥ كُن فَيَكُونُ
الله وٽ عيسىٰ (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جھڙوئي آھي، اُن (آدم) کي مِٽيءَ مان بڻايائين وري اُن چيائين ته ٿي پؤ ته ٿي پيو.
ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّكَ فَلَا تَكُن مِّنَ ٱلْمُمْتَرِينَ
(اِھا ڳالھ) تنھنجي پالڻھار وٽان سچي آھي تنھنڪري شڪ ڪندڙن مان نه ھُج.
فَمَنْ حَآجَّكَ فِيهِ مِنۢ بَعْدِ مَا جَآءَكَ مِنَ ٱلْعِلْمِ فَقُلْ تَعَالَوْا۟ نَدْعُ أَبْنَآءَنَا وَأَبْنَآءَكُمْ وَنِسَآءَنَا وَنِسَآءَكُمْ وَأَنفُسَنَا وَأَنفُسَكُمْ ثُمَّ نَبْتَهِلْ فَنَجْعَل لَّعْنَتَ ٱللَّهِ عَلَى ٱلْكَٰذِبِينَ
پوءِ اُن پڄاڻا جو تو وٽ ڄاڻپ آئي جيڪو توسان اِن بابت جھڳڙو ڪري ته چؤ ته اچو ته (اسين) پنھنجن پُٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ پنھنجين زالن ۽ اوھان جي زالن ۽ پاڻ کي ۽ اوھان کي سڏيون، پوءِ زاريءَ سان دُعا گھرون پوءِ الله جي لَعنت ڪُوڙن تي ڪريون.
إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ ٱلْقَصَصُ ٱلْحَقُّ ۚ وَمَا مِنْ إِلَٰهٍ إِلَّا ٱللَّهُ ۚ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
اِھو قِصو ضرور سَچّو آھي، ۽ الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، ۽ الله ئي غالب حِڪمت وارو آھي.
فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌۢ بِٱلْمُفْسِدِينَ
پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته بيشڪ الله به فسادين کي ڄاڻندڙ آھي.
قُلْ يَٰٓأَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ تَعَالَوْا۟ إِلَىٰ كَلِمَةٍۢ سَوَآءٍۭ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ أَلَّا نَعْبُدَ إِلَّا ٱللَّهَ وَلَا نُشْرِكَ بِهِۦ شَيْـًۭٔا وَلَا يَتَّخِذَ بَعْضُنَا بَعْضًا أَرْبَابًۭا مِّن دُونِ ٱللَّهِ ۚ فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَقُولُوا۟ ٱشْهَدُوا۟ بِأَنَّا مُسْلِمُونَ
(اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھڪ ڳالھ ڏانھن اچو جا اسان ۽ اوھان جي وچ ۾ ھڪ جھڙي آھي ته الله کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ ڪريون ۽ نڪي اسان مان ڪو ڪنھن کي (به) الله ڌاران پالڻھار ڪري مڃي، پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته شاھد ھُجو ته اسين پڪ مُسلمان آھيون.
يَٰٓأَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ لِمَ تُحَآجُّونَ فِىٓ إِبْرَٰهِيمَ وَمَآ أُنزِلَتِ ٱلتَّوْرَىٰةُ وَٱلْإِنجِيلُ إِلَّا مِنۢ بَعْدِهِۦٓ ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
اي ڪتاب وارؤ ابراھيم بابت ڇالاءِ جھڳڙو ڪريو ٿا؟ ۽ توريت ۽ انجيل نه لاٿا ويا پر کانئس پوءِ، پوءِ اوھين نه سمجھندا آھيو ڇا؟
هَٰٓأَنتُمْ هَٰٓؤُلَآءِ حَٰجَجْتُمْ فِيمَا لَكُم بِهِۦ عِلْمٌۭ فَلِمَ تُحَآجُّونَ فِيمَا لَيْسَ لَكُم بِهِۦ عِلْمٌۭ ۚ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ وَأَنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
(اي يھوديؤ) اوھين اُھي آھيو جو جنھن شيء جي اوھان کي ڄاڻپ آھي تنھن بابت ته جھڳڙو ڪندا آھيو پر جي اوھان کي ڪا ڄاڻپ آھي ئي نه تنھن بابت ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟ ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
مَا كَانَ إِبْرَٰهِيمُ يَهُودِيًّۭا وَلَا نَصْرَانِيًّۭا وَلَٰكِن كَانَ حَنِيفًۭا مُّسْلِمًۭا وَمَا كَانَ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
ابراھيم نڪو يھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر حَنيف (ھڪ طرفو) مُسلمان ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.
إِنَّ أَوْلَى ٱلنَّاسِ بِإِبْرَٰهِيمَ لَلَّذِينَ ٱتَّبَعُوهُ وَهَٰذَا ٱلنَّبِىُّ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ۗ وَٱللَّهُ وَلِىُّ ٱلْمُؤْمِنِينَ
ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي.
وَدَّت طَّآئِفَةٌۭ مِّنْ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ لَوْ يُضِلُّونَكُمْ وَمَا يُضِلُّونَ إِلَّآ أَنفُسَهُمْ وَمَا يَشْعُرُونَ
ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي گھرندي آھي ته جيڪر اوھان کي ڀُلائين، ۽ اُھي پاڻ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نه ڀلائيندا آھن ۽ نه پروڙيندا آھن.
يَٰٓأَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ لِمَ تَكْفُرُونَ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ وَأَنتُمْ تَشْهَدُونَ
اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇالاءِ نه ٿا مڃو؟ ۽ حالانڪ اوھين شاھدي ڏيو ٿا.
يَٰٓأَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ لِمَ تَلْبِسُونَ ٱلْحَقَّ بِٱلْبَٰطِلِ وَتَكْتُمُونَ ٱلْحَقَّ وَأَنتُمْ تَعْلَمُونَ
اي ڪتاب وارؤ ڇالاءِ سچ کي ڪُوڙ سان ملائيندا آھيو ۽ سچ کي لڪائيندا آھيو؟ ھن ھوندي (به) جو اوھين ڄاڻندا آھيو.
وَقَالَت طَّآئِفَةٌۭ مِّنْ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ ءَامِنُوا۟ بِٱلَّذِىٓ أُنزِلَ عَلَى ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَجْهَ ٱلنَّهَارِ وَٱكْفُرُوٓا۟ ءَاخِرَهُۥ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
۽ ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي (پاڻ ۾) چوي ٿي ته جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته مانَ اُھي ڦري وڃن.
وَلَا تُؤْمِنُوٓا۟ إِلَّا لِمَن تَبِعَ دِينَكُمْ قُلْ إِنَّ ٱلْهُدَىٰ هُدَى ٱللَّهِ أَن يُؤْتَىٰٓ أَحَدٌۭ مِّثْلَ مَآ أُوتِيتُمْ أَوْ يُحَآجُّوكُمْ عِندَ رَبِّكُمْ ۗ قُلْ إِنَّ ٱلْفَضْلَ بِيَدِ ٱللَّهِ يُؤْتِيهِ مَن يَشَآءُ ۗ وَٱللَّهُ وَٰسِعٌ عَلِيمٌۭ
۽ جيڪو اوھان جي دين جي تابعداري ڪري تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه مڃيو، چئو ته ھدايت الله واري ھدايت آھي ۽ چون ٿا ته ھيءَ به نه مڃيو ته جھڙو (دين) اوھان کي ڏنو ويو آھي تھڙو دين اُنھن کي ڏنو ويندو يا اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان کي الزام ڏيندا، چؤ ته ڀلائي الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھا ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.
يَخْتَصُّ بِرَحْمَتِهِۦ مَن يَشَآءُ ۗ وَٱللَّهُ ذُو ٱلْفَضْلِ ٱلْعَظِيمِ
جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجي ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
۞ وَمِنْ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ مَنْ إِن تَأْمَنْهُ بِقِنطَارٍۢ يُؤَدِّهِۦٓ إِلَيْكَ وَمِنْهُم مَّنْ إِن تَأْمَنْهُ بِدِينَارٍۢ لَّا يُؤَدِّهِۦٓ إِلَيْكَ إِلَّا مَا دُمْتَ عَلَيْهِ قَآئِمًۭا ۗ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَالُوا۟ لَيْسَ عَلَيْنَا فِى ٱلْأُمِّيِّۦنَ سَبِيلٌۭ وَيَقُولُونَ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ وَهُمْ يَعْلَمُونَ
۽ ڪتاب وارن مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين ته اُھو (سمورو) توکي ورائي ڏيندا، ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن ھِڪ مُھر امانت رکين ته مٿن سدائين بيھڻ کانسواءِ توکي ورائي نه ڏيندا، اِھو (نه ڏئڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻڻ ھوندي به ڪُوڙ چوندا آھن.
بَلَىٰ مَنْ أَوْفَىٰ بِعَهْدِهِۦ وَٱتَّقَىٰ فَإِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلْمُتَّقِينَ
ھائو جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو ته بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ يَشْتَرُونَ بِعَهْدِ ٱللَّهِ وَأَيْمَٰنِهِمْ ثَمَنًۭا قَلِيلًا أُو۟لَٰٓئِكَ لَا خَلَٰقَ لَهُمْ فِى ٱلْءَاخِرَةِ وَلَا يُكَلِّمُهُمُ ٱللَّهُ وَلَا يَنظُرُ إِلَيْهِمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ وَلَا يُزَكِّيهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌۭ
جيڪي الله سان ڪيل انجامن ۽ پنھنجن قسمن جي عوض ٿورو مُلھ وٺندا آھن اِھي (اُھي) آھن جن کي آخرت ۾ ڪو بھرو نه آھي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن الله ساڻن ڳالھائيندو ۽ نڪي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ نڪي کين (گناھن کان) پاڪ ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
وَإِنَّ مِنْهُمْ لَفَرِيقًۭا يَلْوُۥنَ أَلْسِنَتَهُم بِٱلْكِتَٰبِ لِتَحْسَبُوهُ مِنَ ٱلْكِتَٰبِ وَمَا هُوَ مِنَ ٱلْكِتَٰبِ وَيَقُولُونَ هُوَ مِنْ عِندِ ٱللَّهِ وَمَا هُوَ مِنْ عِندِ ٱللَّهِ وَيَقُولُونَ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ وَهُمْ يَعْلَمُونَ
۽ منجھائن ھڪ ٽولي آھي جا ڪتاب (پڙھڻ) ۾ پنھنجين زبانن کي ھن لاءِ وچڙائيندي آھي ته ان کي اوھين ڪتاب مان ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو ڪتاب مان نه آھي، ۽ (پڻ) چوندا آھن ته اُھو الله وٽان آھي ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽان نه آھي، ۽ اُھي ڄاڻڻ ھوندي به الله تي ڪُوڙ چوندا آھن.
مَا كَانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤْتِيَهُ ٱللَّهُ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْحُكْمَ وَٱلنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقُولَ لِلنَّاسِ كُونُوا۟ عِبَادًۭا لِّى مِن دُونِ ٱللَّهِ وَلَٰكِن كُونُوا۟ رَبَّٰنِيِّۦنَ بِمَا كُنتُمْ تُعَلِّمُونَ ٱلْكِتَٰبَ وَبِمَا كُنتُمْ تَدْرُسُونَ
ڪنھن به ماڻھوءَ کي نه جڳائيندو آھي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي اُھو وري ماڻھن کي چوي ته الله کانسواءِ مُنھنجا ٻانھا ٿيو پر (چوندو ته) رب جا (سچا ٻانھان) ٿيو انھيءَ ڪري جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڻ انھيءَ ڪري جو پڙھو ٿا.
وَلَا يَأْمُرَكُمْ أَن تَتَّخِذُوا۟ ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ وَٱلنَّبِيِّۦنَ أَرْبَابًا ۗ أَيَأْمُرُكُم بِٱلْكُفْرِ بَعْدَ إِذْ أَنتُم مُّسْلِمُونَ
۽ ملائڪن ۽ پيغمبرن کي پالڻھار ڪري مڃڻ جو اوھان کي حڪم نه ڪندو، جڏھن اوھين خُدا جا فرمانبردار ٿيا ھجو ته پوءِ اوھان کي ڇو ڪُفر جو حُڪم ڪندو.
وَإِذْ أَخَذَ ٱللَّهُ مِيثَٰقَ ٱلنَّبِيِّۦنَ لَمَآ ءَاتَيْتُكُم مِّن كِتَٰبٍۢ وَحِكْمَةٍۢ ثُمَّ جَآءَكُمْ رَسُولٌۭ مُّصَدِّقٌۭ لِّمَا مَعَكُمْ لَتُؤْمِنُنَّ بِهِۦ وَلَتَنصُرُنَّهُۥ ۚ قَالَ ءَأَقْرَرْتُمْ وَأَخَذْتُمْ عَلَىٰ ذَٰلِكُمْ إِصْرِى ۖ قَالُوٓا۟ أَقْرَرْنَا ۚ قَالَ فَٱشْهَدُوا۟ وَأَنَا۠ مَعَكُم مِّنَ ٱلشَّٰهِدِينَ
۽ (ياد ڪر) جڏھن الله (سڀني) پيغمبرن کان انجام ورتو ته جيڪي ڪتاب ۽ حڪمت اوھان کي ڏيان تنھن کانپوءِ ھڪ پيغمبر جيڪو (علم) اوھان وٽ آھي تنھنجو سچو ڪندڙ اوھان وٽ اچي ته کيس ضرور مڃجو ۽ کيس ضرور مدد ڏجو، (الله) چيو ته اوھين اقرار ڪري چڪؤ ۽ اُن تي مُنھنجي (حُڪم جي) بار کي کنيوَ، چيائون ته اقرار ڪيوسون، (الله) چيو ته اوھين شاھد ھجو، ۽ آءٌ (به) اوھان سان گڏ شاھد آھيان.
فَمَن تَوَلَّىٰ بَعْدَ ذَٰلِكَ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْفَٰسِقُونَ
پوءِ جيڪي ھن پڃاڻان ڦرندا سي ئي بي دين آھن.
أَفَغَيْرَ دِينِ ٱللَّهِ يَبْغُونَ وَلَهُۥٓ أَسْلَمَ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ طَوْعًۭا وَكَرْهًۭا وَإِلَيْهِ يُرْجَعُونَ
الله جي دين کانسواءِ ڇو ٻيو (دين) طلبيندا آھن ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن تن سرھو توڙي ارھو ٿي کيس مڃيو آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندا.
قُلْ ءَامَنَّا بِٱللَّهِ وَمَآ أُنزِلَ عَلَيْنَا وَمَآ أُنزِلَ عَلَىٰٓ إِبْرَٰهِيمَ وَإِسْمَٰعِيلَ وَإِسْحَٰقَ وَيَعْقُوبَ وَٱلْأَسْبَاطِ وَمَآ أُوتِىَ مُوسَىٰ وَعِيسَىٰ وَٱلنَّبِيُّونَ مِن رَّبِّهِمْ لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ أَحَدٍۢ مِّنْهُمْ وَنَحْنُ لَهُۥ مُسْلِمُونَ
(اي پيغمبر) چؤ ته اسان الله کي ۽ جيڪي اسان تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ۽ جيڪي ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ (اُن جي) اولاد تي لاٿو ويو ۽ جيڪي موسٰي ۽ عيسٰي ۽ (ٻين) پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو تنھن کي مڃيون ٿا، اُنھن مان ڪنھن ھڪ ۾ فرق نه ٿا ڀانيون، ۽ اسان اُن (الله) کي مڃيندڙ آھيون.
وَمَن يَبْتَغِ غَيْرَ ٱلْإِسْلَٰمِ دِينًۭا فَلَن يُقْبَلَ مِنْهُ وَهُوَ فِى ٱلْءَاخِرَةِ مِنَ ٱلْخَٰسِرِينَ
۽ جيڪو اسلام ڌاران ٻيو دين طلبيندو تنھن کان اُھو ڪڏھن نه قبول ڪبو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي.
كَيْفَ يَهْدِى ٱللَّهُ قَوْمًۭا كَفَرُوا۟ بَعْدَ إِيمَٰنِهِمْ وَشَهِدُوٓا۟ أَنَّ ٱلرَّسُولَ حَقٌّۭ وَجَآءَهُمُ ٱلْبَيِّنَٰتُ ۚ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّٰلِمِينَ
الله اُن قوم کي ڪئن ھدايت ڪندو جي پنھنجي اِيمان آڻڻ کانپوءِ ڪافر ٿيا ۽ (پھريائين) اقرار ڪيائون ته پيغمبر سچو آھي ۽ وٽن معجزا (به) آيا، ۽ الله ظالم ٽولي کي ھدايت نه ڪندو آھي.
أُو۟لَٰٓئِكَ جَزَآؤُهُمْ أَنَّ عَلَيْهِمْ لَعْنَةَ ٱللَّهِ وَٱلْمَلَٰٓئِكَةِ وَٱلنَّاسِ أَجْمَعِينَ
اِھي اُھي آھن جن تي سزا (ھيءَ) آھي ته مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لَعنت آھي.
خَٰلِدِينَ فِيهَا لَا يُخَفَّفُ عَنْهُمُ ٱلْعَذَابُ وَلَا هُمْ يُنظَرُونَ
اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نه اُنھن کي مُھلت ڏبي.
إِلَّا ٱلَّذِينَ تَابُوا۟ مِنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ وَأَصْلَحُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌۭ رَّحِيمٌ
پر جن اُن کانپوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون، ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بَعْدَ إِيمَٰنِهِمْ ثُمَّ ٱزْدَادُوا۟ كُفْرًۭا لَّن تُقْبَلَ تَوْبَتُهُمْ وَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلضَّآلُّونَ
جن پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪُفر ڪيو وري ڪُفر ۾ وڌيا تن جي توبه ڪڏھن قبول نه ڪبي، ۽ اُھي ئي ڀليل آھن.
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَمَاتُوا۟ وَهُمْ كُفَّارٌۭ فَلَن يُقْبَلَ مِنْ أَحَدِهِم مِّلْءُ ٱلْأَرْضِ ذَهَبًۭا وَلَوِ ٱفْتَدَىٰ بِهِۦٓ ۗ أُو۟لَٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌۭ وَمَا لَهُم مِّن نَّٰصِرِينَ
جن ڪُفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن مان ڪو ھڪڙو اگرچه سڄيءَ زمين جيترو سونُ (پنھنجن گناھن جي) عوض ڏئي ته به اُھو اُن کان قبول نه ڪبو، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي.
لَن تَنَالُوا۟ ٱلْبِرَّ حَتَّىٰ تُنفِقُوا۟ مِمَّا تُحِبُّونَ ۚ وَمَا تُنفِقُوا۟ مِن شَىْءٍۢ فَإِنَّ ٱللَّهَ بِهِۦ عَلِيمٌۭ
چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو، ۽ جيڪا شيء (الله لڳ خرچيو سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي.